26 اربع , سيپٽمبر 2018

ايران ۽ پاڪستان جو ”ڏي سوال-وٺ جواب“ واري مشق

پرڏيهي کاتي جي ترجمان نفيس ذڪريا چيو آهي  ته ڀارتي ايجنسي ”را“ جي ايجنٽ ڪلڀوشڻ ياديو جي اعترافي بيان پٽاندڙ سرڪار پاڪستان ۾ ڀارتي مداخلت جو معاملو پهرين ئي گڏيل قومن ۾ کنيو آهي، گذريل سال اسان ڀارتي ڳجهي اداري جي پاڪستان ۾ سرگرمين جا ثبوت گڏيل قومن کي ڏنا آهن. هن چيو ته ڀارت هاڻي ڪلڀوشڻ ياديو کي پنهنجو ايجنٽ مڃي يا نه مڃي پر ڀارتي ايجنٽ پاڻ اهو اعتراف ڪري چڪو آهي. هن چيو ته را جي ايجنٽ جي گرفتاري کانپوءِ وڌيڪ ثبوت گڏ ڪيا پيا وڃن.

هن چيو ته ڪلڀوشڻ ياديو جي گرفتاري کانپوءِ پاڪستان ايران سان رابطي ۾ آهي ۽ ايران خاطري ڪرائي آهي ته ايران جي سرحد کي پاڪستان جي خلاف استعمال ٿيڻ نه ڏنو ويندو. هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي را جي فنڊنگ جو معاملو گهرو وزارت ڏسي رهي آهي. جڏهن ته، پاڪستان ايران کان را جي هڪ ٻئي ايجنٽ راڪيش عرف رضوان جي حوالگي جو مطالبو ڪيو آهي.ان سلسلي ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري عارف احمد خان پاڪستاني سرڪار طرفان ايراني گهرو وزارت کي خط موڪليو آهي، پاڪستان ۾ مقرر ايران جي سفير مهدي هنر دوست ذريعي موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته ڪل ڀوشن ياديو عرف حسين مبارڪ پٽيل اربين ڊالرن جي پاڪ چين اقتصادي راهداري کي ناڪام بڻائڻ جي ڪوشش ۾ هو، خط ۾ چيو ويو آهي ته ايران را جي پاڪستان مخالف سرگرمين کي سنجيده طور ڏسي، پاڪ ايران سرحد جي خودمختياري لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن.

هن چيو ته، ايراني سرڪار کان خط ۾ ڇهن اسمن تي سهڪار گهريو ويو آهي. جن ۾ پهريون مطالبو ڪل ڀوشڻ ياديو جي ساٿي ”را“ جي سب انسپيڪٽر راڪيش عرف رضوان جي حوالگي، ٻيو ايران م سندس سرگرمين جو وچور، سندس رهڻ ۽ ڪل وقت رهڻ جا تفصيل، سندس ڪاروبار ۽ رابطا، ايران ۾ ”را“ جي نيٽ ورڪ جي موجودگي ۽ ٻي هرقسم جي ڄاڻ بابت لکيو ويو آهي.

ڪالهه ان خط جي جواب ۾، سفارتي طور ايران ”را“ ايجنٽ جي انڪشافن بابت پنهنجو موقف ڏئي ڇڏيو آهي. ايراني سفير هنر مهدي دوست وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار سان ملاقات ۾ ڀارتي ايجنسي ”را” جي ايجنٽ جي انڪشافن واري معاملي تي ايراني سرڪار جو موقف پيش ڪري ڇڏيو آهي. ٻنهي ڄڻن ان باري ۾ ڪالهه اسلام آباد ۾ تفصيلي ڳالهيون ڪيون. ايراني سفير ان ايجنٽ باري ۾ ايراني سرڪار جو موقف پاڪستان جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي. ايراني سفير هنر مهدي دوست چيو ته ايران پاڪستان سان ڀائراڻا لاڳاپا چاهي ٿو، ايراني سرزمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

پاڪستان ۽ ايران کي سموري سفارتي سرگرمين سان گڏ ٻنهي ملڪن وچ ۾، جيڪي به اهم واپاري ۽ اقتصادي ڳالهيون عمل ۾ اچي سگهن ٿيون، انهن جي باري ۾ سرڪار کي اوليت جي بنياد تي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان – هندستان ڇڪتاڻ هاڻي ختم ٿيڻ گهرجي…

پاڪستان ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت قائم ٿيڻ کانپوءِ حڪومت سازيءَ جي عمل مڪمل ٿيڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے