17 اڱارو , جولاءِ 2018

غيرت نالي قتل خلاف چارلس نيپئر جهڙي فرمان جي ضرورت آهي: تکيون مٺيون ڳالهيون

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) سپريم ڪورٽ ۾ هڪ به سنڌي جج ناهي، سنڌ حڪومت خراب اعمالن سبب ان معاملي تي چپ آهي، غيرت جي نالي تي قتل روڪڻ لاءِ چارلس نيپئر جهڙي فرمان جي ضرورت آهي. عمرڪوٽ ۾ نياڻي سان لڄالٽ جو جرڳو حيا جون هڙئي حدون اورانگهڻ برابر آهي. عوامي آواز ٽي وي جي تکيون مٺيون ڳالهيون پروگرام ۾ ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ ڊاڪٽر قاسمراڄپر جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ گهڻي ڪرپشن زمينن تي ٿئي ٿي، جن جو ڪو حساب ئي ناهي، تڪڙي انصاف سان ڪرپشن گهٽ ٿي سگهي ٿي، التويٰ ۾ پيل لکين ڪيس اڪلائڻ لاءِ شام جو به عدالتون هلائڻ گهرجن، هنن چيو ته افتخار چوڌري جي بحالي واري تحريڪ جو حقيقي هيرو راڻا ڀڳوانداس هو، جنهن ڪو به دٻاءُ قبول نه ڪيو. جيڪب آباد ۾ شادي رات قتل ڪيل خانزادي لاشاري جي واقعي تي ڳالهائيندي هنن چيو ته چارلس نيپئر جي فرمان جهڙن سخت قانونن جي ضرورت آهي، جنهن سان ڪاروڪاري تحت ٿيندڙ قتل ختم ٿي ويندا. هن چيو ته عمرڪوٽ جي غلام نبي شاهه ۾ نينگري سان لڄالٽ تي ٿيل جرڳو شرمناڪ عمل آهي. ڊي آءِ جي ميرپورخاص جاويد عالم اوڍو جي هجڻ سبب متاثر خاندان جي مالڪي ته ٿي پر مقامي وڏيرن قانوني گرفت کان بچڻ لاءِ جرڳو ڪرائي  نياڻي جي عزت 30 مڻ ڪڻڪ رکي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Equality of women not showing in the general election

جنرل اليڪشن ۾ عورتن جي نمائيندگي نه هجڻ جي برابر  | پروگرام : اليڪشن 2018

عوامي آواز |  جنرل اليڪشن ۾ عورتن جي نمائيندگي نه هجڻ جي برابر  | پروگرام : …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے