19 اربع , سيپٽمبر 2018

اسڪن اسپيشلسٽ (پهرين قسط)

beautiful-skinاُس سبب خراب ٿيندڙ رنگ: اهي ڇوڪريون جيڪي ڪاليج يا يونيورسٽيءَ وينديون آهن، تيز اُس ۾ اچڻ وڃن جي ڪري سندن رنگ خراب ٿيندو آهي، اُهي پنهنجي رنگ کي خراب ٿيندو ڏسي جتي پريشان ٿينديون آهن، اتي ئي ان کي ٺيڪ ڪرڻ جي لاءِ تمام گھڻا جَتن به ڪنديون آهن. اهي ڇوڪريون جيڪڏهن بيسڻ جو استعمال ڪن ته پنهنجو وڃايل اڇو اُجرو رنگ واپس موٽائي سگھن ٿيون. فيس ماسڪ ٺاهڻ جي لاءِ ٻه چانهن جا چمچا بيسڻ کڻي ان ۾ ٿورو هيڊ جو پائوڊر وجھو، چند ڦڙا ليمي جي رس جا ۽ ٿوري ڏهي وجھي سڀني شين کي چڱيءَ طرح مڪس ڪيو. ان پيسٽ کي پنهنجي چهري تي لڳايو. پيسٽ کي سُڪڻ ڏيو، جڏهن اها ماسڪ سُڪي وڃي ته سادي پاڻيءَ سان مُنهن ڌوئي ڇڏيو. ان قسم جي پيسٽ چند ڏينهن تائين باقاعدي استعمال ڪري آزمايو، پوءِ ڪجھه ئي ڏينهن ۾ اُس سبب خراب ٿيل چهرو صاف اڇو اُجرو ٿي پوندو.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽماٽو اسڪن ڪيئر لاءِ به بهترين ميوو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٽماٽو روز مرهه جي غذا جو اهم جز آهي ۽ کائڻ جي ذائقي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے