27 سومر , مارچ 2017

تنوير عباسي ماڻهو ۽ ادارا ٺاهيندڙ شخص هو: اسحاق انصاري | پروگرام : تخليق

سرمد هائوس ادبي مرڪز هو، هاڻي اتي بيڪري ٺهي وئي آهي

تنوير عباسي جديد سنڌي شاعريءَ جي چئن وڏن ٿنڀن مان هڪ آهي: رکيل مورائي

تحقيق ۾ ڀٽائي جي تخليقي ڪم تي گهڻو زور ڏنائين، پروگرام تخليق ۾ اظهار

ڪراچي (ٽي وي نيوز) نالي واري ڪهاڻيڪار ۽ ناول نگار اسحاق انصاري چيو آهي ته تنوير عباسي تمام وڏو شاعرته هو پر هو تمام وڏو ماڻهو ٺاهيندڙ ۽ ادارا ساز شخص به هو. اهڙو اطهار هن تنوير عباسي جي 17 هين ورسي جي حوالي سان ٿيل ادبي پروگرام تخليق ۾ ميزبان زرار پيرزادي سان ڳالهائيندي ڪيو. اسحاق انصاري چيو ته جڏهن به ڪو فرد تنوير وٽ پنهنجون لکڻيون کڻي ويندو هو ته هو انهن کي صحيح دڳ لائي ڇڏيندو هو. هن چيو ته لطيف ڪيمپس کي لطيف يونيورسٽي بڻائڻ ۽ سچل سرمست جو ميلو لڳرائڻ ۾ توڙي لطيف يونيورسٽي ۾ سچل چيئر قائم ڪرائڻ ۾ تنوير عباسي جو بنيادي ڪردار هو. سچل چيئر جي عمارت جي جواب ۾ اسحاق انصاري چيو ته سرمد هائوس جيڪو تنوير عباسي جو وڏو ادبي مرڪز هو. تنهن جاءِ تي هاڻي بيڪري جو دڪان ٺهي ويو آهي. هن چيو ته سرمد هائوس کي ميوزم ۾ تبديل ڪرڻ گهرجي ها. هن چيو ته اهو الميو آهي ته اسان وڏن اديبن جي نشانين کي محفوظ نٿا ڪيون. اسحاق انصاريءَ پروگرام ۾ تنوير عباسي جو اهو شعر به ٻڌايو جنهن تي تنوير پاڻ ئي پيروڊي ٺاهي هڪ شاعري ۾ پنهنجي آواز ۽ انداز پڙهي. اها پيروڊي تخليق پروگرام ۾ تنوير عباسي جي آواز ۾ به موجود آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ اسحاق انصاريءَ چيو ته اديبن جون ورسيون نه پر جنم ڏينهن ملهائڻ گهرجن. نالي واري شاعر ۽ نقاد رکيل مورائيءَ  تنوير عباسي کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته تنوير عباسي جديد سنڌي شاعري جي چئن وڏن ٿنڀن مان هڪ هو پر ان ۾ به سندس پنهنجو لهجو هو. هن چيو ته تنوير عباسي جي شاعري جو فڪر تمام اوچو هو. هڪ سوال جي جواب ۾ رکيل مورائي چيوته ايئن ڀٽائي جي شارع طور به تنوير عباسي جو پنهنجو انداز هو. هن شاهه عبداللطيف ڀٽائي کي تخيلقڪار طور يعني سندس تخليقي ڪم تي گهڻو زور ڏنو. رکيل مورائي چيو ته تنوير عباسي جو سنڌي ادبي سنگت جي سيڪريٽري شپ وارو دور به يادگار ۽ سنهري هو. پروگرام ۾ رکيل مورائي ۽ اسحاق انصاريءَ تنوير عباسي جي شاعري پڻ پڙهائي ٻڌائي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

vlcsnap-2017-03-26-21h12m31s659

عوامي آواز|نيوز بليٽن

*سينيٽ چيئرمين پاران فوجي عدالتن واري بل جي سينيٽ ۾ مخالفت جو اعلان *حڪمران اقتدار …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي