1 سومر , مئي 2017

پروانو ڀٽي تحريڪي اديب هو: امان الله شيخ | پروگرام : تخليق

ادب کي سياست سان لازم ملزوم سمجهندڙ دور جو اديب هو

سنڌي ادب بيهجي ويو آ، عالمي ادب جو مطالعو نه ٿو ٿئي

پرواني ڀٽي وٽ تاريخي ۽ سياسي شعور هو، رکيل مورائي جو پروگرام ۾ اظهار

ڪراچي (ٽي وي نيوز) نالي واري ليکڪ ۽ دانشور امان الله شيخ چيو آهي ته پروانو ڀٽي ان دور جو اديب هو جڏهن ادب کي سياست سان لازم ملزوم سمجهيو ويندو هو. تنهن ڪري هي تحريڪي اديب هو، اهڙو اظهار هن عوامي آواز ٽي وي جي ادبي پروگرام تخليق ۾ سينيئر اديب ۽ صحافي پرواني ڀٽي جي لاڏاڻي سان پهتل نقصان بابت ميزبان زرار پيرزادي جي پڇيل سوال جي جواب ۾ ڪيو. امان الله شيخ چيو ته مان پرواني ڀٽي لاءِ چئي ٿو سگهان ته ”مون سي ڏٺا ماءُ“ امان الله شيخ چيو ته پروانو ڀٽي ابراهيم خليل ۽ مولانا گرامي کان گهڻو متاثر هو. ناليواري ناول نگار بينا شاهه جي انگريزي ۾ لکيل ناول جو تعارف ڪرائيندي ۽ تبصروڪندي امان الله شيخ چيو ته هيءُ ناول سنڌ اندر ٿيل سياسي شهادتن جي پسمنظر ۾ لکيل آهي. جنهن جو انت شهيد بينظير ڀٽو جي شهادت سان ٿئي ٿو. هڪ سوال جي جواب ۾ امان الله شيخ چيو ته سنڌي ادب ۾ عالمي ادب کي پڙهڻ جو لاڙو تڏهن کان گهٽيو آهي جڏهن کان رڳو سنڌي ٻولي جي ادب کي پڙهڻ تي زور ڏنو ويو. ٻيو سبب تعليمي نظام جي تباهي آهي.جنهن ڪري نئون نسل انگريزي ادب جي مطالعي کان ڏور ٿي ويو آهي. جڏهن ته عالمي ادب، ان جي موضوعن ۽ لاڙن کي ڏسڻ ۽ پڙهڻ کانسواءِ سنڌي ادب ترقي نٿو ڪري سگهي. اهو بيهي ويو آهي. پرواني ڀٽي جي مرتئي تي ڏک جو اظهارڪندي رکيل مورائيءَ چيوته پرواني ڀٽي وٽ سياسي ۽ تاريخي شعور هو. هن چيو ته پرواني ڀٽي جا لکيل قطعا ۽ چوسٽا سندس سڃاڻپ بڻيا. هن چيو ته بي شڪ سنڌي ادب ۽ شاعري جو هڪ وڏو ماڻهو وڇڙي ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

vlcsnap-2017-04-30-19h59m09s750

عوامي آواز: نيوز بليٽن

*اسان ڇڪتاڻ واري سياست تي يقين نٿا رکون: وزيراعظم *هڪ وڏي”گاڊ فادر“ جو مقابلو ڪري …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي