18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

رمضان شگرمل واقعو نواز سرڪار لاءِ خطرناڪ آهي: تکيون مٺيون ڳالهيون

ڪراچي (عوامي آواز نيوز ) ملڪي حالتون ٺيڪ  ڪرڻ لاءِ آپريشن  دائمي نه پر عارضي حل آهي، رمضان شگر ملز واقعو نواز شريف جي اقتدار جي گئس لائين ڪٽجڻ جي برابر آهي، لاهور ۽ اسلام آباد واقعا طئي ٿيل اسڪرپٽ جو حصو آهن، اي ڊي خواجا کي بااختيار نه بڻايو ويو ته هو عهدو  ڇڏي ڏيندو، عوامي آواز ٽي وي جي پروگرام تکيون مٺيون ڳالهيون ۾ڊاڪٽر ايوب شيخ ۽ ڊاڪٽر قاسم راڄپر  جو چوڻ هو ته  نظام مصطفيٰ جي نالي ۾ جمهوريت نامنظور واري تحريڪ هلائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، 1977ع ۾ به ايئن ڪيو ويو هو، بريلوي جماعت جي علامه شاهه احمد نوراني مخالفت ڪئي ته  سڄي ملڪ ۾ بريلوي جماعت لاٿ ۾اچي وئي، شاهه احمد نوراني جو لاڙو عرب ملڪن ڏانهن هو جڏهن ته ان ئي  دور ۾ آمريڪا ايشيا اندر سوڙهو ٿي چڪو هو، ذوالفقار  علي ڀٽي  جو اقتدار، روس ۾ ڪميونسٽ حڪومت، هندستان جو روس سان هجڻ ۽ چين جي مخالفت سبب آمريڪا  کي پاڪستان ۾ جاءِ ٺاهڻي هئي، 77ع واري  تحريڪ ڊالرن واري تحريڪ  هئي، ڇاڪاڻ ته مذهبي جماعتن جي جلوسن تي ڊالر اڇلايا ويا. هنن چيو ته  ايراني صدر جو دورو، لاهور، واقعو، ڪل ڀوشن جي گرفتاري تمام ، اهم واقعا آهن، هنن چيو ته ممتاز قادري جو وقت کان اڳ چاليهو ملهائڻ ۽ اسلام آباد  ۾ سني جماعتن کي ڇوٽ ڇڏڻ ساڳئي اسڪريٽ جو حصو  آهن، وفاقي گهرو وزير مذهبي ڪارڪنن جي گندي زبان ۽ اهلڪارن تي تشدد جو نوٽيس ڇو نه ورتو، هنن  چيو ته جناح کان نواز شريف تائين سڀني کي مشروط طور اقتدار ڏنو ويو آهي، آصف زرداري به قيدي صدر طور رهيو، هنن چيو ته آپريشن عارضي  حل ته ٿي سگهي ٿو،  پر ملڪي حالتون ٺيڪ ڪرڻ جو دائمي حل سياسي پارٽين کي سڌارڻ ۾ آهي، هنن چيو ته سنڌ حڪومت اندروني افراتفري ۽ انتشار جو شڪار آهي، ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي لاءِ جاري ٿيل اڍائي ڪروڙ حساس معاملو آهي، سنڌ حڪومت تعليم، صحت، مڪاني ادارن ۽ پوليس کاتي کي مداخلت کان آزاد ڪري ته ڪيترائي مسئلا حل ٿي ويندا، ڊاڪٽر ايوب انڪشاف چيو ته آءِ  جي سنڌ اي ڊي خواجا وفاق کي 15 ڏينهن تائين کيس بااختيار بڻائڻ لاءِ چيو آهي پر  جيڪڏهن  کيس آزاد ۽ بااختيار نه ڇڏيو ويو ته هو اپريل جي آخري هفتي ۾ عهدو ڇڏي ڏيندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Adilpur

نيوز | عادلپور: 7 محرم الحرام جي سلسلي ۾ ماتمي جلوس برآمد

عادلپور م  7محرم الحرام  جي سلسلي ۾ ماتمي جلوس برآمد ڪيو ويو . ماتمي جلوس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے