23 ڇنڇر , جون 2018

فلم ”وجهه تم هو“ ۾ نڀايل ڪردار تي ماءُ ڪاوڙيل آهي: ثنا خان

sana-khanممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي خوبصورت اداڪارا ثنا خان فلم ”وجهه تم هو“ ۾ خراب سين عڪسبند ڪرائڻ تي ماءُ طرفان ڪاوڙ جي اظهار جو اعتراف ڪري ورتو آهي. ثنا خان اڄڪلهه پنهنجي نئين آيل فلم ”وجهه تم هو“ ۾ خراب سين عڪسبند ڪرائڻ تي خبرن جي سونهن بڻيل آهي پر هاڻ اداڪارا کي پنهنجا وارث به ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائي رهيا آهن. ميڊيائي رپورٽن موجب ثنا خان جي ماءُ فلم ”وجهه تم هو“ ۾ بولڊ منظرن جي شوٽنگ ڪرائڻ تي ڌيءُ سان ڏاڍي ڪاوڙيل آهي، جنهن جو اعتراف ثنا خان پاڻ ڪيو آهي. هڪ انٽرويو دوران ثنا خان جو چوڻ هو ته منهنجي ماءُ فلم ۾ خراب سين عسڪبند ڪرائڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهي آهي پر مون کي اميد آهي ته امڙ جلد فلم ۾ بولڊ منظر عسڪبند ڪرائڻ جي مجبوري کي سمجهي ويندي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

The tribe of Amjad Siddiqui was defeated for two years

قوال امجد صابري کي وڇڙي ٻه ورهيه وهامي ويا

ڪراچي(شوبز نيوز) مشهور قوال امجد صابري کي مداحن کان وڇڙي 2 ورهه وهامي ويا. امجد …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے