25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڪراچي ۾ متحده اڳواڻ عامر خان جو کِيسو ڪٽجي ويو

untitledڪراچي (ع آ نيوز) ملڪ ۾ سياستدانن جا کِيسا ڪٽجڻ جا واقعا وڌي ويا آهن. ٻه ڏينهن اڳ لاهور ۾ پ پ اڳواڻن جو کيسو ڪٽجڻ جي واقعي کانپوءِ ڪراچي ۾ واقعو ٿي ويو. ڪراچي جي سينٽرل جيل ٻاهران متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ عامر خان جو کيسو ڪٽجي ويو. عامر خان ڪراچي جي ميئر وسيم اختر کي وٺڻ لاءِ ڪراچي جي سينٽر جيل ويل هو، جتي ٻين اڳواڻن سان گڏ موجود عامر خان جو کِيسو ڪٽجي ويو. ان موقعي تي عامر خان شاهينگن کي اپيل ڪئي ته اهي پيسا پاڻ وٽ رکن پر کيس سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ٻيا ڪارڊ موٽائي ڏين. واضح رهي ته ٻه ڏينهن اڳ لاهور ۾ پ پ اڳواڻ جهانگير بدر جي جنازي نماز کانپوءِ پ پ اڳواڻ سيد خورشيد شاهه، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، صوبائي وزير منظور وساڻ ۽ ٻين جا کيسا ڪٽجي ويا هئا.  37

هي به ڏسي سگهو ٿا

گڏيل قومن کي مداخلت جو ڪو حق ناهي: ميانمار فوجي سربراهه

نائپيدا (ويب ڊيسڪ) ميانمار فوج جي سربراهه چيو آهي ته گڏيل قومن جي اسان جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے