22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

دهشت گردي ۽ را جي ايجنٽ جا انڪشاف

پاڪستان ۾ سڪيورٽي ادارن طرفان پڪڙيل ڀارتي ڳجهي اداري ”را“ جي ايجنٽ ڪُل ڀوشن ياديو جيڪو ڀارت جي سامونڊي فوج ۾ ڪمانڊر جي عهدي تي به مقرر آهي، تنهن اهي سڀ اعتراف ۽ انڪشاف ۽ سچيون ڪيون آهن، جن کان ڀارت اڄ سوڌو انڪار ڪندو رهيو آهي. پاڪستان ورهين کان دهشت گرديءَ جي ور چڙهيل اهڙو ملڪ آهي، جتي مستقل امن جو قيامُ پري جو پنڌ لڳي ٿو، اهو وقتن پنهنجي سرزمين تي ٿيندڙ دهشت گرد ڪاررواين جو ذميوار ڀارت کي قرار ڏيندو رهيو آهي ۽ چوندو رهيو آهي ته مڪ اندر بدامني خاص ڪري بلوچستان جي صورتحال بگاڙڻ ۾ ڀارت جو هٿُ آهي، اهڙا ثبوت اقوام متحده سميت مختلف عالمي فورمن تي پيش به ڪيا ويندا رهيا آهن پر ڀارت انهن کان انڪار ڪندو رهيو آهي.

هاڻي جيئن ته ڀارت جي ڳجهي اداري جي پڪڙيل ايجنٽ سندس سڀئي پول پڌرا ۽ ڪرتوت وائکا ڪري ڇڏيا آهن، تنهن ڪري انهن کان منهن موڙڻ ۽ انڪار ڪرڻ هندستان لاءِ آسان نه هوندو. پراڪسي وار واري خرابُ روايت ۽ هڪ ٻئي جي ملڪن ۽ معاملن ۾ مداخلت جو ئي نتيجو آهي جو ننڍو کنڊ ورهاڱي جي اڻهتر سالن کانپوءِ به امن لاءِ واجهائي رهيو آهي.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد ۽ پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي جي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه پاران اڱاري جي شام اسلام آباد ۾ ڪيل گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ ڪل ڀوشن جي اعترافي بيان واري وڊيو به ميڊيا جي اڳيان پيش ڪئي وئي، جنهن مان چٽيءَ طرح سمجهي سگهجي ٿو ته ڀارت، پاڪستان لاءِ ڪهڙا ارادا رکي ٿو؟ ڪُل پوشن اعتراف ڪيو آهي ته ڪراچي ۽ بلوچستان جون حالتون خراب ڪيون، جڏهن ته گوادر وارو بندرگاهه نشاني تي هو، گڏوگڏ پاڪ-چين اقتصادي گَسُ ۽ لنگهه به ڀارت جي نشاني تي هو.

پاڪستان ۽ ڀارت ايٽمي طاقت رکندڙ ٻه اهڙا پاڙيسري ملڪ آهن، جن مان ڪنهن به هڪ طرفان ڪنهن به قسم جي غير ذميواري اڳ ئي معاشي بدحالي ۽ هٿيارن جي ڊوڙ جي ور چڙهيل هن خطي جي تباهيءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿي. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪشمير سميت کوڙ اهڙا تڪرار آهن، جيڪي اڄ سوڌو حل ٿي نه سگهيا آهن، جنهن جو وڏي ۾ وڏو سبب ٻنهي ملڪن طرفان پنهنجي پنهنجي موقف تي قائم رهڻ آهي. تاڙي هڪ هٿ سان ناهي وڄندي سو جيڪڏهن ارادو هجي ته لچڪ جو مظاهرو ڪندي تڪرارن کي پرامن نموني حل ڪري سگهجي ٿو پر جيتري قدر پاڪ-ڀارت لاڳاپن ۽ حل طلب تڪرارن کي ڳالهين ٻولهين جي ذريعي حل ڪرڻ جو سوال آهي ته انهيءَ سلسلي ۾ رڳو پاڪستان ئي لچڪ ڏيکاريندو رهيو آهي ۽ هندستان پنهنجي ئي هوڏ تي قائم رهيو آهي، هندستان جي هَٺَ ۽ ضد واري رويي سبب ئي ننڍي کنڊ جو امن ٽياس تي ٽنگيل رهيو آهي.

ممبئي حملا هجن يا پٺاڻ ڪوٽ وارو معاملو، هندستان هميشه پاڪستان کي ڊڪٽيٽ ڪندو ۽ اڃا به گهڻو ڪجهه ڪرڻ (ڊو مور) جو مطالبو ڪندو رهيو آهي، جڏهن ته پاڪستان پاران خطي ۾ امن لاءِ ڀارت کي رويو سڌارڻ واري صلاح ۽ مشوري کي هميشه هندستان توڙي عالمي طاقتن ٻڌو اڻ ٻڌو پئي ڪيو آهي. ممبئي حملا هجن يا پٺاڻ ڪوٽ وارو واقعو انهن جو پاڪستان تي جڏهن الزام هنيو ويو ته پاڪستان ٻه قدم اڳتي اچي جاچ ۾ نه رڳو سهڪار ڪيو پر ڪري به رهيو آهي، اهو ان ڪري جو انهن ۾ ڪي اهڙا عنصر ملوث رهيا آهن، جن جو اهو ذاتي فعل چئي سگهجي ٿو پر بلوچستان مان ”را“ جي آفيسر جي گرفتاريءَ مان اها ڳالهه درست ثابت ٿي وئي آهي ته هندستان رياستي سطح تي پاڪستان اندر دهشت گرديءَ جي نه رڳو سرپرستي ڪري رهيو آهي پر ان کي هٿي به وٺرائي رهيو آهي. سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ته ڏهاڪن کان وٺي دهشت گرديءَ جي باهه ۾ سڙي رهي آهي. جي اهڙي قسم جي مداخلت نه هجي ها ته اڄ ڪراچي شايد ترقيءَ جون الائجي ڪهڙيون منزلون طئي ڪري ها، پنهنجن توڙي پراون هن شهر سان جيڪي ويل وهايا آهن، تنهن جو ئي نتيجو آهي جو هيءُ شهر نفرتن ۽ تضادن جي ور چڙهيل آهي.

سو چوڻ جو مطلب ته ٻين ملڪن ۾ مداخلت ۽ ايجنٽ موڪلڻ ۽ انهن ڏانهن ايجنٽ موڪلي دهشت گردي کي وڌائڻ ڪنهن جي به مفاد ۾ ناهي. بهتر ٿيندو ته هڪ ٻئي کي نقصان پهچائڻ بدران لڪل ويڙهه وڙهڻ ۽ دهشت گرديءَ کي هٿي وٺرائڻ بدران ڳالهين ذريعي تڪرار نبيرڻ کي ترجيح ڏني وڃي، ڇو جو مسئلي جو حل جنگين ۽ ويڙهه سان نه پر ڳالهين جي ذريعي ئي ڪرڻو آهي. نه صرف ايترو پر هندستان کي به پاڪستان ڏانهن پنهنجو ايجنٽ موڪلڻ، جنهن کي هو پنهنجو شهري ۽ نيويءَ جو اڳوڻو ايجنٽ تسليم ڪري چڪو آهي، وري معاملي جي وضاحت پيش ڪرڻ گهرجي، نه رڳو ايترو پر عالمي برادري پڻ اهڙي عمل جو نوٽيس وٺي، جنهن جي ڪري هن خطي جو امن يرغمال بڻيل آهي.

ڇا حڪومت انتهاپسندن سان نبرڻ ۾ سنجيده آهي؟ – زاهد حسين

هي به ڏسي سگهو ٿا

سنڌ حڪومت جي بجيٽ ۽ مالي بحران جون شڪايتون

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه مالي سال 19/2018 جي 9 مهينن لاءِ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے