24 سومر , سيپٽمبر 2018

ٽن شهرن تي گهيرو ۽ غائب ٿيل سرڪاري انتظام

هي خبرون لکجڻ تائين وفاقي سرڪار ڪالهه شام جو ستين وڳي اسلام آباد ۾ ڌرڻو هڻندڙ لڳ ڀڳ 1500 ماڻهن کي الٽيميٽم ڏنو اهي ته اهي ٻن ڪلاڪن ۾ اهو ڌرڻو تشدد يا رياستي طريقن جي ڪتب آڻڻ کان اڳ ئي پرامن طريقن سان پنهنجي گهرن ڏانهن هليا وڃن. رات جو 10 وڳي تائين، الٽيميٽم کان هڪ ڪلاڪ پوءِ تائين اهي ڌرڻي وارا ويٺا هيا. سرڪار جي سختگير موقف جي ڪري ان ڳالهه جا امڪان اهن ته سمورن شهرن ۾ ڌرڻا ختم ڪيا وڃن، ڇوته، سرڪار ۽ رياست تي ڪاهه ڪندڙ ٻن ڏينهن لاءِ پنهنجي مقصدن ۾ ڪامياب ٿيا آهن. ٽي وي چينلن جي آخري رپورٽن موجب، اسلام آباد ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿيون آهن ته ڌرڻو هڻڻدڙن ڪجهه شرطن تي اهو ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾، ٿيل ڳالهين کي آخري شڪل ڏيڻ لاءِ لکت ۾ ٺاهه تيار ڪيو پئي ويو.

ملڪ جي ميڊيا جي اڪثريت ۽ خاص ڪري اليڪٽرانڪ ميڊيا، 27 مارچ تي ٿيل لاهور قتلام جي ڪري ڪراچي ۽ اسلام آباد جي ڌرڻن هڪ پاسي لاهور ۾ ٿيل تشدد ۽ ايڏي وڏي ڏوهه تان نظرون هٽائي ڇڏيون ۽ انهن عنصرن جي ڪوريج وڌائي ڇڏي جيڪي رياست جي جاري پاليسي سان سهڪاري به ناهن ۽ ان سان سهمت به ناهن. لاهور جي خطرناڪ واقعي جي ڪري اهم ترين فالو اپ سنڌ ۽ بلوچستان جي وڏن وزيرن سيد قائم علي شاهه ۽ سردار ثنالله زهري جو لاهور ۾ اسپتالن جو دورو ۽ مارجي ويلن ۽ ڌڪين جي واسطي امداد ڪرڻ جو اعلان آهي. سيد قائم علي شاهه پيپلزپارٽي جي چيئرمين مسٽر بلاول ڀٽو زرداري سان گڏجي پهتو هيو. انهن ان واقعي جي ڪري ٿيل نقصان تي ڏک جو اظهار به ڪيو ۽ مارجي ويلن ۽ زخمين جي لاءِ ترتيبوار امداد ڏيڻ جو پڻ اعلان ڪيو.

ڪراچي ۾ قائداعظم مزار وٽ نمائش چوڪ تي موجود ڌرڻي وارن کي ڪراچي انتظاميا الٽيميٽم ڏنو آهي ته، بنا دير اهي روڊ رستا خالي ڪن ۽ ڪنهن به انڪار جي صورت ۾ ڪراچي جي انتظاميا مظاهرو ڪندڙن کي خالي ڪرائڻ جي حڪمت عملي طئي ڪري ڇڏي آهي. ٻنهي شهرن ۾ مذهبي اڳواڻن ڌرڻي جي قيادت ڪندڙن کي اتان اٿي ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن. ڪراچي ۾ اهي ڳالهيون مذهبي مامرن جي مشير ڊاڪٽر قيوم سومري ۽ اسلام اباد ۾ اويس نوراني ۽ ٻين شروع ڪيون آهن.

لاهور جي قتلام کان ٽي وي اسڪرين پري ڪرڻ، دهشتگردي خلاف نفرتن جي وڌڻ جي امڪان سبب مذهبي ڌرين پاران پاڪستان جي وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۽ ٻن صوبن پنجاب ۽ سنڌ جون راڄڌانيون لاهور ۽ ڪراچي ڌرڻن جي گهيري ۾ آهن. ڪجهه هزار ماڻهن عقيدي جي آڙ ۾، پنهنجي عقلي مطالبن کي ساڻ کڻي سرڪار کان گهر ڪئي آهي، جنهن ۾ قانون، آئين توڙي قاعدن جي ابتڙ مطالبا شامل آهن. انهن ڌرڻن جي ڪري ٽنهي اهم شهرن جا لکين ماڻهو دربدر ٿي ويا آهن، ٽرئفڪ بنا رخ جي چالو آهي، ماڻهو اڻ تڻ ۾ آهن. ماڻهن کي پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ نطر اچن ٿا، پر رياست جو انتظام جيڪب آباد جي نياڻي فضيلا سرڪي وانگر گم آهي. عوام جي گهرج آهي ته پاڪستان جيئن ته هڪ رياست آهي، تنهن ڪري اها ظاهر ٿيڻ گهرجي، پر انهن ڌرڻن جي ڪري رياست يرغمال بڻجي ويئي آهي.

وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته دهشتگرد نرمي کي رياست جي ڪمزوري نه سمجهن، دهشتگردي ۽ فتنو اسان کي منزل طرف وڌڻ کان روڪي نه ٿا سگهن، بربريت جو مظاهرو ڪندڙن کي هر صورت ۾ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو، شهيدن جي رت جي قرض جي آخري قسط ادا ٿيڻ تائين سک سان نه ويهنداسين، دهشتگردن جي لاءِ ملڪ جي سرزمين تنگ ڪري ڇڏي آهي. ڪالهه قوم کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته گلشن اقبال پارڪ لاهور جي افسوسناڪ سانحي سبب هر پاڪستاني جي دل زخمي آهي ۽ پوري قوم ڏک ۾ ورتل آهي. هن ياد ڏياريو ته گذريل ڪجهه مهينن دوران پشاور، شبقدر، ڪوئيٽا، مردان ۽ٻين جاين تي پڻ دهشتگردن معصوم انسانن کي نشانو بڻايو. هن چيو ته مون کي چڱي ريت اندازو آهي ته بي گناهه بارڙن ۽ عورتن کي نشانو بڻائي دهشتگرد ڪهڙو پيغام ڏيڻ چاهين ٿا. مون کي خبر آهي ته پنهنجي پناهگاهن، پنهنجي تربيت گاهن ۽ پنهنجي انفراسٽرڪچر کان محروم ٿيڻ کانپوءِ باقي بچيل عنصرن پنهنجي ناڪامين ۽ مايوسين کي لڪائڻ جي لاءِ لڪي درسگاهن، تفريحگاهن ۽ عوامي جاين تائين اچي پهتا آهن.

وزيراعظم نواز شريف چيو ته اڄ هو قوم آڏو ان وچن کي ورجائڻ جي لاءِ حاضر ٿيو آهي ته اسان پنهنجي شهيدن جي رت جي هڪ هڪ ڦڙي جو حساب وٺي رهيا آهيون ۽ اهو حساب چڪايو پيو وڃي ۽ ان جي آخري قسط ادا ٿيڻ تائين اسان سک سان نه ويهنداسين. هن چيو ته جون 2013ع ۾ حڪومت سنڀالڻ کانپوءِ پهرين ڏينهن کان ئي اسان دهشتگردي جي خاتمي جو پڪو عزم ڪيو هو. وزيراعظم نواز شريف چيو ته اسان جو عظيم دين امن، سلامتي، محبت ۽ ڀائيچاري جو دين آهي، ان دين جنهن هڪ انسان جي قتل کي پوري انسانيت جو قتل قرار ڏنو آهي. هن چيو ته گذريل ٽن سالن دوران حڪومت جي پڪي عزم، هٿياربند فوج، پوليس ۽ قومي سلامتي جي ادارن جي جدوجهد ۽ عوام جي حمايت سان دهشتگردي جي وارداتن ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي، اسان انهن کي ٻيهر ڪنڌ کڻڻ نه ڏينداسين، اسان انهن کي پاڪستان جي عوام جي جانين سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏينداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حڪومت کي عوام جي اميدن تي پورو لهڻ گهرجي

پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ کانپوءِ عوام جون تمام گهڻيون اميدون ان سان سلهاڙجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے