19 اربع , سيپٽمبر 2018

ڀتو نه ڏيڻ تان بلديا ۾ فيڪٽري کي باهه ڏني: رحمان ڀولا اعترافي بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو

downloadڪراچي(ع آنيوز) ڪراچي جي علائقي بلديا ٽائون ۾ ڪجھه سال اڳ فيڪٽري کي باهه ڏيڻ واري ڪيس جي مک جوابدار متحده جي عهديدار رحمان عرف ڀولا پنهنجو اعترافي بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي. رحمان ڀولا پنهنجو بيان ڪراچي جي عدالت ۾ رڪارڊ ڪرايو، جنهن ۾ هن چيو آهي ته بلديا فيڪٽري کي باهه متحده جي سيڪيٽر انچارج لڳرائي. فيڪٽري کي باهه ڀتو نه ڏيڻ تان لڳائي وئي. هن چيو ته علي انٽرپرائزز فيڪٽري کي باهه ايم ڪيو ايم جي تڏهوڪي سيڪٽر انچارج حماد صديقي جي چوڻ تي فيڪٽري کي باهه ڏني. رحمان ڀولا جي اعترافي بيان کانپوءِ عدالت کيس وڌيڪ رمانڊ تي جيل اماڻي ڇڏيو. واضح رهي ته بلديا ٽائون ۾ فيڪٽري کي باهه جي نتيجي ۾ اڍائي سئو کان وڌيڪ ماڻهو سڙي مارجي ويا هئا. 37

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے