18 جمعرات , جنوری 2018

پنجاب ۾ آپريشن جو رخ موڙڻ لاءِ اسلام آباد ۾ ڌرڻا هڻايا ويا: ٽيون رخ

ڪراچي (عوامي آواز نيوز)  دانشورن، صحافين ۽ قومپرست اڳواڻن چيو آهي ته  اسلام آباد کي 4 ڏينهن يرغمال بڻائيندڙ ماڻهن کي شعوري طور ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ ڏنو ويو، پنجاب دهشت گردن جو مرڪزي ڳڙهه آهي، آپريشن جو رخ موڙڻ لاءِ مذهبي پارٽين کان طاقت جو مظاهرو ڪرايو ويو، رياست جي عملداري کي پيرن هيٺان لتاڙيندڙ لاءِ ملڪ ۾ ڪو به قانون ناهي، عوامي آواز ٽي وي جي اسد چانڊيو جي ميزباني ۾ ٿيندڙ پروگرام ٽيون رخ ۾ فون تي ڳالهائيندي ليکڪ ۽ دانشور نصير ميمڻ چيو ته اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻندڙن سرڪاري نه پر عوامي ملڪيتن کي نقصان پهچايو، پارليامينٽ جو گهيراءُ ڪيو، ريڊ زون ۾ داخل ٿيا پر ڪٿي به رياست کين روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي، هن چيو ته سڄي  دنيا کي خبر آهي ته پنجاب دهشت گردن جو مرڪزي ڳڙهه آهي، لاهور واقعي کانپوءِ فوج ۽ رينجرز سڌو آپريشن شروع ڪيو جنهن جي جواب ۾ ڪراچي کان اسلام آباد تائين ڌرڻا هڻائي طاقت جو مظاهرو ڪرايو ويو، هن چيو ته پنجاب حڪومت دهشت گردن جو حصو آهي، هن چيو ته  پنجاب ۾ دهشت گردن جا هزارين اڏا موجود آهن، جيڪڏهن سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ دهشت گردن جي خلاف آهي ته  پوءِ دهشت گردن جي ساٿارين کي به گرفت ۾ آندو وڃي. دانشور راحت سعيد چيو ته جيڪو پوکبو آهي سو ئي لڻبو آهي، اهو طئي ٿيل آهي ته مذهبي انتهاپسندن کي اهميت ڏني ويندي پر عام شهرين کي نه ڏني ويندي، عوام جي حقن لاءِ ملڪ ۾ڪا گنجائش ناهي، ڪراچي ۾ احتجاج ڪندڙ استادن خلاف ته قانون تحرڪ ۾اچي ٿو پر مذهبي جماعتن  لاءِ ڪو قانون ناهي، جيئي سنڌ قومي محاذ (آريسر) جي اڳواڻ ڊاڪٽر مير عالم مري چيو ته پارليامينٽ کي ضابطي ۾ رکڻ  لاءِ عمران خان ۽ طاهر القادري کان ڌرڻاهڻايا ويا، هاڻي به رٿا بندي تحت ڌرڻا هڻايا ويا، سگهاري ڌرين جي اها شعوري ۽ منظم قسم جي رٿابندي هئي، هن  چيو ته  سگهاريون ڌريون ۽ حڪمران سياسي پارٽيون، اسٽيٽسڪو برقرار رکڻ گهرن ٿيون، هن چيو ته اولهه جي ملڪن جي مفادن تي حملو ڪندڙن کي خراب  طالبان ۽ هندستان خلاف ڪم ڪندڙن کي سٺو طالبان سڏيو پيو وڃي، هن چيو ته ملڪ ۾ سول سوسائٽي ۽ سيڪيولر قوتن جي وڌندڙ دٻاءُ  کي روڪڻ لاءِ مولوين معرفت ڊرامو رچايو ويو، هن چيو ته لنڊن ۾ قتل ٿيندڙ ڊاڪٽر عمران فاروق جي پاڪستان ۾ ايف آءِ آر داخل ٿئي ٿي ته پوءِ  فرانس ۾ قتل ٿيندڙ شاهنواز  ڀٽو جي قتل جو ڪيس داخل ڇو نه ٿيو آهي؟ صحافي زاهد کوکر فون تي ڳالهائيندي چيو ته اسلام آباد ۾ چار ڏينهن تائين شهري گهرن تائين محدود رهيا، اها ڪيتري نه حيرت جي ڳالهه آهي ته قانون هٿ ۾ کڻندڙن  سان خاص رعايت ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

بريڪنگ نيوز : کارادر ۾ دستي بم حملو، هڪ ڄڻو فوت، پنج ڄڻا زخمي

کارادر ۾ دستي بم حملو، هڪ ڄڻو فوت، پنج ڄڻا زخمي دستي بم حملي ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے