25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نائله قتل ڪيس: سنڌ يونيورسٽي جي شاگرد سميت 2 ڄڻا گرفتار

nila-rind

ڄامشورو(ع آ نيوز) سنڌ يونيورسٽي ۾مبينا قتل ٿيل شاگردياني نائله رند جي قتل جي شڪ ۾ يونيورسٽي جي شاگرد سميت ٻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار شاگرد انيس خاصخيلي جو تعلق سنڌ يونيورسٽي جي انگريزي شعبي سان آهي، جيڪو نائله جو ڪلاس فيلو هو. پوليس موجب موبائل ڊيٽا جي جاچ کانپوءِ شاگرد ۽ ٻئي هڪ شڪي همراهه کي گرفتار ڪيو ويو آهي. 31 ڊسمبر تي نائله پنهنجي ڪلاس فيلو شاگرد انيس خاصخيلي  سان 24 منٽن تائين موبائل تي ڳالهه ٻول ڪئي هئي. ٻئي پاسي پوليس پاران وڌيڪ جاچ لاءِ ڏهه کان وڌيڪ ماڻهن کان پڇا ڳاڇا به ڪئي پئي وڃي.  37

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے