16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

سنڌ حڪومت 94 مدرسن تي پابندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

murad-ali-shah-in-meeting

ڪراچي(ع آ نيوز) سنڌ حڪومت وفاق کي 94 مدرسن تي پابندي جي دخواست ڪري ڇڏي آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته مرڪزي حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد ۾ ناڪام ٿي وئي آهي، ڪراچي ۾ مڪمل امن قائم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻا پوندا. ڪراچي ۾ سنڌ ايپيڪس ڪميٽي جو اجلاس وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزير ڄام خان شوري، ڪور ڪمانڊر ڪراچي، آءِ جي سنڌ، گھرو سيڪريٽري ۽ ٻين اعلي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي گھرو سيڪريٽري ٻڌايو ته نيشنل ايڪشن پلان جي شروعات کان وٺي هيل تائين 16 قيدين کي موت جي سزا ٻڌائي وئي. فوجي عدالتن مان به 13 قيدين کي ڦاهيءَ جي سزا ٻڌائي وئي پر انهن تي عمل نه ٿي سگھيو آهي. گھرو سيڪريٽري موجب وفاقي گھرو وزارت کي فوجي عدالتن ۾ هلائڻ لاءِ موڪليل 105 ڪيسن مان صرف 29 کي ڪليئر ڪيو.  گھرو سيڪريٽري وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ 10 هزار 33 مدرسن مان 7 هزار 724 فعال آهن، جن ۾ 818 پرڏيهين سميت 5 لک کان وڌيڪ کٿابي تعليم پرائي رهيا آهن. وفاقي گھرو وزارت کي 94 مدرسن تي پابندي جي درخواست ڪئي آهي. گھرو سيڪريٽري موجب ڪراچي ۾ 581 ماڻهن جا نالا فورٿ شيڊل ۾ آهن، وڌيڪ ست ڄڻن جا نالا شامل ڪرڻ لاءِ گھرو وازارت کي چيو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪائنوٽر ٽيررازم فورس ۾ ست سئو اهلڪار ڀرتي ڪري چڪا آهيون. هن چيو ته هندو ميرج ايڪيٽ زوري شادي جو بل تيار ڪيو پيو وڃي. اقليتن جي مذهبي مقامن تي ڪيمرائيون لڳايون وينديون. هن چيو ته اسٽريٽ ڪرائمز ۾ ڪنهن حد تائين گھٽتائي ٿي آهي.اجلاس ۾ اسٽريٽ ڪرمنل، ڊرگ مافيا، لينڊ مافيا خلاف سخت ڪارروائين جي به منظوري ڏني وئي.  ڪور ڪمانڊر ڪراچي اجلاس کي يقين ڏياريو ته ڪومبنگ آپريشن ۾ ڀرپور سهڪار ڪيو ويندو. ڊي ايڇ اي کان فرانزڪ ليب لاءِ زمين حاصل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته نون ڀرتي ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي تربيت لاءِ به ڀرپور سهڪار ڪنداسين. ان موقعي تي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته اسٽريٽ ڪرائم جي خاتمي لاءِ پڪو پهه ڪيو آهي.  ڪراچي ۾ پڪو امن ڪرڻ لاءِ وڌيڪ قدم کڻڻ گھرجن. هن چيو ته سنڌ حڪومت نيپ تي عمل لاءِ سنجيده آهي، پر وفاقي حڪومت نيشنل پلان جي اهم حصن تي عمل ۾ ناڪام رهي. هن چيوته غيرقانوني پناهگيرن جي واپسي تي به ڪا خاص اڳڀرائي ناهي ٿي سگھي. پابندي پيل تنظيمن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گھرجي پر اهي سري عام اجلاس ۽ جلسا ڪري رهيون آهن. مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته نيڪٽا کي فعال ڪيو ويو پر اڃا تائين ڪجھه ناهي ڪيو ويو. اسٽريٽ ڪرائم، ڊرگ مافيا، لينڊ مافيا ۽ ڀتا خوري کي به ٽارگيٽيڊ آپريشن ۾ شامل ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جيستائين دنيا آهي، اسان جو وطن به قائم رهندو: خورشيد شاهه

سکر (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے