18 اربع , آڪٽوبر 2017

ڪامريڊ سوڀو عالمي فڪر جو ماڻهو هو، اُها پرچار ڪيائين: امان الله شيخ | پروگرام : تخليق

سندس ڪهاڻيون سماجي ناسور جون چٽيون عڪاس آهن

ڪامريڊ جي تحريرن تحرڪ پيدا ڪيو، انگريزي ۾ ترجمو ٿيڻ گهرجي: منظور ڪوهيار

سنڌي ادبي سنگت جي بانيڪار کي به سنگت ياد نه ڪيو، محمد علي پٺاڻ جو فون تي اظهار

ڪراچي ( ٽي وي نيوز ): ناليواري ليکڪ ۽ دانشور امان الله شيخ چيو آهي ته ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي  عالمي فڪر جو ماڻهو هو، تنهن ڪري سنڌ لاءِ به عالمي طور سوچيندو هو، هن چيو ته ڪامريڊ سوڀي جون ڪهاڻيون  سماج جي ناسورن جي عڪاسي ڪن ٿيون، اهڙو اظهار هن زرار پيرزادي جي ميزباني ۾ ٿيندڙ عوامي آواز جي هفتيوار ادبي پروگرام تخليق ۾ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻي جي ٻي ورسي تي کيس ڀيٽا پيش ڪندي ڪيو، امان الله شيخ چيو ته ڪامريڊ سوڀو ننڍي کنڊ جي انهن ٿورن  انقلابي اڳواڻن مان هڪ آهي، جنهن سماج جي تبديلي واري عملي جاکوڙ ۾ رهندي به لکت ۾ شيون ڏنيون آهن جن کي سنڀالي، سهيڙي ڇپائڻ هاڻي ڪامريڊ جي دوستن جو ئي ذمو آهي ، ڇا ڪاڻ ته پنهنجي سماج ۾ صحيح معنيٰ ۾ ادارا ٺهيا ئي ناهن، هن چيو ته  ڪامريڊ سوڀي جي نالي هڪ فائونڊيشن  قائم آهي، جنهن کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي ، نامياري ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار منظورڪوهيار ڪامريڊ سوڀي کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته ڪامريڊ  سوڀي سماجي حقيقت نگاري جي بنياد تي ڪهاڻيون لکيون، هن چيو ته ڪامريڊ هڪ انقلابي ليکڪ هو، شيخ اياز لکيو هو ته سوڀي جي لکڻين مان ٽالسٽاءِ جي لکڻين جي خوشبو ايندي آهي، هن چيو ته ڪامريڊ جي ڪهاڻين کي انگريزي ۾ ترجمو ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته ڪامرِيڊ جنهن به شعبي ۾ هٿ وڌو ته ان ۾ تحرڪ پيدا ڪيائين، ائين ڪامريڊ پنهنجي لکڻين وسيلي سنڌي سماج ۾ پڻ تحرڪ پيدا ڪيو، ناليواري اديب محمد علي پٺاڻ فون تي ڪامريڊ سوڀي کي خراج پيش ڪندي چيو ته ڪامريڊ شروع کان ئي ترقي پسند سوچ جو ليکڪ رهيو آهي، محمد علي پٺاڻ چيو ته جنهن سنڌي ادبي سنگت جا بنياد ڪامريڊ سوڀي رکيا تنهن سنگت کيس سندس ٻي ورسيءَ تي ياد نه ڪيو جنهن تي افسوس جو ئي اظهار ڪري سگهجي ٿو،

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز: بائيو مئٽرڪ نظام سان پرائمري تعليم ۾ بهتري نه آئي | پروگرام: سنڌ نگر، ميزبان : حنيف ساگر | ٽيلي فول لائن تي :عبيد ڌاريجو، اي بي سومرو، شبير ڀٽي

عبيد ڌاريجو      پير جو ڳوٺ بائيوميٽرڪ نظام سان تعليم ۾ بهتري نه آئي اسڪول ويران …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي