21 جمعو , سيپٽمبر 2018

گھر جون الماڙيون توهان جو ڌيان چاهين ٿيون

bedroom-romantic-design-wardrobe-designs-for-small-bedroom-15-indian-small-bedroom-cupboardتوهان جي الماڙي، اوهان جي شوق، اوهان جي شخصيت ۽ اوهانجي سڄي ڪردار جي عڪاسي ڪندي آهي، ضروري نه آهي ته اوهان هر موسم ۽ هر فيشن سان گڏ پنهنجي پنهنجا ڪٻٽ به بدلايو، پر گھٽ ۾ گھٽ گھر جي الماڙي کي سليقي سان ترتيب ڏيڻ ضروري آهي. جنهن گھر ۾ الماڙين جا دروازا ۽ انهن جا لاڪ ڀڳل هوندا آهن ۽ الماڙين مان ڪپڙن جون ليڙون يا پراڻو سامان ٻاهر اچي ويندو آهي، جنهن کي ڏسي مهمان به اوهان جي گھر تي چٿرون ڪري سگھن ٿا. اوهان کي گھرجي ته گھر ۾ صاف سٿري ۽ سليقي سان سجايل الماڙيون رکيو، انهن ۾ ايترو ئي سامان رکو جيتري انهن ۾ گنجائش هجي، گنجائش کان وڌيڪ سامان رکڻ سان الماڙيون پنهنجي وقت کان اڳ ئي جھُري ڀُري وينديون آهن. ڪوشش ڪيو ته گھر جي الماڙيءَ کي ڪنهن اهڙي هنڌ رکو جتي مهمانن جي نظر نه پئي، ڇو ته الماڙي ڪنهن به گھر جو سڀ کان پرائيويٽ حصو هوندو آهي. ان جو سبب اهو آهي ته ان کي مهمانن سامهون کولڻ سان اوهان جا ڪيترائي اهم راز ۽ خاميون مهمانن جي سامهون اچي وينديون آهن. روز نه ته هر ٻئي ڏينهن ان کي دز ۽ ڌوڙ کان بچايو، ڪاٺ جي الماڙين جي مڪمل صفائي انهن کي ڪيڙي ۽ سُرو لڳڻ کان بچاينديون آهن، ڪاٺ جي الماڙين کي خشڪ ڪپڙي سان صاف ڪيو، انهن تي مَرُ ڃمي وڃي ته انهن کي ڪنهن سٺي ڪلينر سان صاف ڪيو، پر ان کي آلي ڪپڙي سان اگھڻ جي ڪري ان جو رنگ لهي سگھي ٿو، ڪٻٽن جي پيرن ۾ هر مهيني ڪنهن ڪيڙي مار دوا جو اسپري ضرورت ڪيو، جيئن اها ڪيڙن ۽ منگھڻن کان محفوظ رهي.36

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڳورهاري عورتن کي احتياط بدران جُهمر جو ڏَس

برازيليا (ويب ڊيسڪ) طبي ماهر عام طور تي ڳورهاري عورتن کي غير ضروري طور گهمڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے