23 جمعرات , نومبر 2017

سنڌي نظم عالمي معيار جي مقابلي جو آهي: احمد سولنگي | پروگرام : تخليق

اردو نظم ان جي مقابلي جو ناهي، سنڌي نظم زمين سان سلهاڙيل آهي

اياز کان متاثر ٿي نظم لکيم، ترجمي جي وڏي کوٽ آهي

نئين ٽهي ته ڇا ڀٽائي ۽ اياز کي به نقاد ناهي مليو: پروگرام ۾ اظهار

ڪراچي (ٽي وي نيوز) نامياري شاعر ۽ نظم جي سگهاري ڪوي احمد سولنگيءَ چيو آهي ته سنڌي نظم نه رڳو اردو نظم کان سگهارو آهي پر عالمي معيار جي نظمن سان ان جو مقابلو ڪري سگهجي ٿو. ڇاڪاڻ ته سنڌي نطم جو پنهنجو نج دڳ آهي، الڳ سڃاڻپ آهي. اهڙو اظهار هن عوامي آواز ٽي وي جي هفتيوار ادبي پروگرام تخليق ۾ ميزبان زرار پيرزادي سان ڳالهائيندي ڪيو. احمد سولنگيءَ چيو ته شيخ اياز جو جيتوڻيڪ عالمي ادب جو ڳوڙهو اڀياس ٿيل هو پر پوءِ به هن نظم پنهنجي زمين ۾ لکيو، سو مون به ان کان متاثر ٿي زمين تي پير رکي نظم لکيو ۽ ان لاءِ ڪلاسيڪل سنڌي شاعريءَ کي پڙهيم. هونئن به جيڪو شاعر ڪلاسيڪل سنڌي شاعري نه پڙهندو ته هو پنهنجي شاعراڻي ورثي سان انصاف نه ڪري سگهندو. هڪ سوال جي جواب ۾ احمد سولنگيءَ چيو ته مان ان راءِ سان متفق ناهيان ته ڪو اڄ سنڌي شاعري اردو جي مقابلي ۾ غير معياري ٿي ڪئي وڃي. هن چيو ته سنڌي ادب جو الميو اهو آهي ته ان کي نقاد ناهي، سنڌي ادب ترجمو نٿي عالمي ادب جي ميدان ۾ ئي ناهي. هن چيو ته مون جهڙن شاعرن کي ته ڇڏيو پر ڀٽائي ۽ اياز کي به نقاد نه ملي سگهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ احمد سولنگيءَ چيو ته جيستائين شاعر جي اندر ۾ فطري طور تي مزاحمت ڪار ناهي، اندر ۾ طوفان نه اٿس تيستائين هو مزاحمتي شاعري نٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن ڪندو به ته اها هلڪي ۽ لفظي هوندي. هڪ سوال جي جواب ۾ احمد سولنگيءَ چيو ته سنڌي شاعري هڪ درياهه مثل آهي ۽ شاعري جو اهو درياهه سُڪي نٿو سگهي، اهو سُڪڻو آهي ئي نه. پروگرام ۾ احمد سولنگيءَ پنهنجي آواز ۽ انداز ۾ پنهنجي خوبصورت شاعري پڻ ڀرپور انداز ۾ ٻڌائي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز: رات نائين وڳي وارو خاص نيوز بليٽن / 2017-11-22

*ڊي آءِ خان ۾  شهيد ٿي ويل ميجر اسحاق جو مڙهه وڏي اعزاز سان مٽي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے