19 اربع , سيپٽمبر 2018

مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ تي ڳڻتي جو اظهار، متحده جي باني وارو معاملو پاڪ_برطانيا ۾ رنڊڪ آهي: چوڌري نثار

nisar-may-640x384لنڊن (ع آ نيوز) وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي باني جو معاملو پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ رنڊڪ آهي، اسين چاهيون ٿا ته هي معاملو طئي ٿي وڃي. لنڊن ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گھرو وزير چوڌري نثار علي خان چيو ته برطانيا جي جوڊيشل سسٽم تي سوال اٿي رهيا آهن. برطانيا عمران فاروق قتل ڪيس جي ٽنهي جوابدارن کي وٺڻ نٿو چاهي. هن چيو ته برطانيا جي گھرو وزير سان عمران فاروق قتل ڪيس تي سمورن ثبوتن جي ڏي وٺ ڪئي. برطانوي گھرو وزير چيو آهي ته معاملي کي سنجيدگي سان وٺي رهيا آهيون. چوڌري نثار وڌيڪ چيو ته عمران فاروق قتل ڪيس جو معاملو منطقي انجام تائين پهچايو وڃي. هن لنڊن ۾ مني لانڊرنگ ڪيس جي جاچ جي طريقيڪار تي به ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو.  37

هي به ڏسي سگهو ٿا

محرم الحرام: مرڪزي جلوسن جي سيڪيورٽي لاءِ ايم اي جناح روڊ سيل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محرم الحرام دوران جلوسن جي سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ ايم اي جناح …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے