20 خميس , سيپٽمبر 2018

سانا  پاران شاگردياڻي نائلا رند جي قتل جي سخت مذمت

ٽورنٽو(ع آنيوز) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا nila-rind2سانا  پاران سنڌ يونيورسٽي جي شاگردياڻي نائلا رند جي قتل جي سختلفظن ۾  مذمت ڪئي وئي آهي. ان سلسلي ۾ سانا جي نئين چونڊجي آيل ايگزيڪيوٽو ڪائونسل جو پهريون اجلاس سانا جي مرڪزي صدر محمد علي مهر جي صدارت هيٺ ٿي گذريو۔  گڏجاڻي ۾ نائلا رند قتل معاملي ۽ سانا جي سالياني ڪنوينشن بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي۔ اجلاس دوران نائلا رند معاملي جي مختلف پهلوئن تي ڳالهائيندي سانا جي صدر محمد علي مهر، خالد ميمڻ، غلام محي الدين مورائي، وشنو اُڪراڻي، ذاڪر بُلو، ڪومل ڀٽو، حسنين شيخ ۽ ممتاز لانگاهه چيو ته اهڙن واقعن سان سنڌ ۾ نياڻين جي تعليم تي ناڪاري اثر پوندا۔ هنن چيو ته نائلا رند هڪ باڪردار هوشيار ۽ پنهنجي شعبي جي پوزيشن هولڊر شاگردياڻي هئي۔ سندس موت کي آپگهات جو نالو ڏئي ڪيس دٻائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي۔ سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا نائلا رند جي قتل جي سخت لفظن ۾‌ مذمت ڪري ٿي ۽ سنڌ حڪومت سميت لاڳاپيل ادارن کان هن قتل جي آزاد ۽ شفاف جاچ سميت سندس قاتلن جي جلد گرفتاري جو مطالبو ڪري ٿي۔ پڌرائي موجب سانا جو ساليانو ڪنوينشن تاريخ 30 جون کان 3 جولاءِ تائين آمريڪا جي  مِزوري رياست جي شهر سينٽ لوئس ۾ منعقد ڪيو ويندو۔

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڏهرڪي ۾ دماغي توازن درست نه هجڻ سبب نوجوان جو ماڻهن تي حملو، ڪيترائي زخمي 

ڏهرڪي(ويب ڊيسڪ)  ويجهو دماغي توازن درست نه هجڻ سبب نوجوان ڪيترن ئي واٽهڙن کي ڏاٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے