23 آچر , سيپٽمبر 2018

ايم ڪيو ايم ڪالهه به هڪ هئي، اڄ به هڪ آهي: فاروق ستار

th-8ڪراچي(ع آ نيوز) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي سربراهه ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته ڪراچي کي پوئتي پيل علائقي ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي، مهاجرن کي به ڀت سان لڳايو پيو وڃي. اسان اڳوڻي آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي خدمتن کي ساراهيو ۽ نئين آرمي چيف جي به آجيان ڪئي. اميد ته قمر باوجوه اسان جي ڪارڪن آفتاب احمد جي وارثن کي انصاف ڏياريندو. يومِ شهدا جي تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته ڪراچي ۾ ظلم جو سلسلو هاڻي بند ٿيڻ گھرجي. ايم ڪيو ايم غريب طبقي جي پارٽي آهي. اسين اختيار ڌڻين کان انصاف جو مطالبو ڪريون ٿا. فاروق ستار وڌيڪ چيو ته اسان کي حلوو ۽ ڪمزور سمجھي کائيندڙ پنهنجي انجام کان ڊڄن، ٻاهر جون سازشون اسان جو ڪجھه نٿيون بگاڙي سگھن، پر اسين ڪنهن به سازش جو مقابلو ڪنداسين. هن چيو ته ايم ڪيو ايم ڪالهه به هڪ هئي ۽ اڄ به هڪ آهي. 2018ع جي چونڊن م پهريان کان وڌيڪ ووٽ ملندا ۽ سنڌ ۾ وڏو زير اسان جو هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

لاهور سميت پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ زلزلي جا جهٽڪا

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ زلزلي جا شديد جهٽڪا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے