23 ڇنڇر , جون 2018

هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ ناڪام پرڏيهي پاليسي اڀري سامهون آئي: شاهه محمود قريشي

shah mahmood qureshiاسلام آباد(ع آ نيوز) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ ناڪام پرڏيهي پاليسي اڀري سامهون آئي، پاڪستان تي لڳل الزامن جو بچاءُ به نه ٿي سگھيو. هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس تي پنهنجو رد عمل ڏيندي پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان تي دهشتگردن کي پناهه ڏيڻ واري الزام جو ڪمزور بچاءُ ڪيو ويو. پرڏيهي معاملن جا آفيسر پاڪستان جو موقف سامهون آڻي نه سگھيا. شاهه محمود قريشي وڌيڪ چيو ته هارٽ آف ايشيا ڪانفرنس ۾ ناڪام پرڏيهي پاليسي واضح نظر آئي، اهائي صورتحال رهي ته پاڪستان علائقائي سطح تي پنهنجي ساک وڃائي ويهندو. هن چيو ته پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي حڪمت عملي کان ٺلهي آهي. ناڪام پرڏيهي پاليسي جي ڪري ڪشمير مسئلي جي اهميت اجاڳر نه ٿي رهي آهي. 37

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽيڪس ادا نه ڪندڙ کي جيل به موڪلي سگهجي ٿو: ايف بي آر چيئرمين

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)  ڪراچي ۾ ايف  پي سي سي آ؟ي جي تقريب  کي خطاب ڪندي  فيڊرل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے