11 پیر , دسمبر 2017

 اهڙا پراڊڪٽ جيڪي ماءُ بڻجندڙ عورتن لاءِ خطرناڪ، سائنسدانن وڏي خطري کان آگاهه ڪري ڇڏيو

2لنڊن (ع آ نيوز) سائنسدانن ماءُ بڻجندڙ عورتن کي خبردار ڪيو آهي ته هو ماءُ بڻجڻ دوران ڪو به بيوٽي پراڊڪٽ بنهه استعمال نه ڪن. تازي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو آهي ته بيوٽي پراڊڪٽ جهڙوڪ: ڊيوڊرينٽ، لپ سٽڪ ۽ سينٽ ۾ شامل ڪمپاوئڊ ماءُ بڻجندڙ عورتن لاءِ انتهائي خطرناڪ هوندو آهي، انهن شين ۾ مڪس ٿيل ڪيميڪل بيسفونال ايس (BPS) ماءُ بڻجندڙ عورتن جي اهڙي حالت ڪري ڇڏيندو آهي ته هو پنهنجي ٻارن جي ضرورتن تي ڌيان ڏيڻ کان محروم ٿي وينديون آهن. ميساچيوسٽس يونيورسٽي ۾ ڪوئن تي استعمال ڪيل BSP پنهنجو اثر ڏيکاريو ۽ اُها ڳالهه مشاهدي ۾ آئي ته 10 سيڪڙو ڪوئن جا ٻار ماءُ جو ڌيان نه هجڻ سبب مري ويندا آهن، تحقيق ڪندڙ لارا وينڊين برگ جو چوڻ آهي ته BSP جي ڪري ماءُ جي شخصيت ۾ تبديلي ايندي آهي، جنهن ڪري هو پنهنجي ٻارن جي حوالي سان لاپرواهه ٿي ويندي آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هاڻ 18 ورهين جي ڄمار کان پوءِ به قد وڌائي سگهجي ٿو!

لنڊن(ويب ڊيسڪ) توهان اهو ٻڌو هوندو ته عام طور 18 ورهين کان پوءِ انسان جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے