26 اربع , سيپٽمبر 2018

حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار شاگردياڻي نائلا جي پر اسرار موت جي شفاف جاچ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي خط لکي ڇڏيو

naila-rindحيدر آباد(ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار شاگردياڻي نائلا جي پر اسرار موت جي شفاف جاچ لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ کي خط لکندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ايس ايس پي ڄامشورو کي يونيورسٽي انتظاميا طرفان اڻڳڻيون سهولتون مليل آهن ۽ هو ڪيس کي لئي مٽي ڪري سگهي ٿو، ان لاءِ جاچ عدالتي ڪميشن يا ڊي آءِ جي سطح جي آفيسر کان ڪرائي وڃي. حيدرآباد ڊسٽرڪٽ بار جي سيڪريٽري امداد علي انڙ طرفان سنڌ هاءِ ڪورٽ کي خط لکيو ويو آهي، جنهن  ۾ ايس ايس پي ڄامشورو طارق ولايت تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو ويو آهي. خط ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته يونيورسٽي انتظاميا ۽ پوليس بنا جاچ جي واقعي کي آپگهات قرار ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ناري جي وارثن جو چوڻ آهي ته نائلا جي جسم تي تشدد جا نشان آهن. خط ۾ چيو ويو ته ايس ايس پي ڄامشورو کي يونيورسٽي انتظاميا طرفان بنگلو ۽ ٻيون سهولتون ڏنل آهن ان لاءِ مٿس اعتماد ناهي ۽ هو ڪيس کي ياته لئي مٽي ڪري ڇڏيندو يا وري ان جو رخ مٽائي ڇڏيندو. خط ۾ چيو ويو ته نائلا رڳو پنهنجي مائٽن جي نه پر سڄي قوم جي نياڻي هئي، سندس خون سان انصاف ٿيڻ گهرجي، ان لاءِ جاچ عدالتي ڪميشن يا ڊي آءِ جي سطح جي آفيسر کان ڪرائي وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ ۾ ڪرپٽ ۽ پنهنجا نوازي ورتل سرڪاري آفيسرن جي ڊيٽا تيار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ بدعنوان ۽ سياسي پشت پناهي رکندڙ سرڪاري آفيسرن جي تفصيل گڏ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے