22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ڪراچي کانپوءِ حيدرآباد ۾ به متحده لنڊن جا ڪارڪن روڊن تي نڪري آيا، پوليس ۽ رينجرز سان چڪريون، ڪيترائي گرفتار

news-1481283588-9179_largeحيدرآباد(ع آ نيوز) ڪراچي کانپوءِ حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن جا ڪارڪن به روڊن تي نڪري آيا. جنهن کانپوءِ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، پوليس ۽ رينجرز پهچي حالتن کي ضابطي ۾ آندو. ان موقعي تي ڇهه ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم لنڊن جا ڪارڪن پڪي قلعي ڏانهن وڃڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ته پوليس پهچي انهن کي روڪي ورتو. پوليس جي روڪڻ تي ڪارڪن مڇرجي پيا. ان موقعي تي پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن لٺبازي ۽ هوائي فائرنگ ئي، جڏهن ته مظاهرو ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ ڳوڙها آڻيندڙ گيس پڻ استعمال ڪئي. ان کان اڳ لياقت علي چوڪ تي ايم ڪيو ايم لنڊن جي ڪارڪنن جھنڊ ڦڙڪائڻ ۽ وال چاڪنگ جي ڪوشش ڪئي. جنهن تي رينجرز پنج ڪارڪنن کي گرفتار ڪري مظاهرو ڪندڙن کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو. 37

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت کي ڳالهيون بحال ڪرڻ جي آڇ ڪئي، ناڪاري جواب تي مايوسي ٿي آهي: وزيراعظم

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ )  وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے