19 اربع , سيپٽمبر 2018

جرڳائي وڏيرن پاران نياڻيءَ جي عزت جو اگهه 30 مڻ ڪڻڪ مقرر!!

عمرڪوٽ ضلعي جي شهر غلام نبي شاهه ۾ 14 ورهين جي معصوم نياڻيءَ جي زوري زنا کان پوءِ هڪ جرڳي ۾ سندس والد کي انصاف طور 30 مڻ ڪڻڪ ڏنڊ طور ڀري ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اهو فيصلو علائقي جي بااثر زميندار ڪيو آهي.

واقعي جا تفصيل هينئن آهن ته، علائقي ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ نياڻيءَ سان زبردستي ڪئي وئي. مظلوم نياڻيءَ جي ڀاءُ ساجن شيخ ان ظلم خلاف حد جي ٿاڻي ۾ ايف آءِ آر داخل ڪرائي، جنهن جي جواب ۾ پوليس مڙسي ڪري مُک جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. جڏهن به مُک جوابدار گرفتار ٿيندا آهن ته پوءِ وڏيرڪي سماج ۾ جرڳا سرگرم ٿيندا آهن. سڀ کان اول مظلوم ڪٽنب کي اها ايف آءِ آر واپس وٺڻ جو چيو ويو، زور بار نه هليو ته جرڳو ويٺو. ”عالي محترم جناب“ وڏيري پنهنجي انصاف جا سمورا درياءَ وهائي پنهنجي سموري حياتي جي انوکي تاريخ لکندي اهو فيصلو لکايو ته ان ”زبردستي“ جي اُتر ۾ ” 30 مڻ ڪڻڪ“ جوابدار ڌر ڀري ڏيندي.

معصوم نياڻيءَ جي والد جڏهن جرڳو نه مڃيو ته کيس ٽپڙ ٻڌي ڳوٺ ڇڏڻ جو چيو ويو. هن اها ڳالهه ميرپورخاص جي ڊي آءِ جي مسٽر جاويد اُڍو ان واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي متاثر ڪٽنب جي بچاءَ ۽ ڪيس جي ضروري پوئواري جا تڪڙا آرڊر جاري ڪري ڇڏيا آهن. جڏهن ته حد جو صوبيدار عارف ڀٽي ظلم خلاف سامهون بيٺو آهي.

هي فيصلو، جنهن به ڪيو آهي، ان جرڳي ۾ جيڪي به موجود هيا، انهن کي ان ظلم خلاف جيڪا نفرت هجڻ گهرجي اها ڪٿي آهي؟ جن به ”عزتن جي نيلام گهر“ ۾ ويهي اهو فيصلو ڪيو آهي ڇا انهن کي اها خبر آهي ته انهن سميت دنيا جي هر قسم جي انسانن کي جنم ڏيندڙ جيڪا ماءُ آهي تنهن جي عزت جو اگهه ڪندي کين ان واقعي کي پاڻي سان لوڙهڻ کان اڳ ڪو شرم، حياءُ ۽ ان واقعي تي اکين ۾ ڪو پاڻي ڀرجي آيو يا ان کي مڙيئي ڳالهه سمجهي مڙيئي فيصلو ڪيو ويو.؟

اڄ سنڌ جي عدالتن، سنڌ جي پوليس ۽ سنڌ جي سماج کان ساجن جي ايف آءِ آر ڪوبه سوال پڇڻ کان سواءِ انصاف ٿيڻ جي آس کڻي اوهان جي سامهون موجود آهي. اچو ته ، ان نياڻي، انصاف ۽ انسانيت جي پاسي ۾ رهي انهن جي مدد ڪريون.

3

هي به ڏسي سگهو ٿا

نئين بجيٽ ۽ ٽيڪسن جو سوال….

گذريل حڪومت ويندي ويندي جيڪا ٽن مهينن جي بجيٽ پيش ڪئي هُئي، ان بعد تحريڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے