26 اربع , سيپٽمبر 2018

مذهبي فرقيواريت جي خاتمي کانسواءِ امن نه ٿيندو: دانشور مذهبي عالم

ڪراچي (عوامي آواز ٽي وي نيوز) دانشورن، ليکڪن ۽ مذهبي عالمن چيو آهي ته ڪوبه مذهب دهشت گردي جي اجازت نه ٿو ڏئي، رياست پنهنجي طاقت سان دهشت گردي کي روڪي سگهي ٿي، ٻاهرين مداخلت کي ختم ڪري مذهبي ڌرين کي امن ۽ محبت جي ماحول لاءِ متحد ٿيڻ جي ضرورت آهي، اسلام جو مقصد دنيا کي امن ۽ سلامتي ڏيڻ آهي، پر اسلام جي اوٽ ۾ جهاد ۽ فساد کي ڦهلايو ويو آهي، عوامي آواز ٽي وي جي اسد چانڊيو جي ميزباني هيٺ ٿيندڙ ٽيون رخ پروگرام ۾ ڳالهائيندي ليکڪ ۽ دانشور امان الله شيخ چيو ته ملڪ ڀت ۽ باهه جي وچ ۾ ڦاٿل آهي، سياسي پارٽيون مفادن جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهن، مذهبي فرقيواريت جي خاتمي کانسواءِ ملڪ ۾ امن نه ٿيندو، هن چيو ته سيڪيولر ازم هڪ صدين جو سچ آهي نظريو طاقتور آهي، پر ان جا پوئلڳ ڪمزور ٿيا آهن، هن چيو ته سيڪيولر پاڪستان کان پهرين ڏينهن ئي انڪار ڪيو ويو هو ، هن چيو ته هي ملڪ فرقن جو ملڪ ٿي ويو آهي ادارن ۾ به اتفاق ناهي رهيو ۽ جڏهن ادارن ۾ بحران هوندو ته اهڙيون، حالتون پيدا ٿينديون آهن، هن چيو ته نظرياتي سرحدن جو معاملو سامراجي قوتن جو فارمولو آهي، مسلم ليگ تي يوپي ۽ سي پي جي مفاد پرستن جو قبضو ٿي ويو هو، هن چيو ته دهشت گردي جي واقعن سان دنيا ڏانهن ملڪ بابت ناڪاري پيغام وڃي رهيو آهي، شيعا اڳواڻ علامه مقصود ڊومڪي چيو ته لاهور ۾ دهشت گردي مذمت جوڳو عمل آهي، افغان جهاد فساد ۾ تبديل ٿي ويو، عالمي قوتن ۽ اسٽيبلشمينٽ جي ماضي ۾ ڪيل غلط فيصلن سبب ملڪ ڀوڳي رهيو آهي، هن چيو ته34 ملڪن وارو اتحاد افغان جهاد کان وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿيندو، هن چيو ته رياست طاقت سان دهشت گردي روڪي سگهي ٿي، ملڪ ۾ فرقيواريت گهٽ پر دهشت گردي وڌيڪ آهي، عالمي ۽ ملڪي سطح تي منافقت موجود آهي، هن چيو ته ملڪ ۾ مسلمانن کي مسلمانن کان ئي خطرو آهي، سڀني پيغمبرن محبت ۽ امن جو پيغام ڏنو آهي، مسيحي ڀائر آهن، مان ته مندر ۽ ڪليسا به ويندو رهندو آهيان، هن چيو ته ٻاهرين مداخلت بند ڪرائي ملڪ جي مذهبي طاقتن کي ملڪ ۾ امن ۽ محبت جو ماحول ٺاهڻ لاءِ متحد ٿي ميدان تي اچڻ گهرجي، ليکڪ حافظ سڪندر چيو ته اسلام جو مقصد دنيا کي امن ۽ سلامتي ڏيڻ آهي، قرآن پاڪ چوي ٿو ته سڀ انسان هڪ ڪٽنب برابر آهن، مختلف مذهبن جي عبادتگاهن جي عزت ڪرڻي آهي، ڪنهن به مندر ، مڙهي يا ڪليسا جي بي حرمتي جي اجازت ناهي ڇو ته اتي الله جو ذڪر ٿئي ٿو، هن چيو ته ملڪ ۾ دهشت گردي ۾ عالمي ۽ ملڪي طاقتون ملوث آهن، ڪوبه فرقو ڪنهن کي مڃڻ لاءِ تيار نه آهي، هن چيو ته سيڪيولر ازم علم ۽ ڏاهپ تي هلڻ جو رستو آهي، جيڪو لادينيت ناهي، هن چيو ته ملڪ جا ادارا مضبوط آهن، پر مذهبي انتهاپسندي کي آزاد ڇڏيو آهي، غير جمهوري قوتون ملڪ ۾ گڙٻڙ ڪرائي پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ چاهن ٿيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Hyderabad: Protest against influential by residents

نيوز: حيدرآباد: ٽنڊي ڄام واسين جو بااثرن پاران گهر تي قبضي خلاف احتجاج

*حيدرآباد ۾  ٽنڊي ڄام جي رهواسين بااثرن پاران سندن گهر تي قبضي خلاف احتجاجي مظاهرو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے