21 جمعو , سيپٽمبر 2018

خرڪار

Untitledرجب پيءُ- ماءُ جو اڪيلو پٽ هو. هن کي پيءُ- ماءُ ڏاڍي لاڏ ڪوڏ سان نپايو، سندس پيءُ  هاري هو. پر پوءِ سندس ذهن ۾ اها سوچ هئي  ته پٽ کي پڙهائي آفيسر ڪنداسين. رات جي وقت ٻئي زال مڙس چلهه وٽ وهندا هئا ۽ رجب به ڀرسان ڪتاب کولي ويهي پڙهندو هو. هن کي پيءُ گهر ۾ ڪو به ڪم ڪرڻ نه ڏيندو هو.

رجب هاڻ ڇهين جماعت ۾ اچي داخل ٿيو هو. هنن جو گهر اسڪول کان ٻه ميل کن پرڀرو هو. ان ڪري رجب کي  بس تي اسڪول اچڻو پوندو هو، بس جياڪ دادوءَ کان جوهيءَ ايندي هئي، تنهن ۾ رجب روڊ تي اچي چڙهندو هو. هڪ ڏينهن رجب بس جي انتظار ۾ روڊ تي بيٺو هو ته هڪ ٽرڪ هن جي ڀرسان بيٺي. ٽرڪ مان هڪ ماڻهوءَ هن کي سڏ ڪيو. رجب هن ڏانهن وڌي ويو، رجب کان هو ڪنهن رستي جو پڇڻ لڳا ۽ اوچتو ڳالهائيندي ڳالهائيندي، هڪ همراهه رومال ڪڍي رجب جي منهن تي نڪ وٽ آندو رجب بيهوش ٿي ويو  ۽ هن  کي کڻي ٽرڪ ۾ وڌائون.

شام ٿي چڪي هئي. رجب گهر ڪو نه آيو هو. سندس پيءُ  ۽ ماءُ سخت پريشان  ٿي ويا هئا ته ٻچڙي الائي دير ڇو ڪئي آهي.. رجب جي پيءُ ڪجهه وقت انتظار ڪري پوءِ آيو شهر ڏانهن جاچ ڪرڻ، رجب جي ماءُ در تي پئي پٽ جو انتظار ڪيو، رجب جي  پيءُ شهر ۾ اچي استاد کان گهر ۾ اچي رجب جو پڇيو، جنهن ٻڌايس ته ڪالهه رجب ته اسڪول ۾ آيو ئي ڪونهي.

اها ڳالهه ٻڌي هن جا ڇيهه ئي ڇڄي پيا. شهر ۾ هيڏانهن هوڏانهن رجب کي جانچڻ لڳو، هر اسڪولي ٻارن کان پڇيائين. پر ڪنهن به ڪو نه ٻڌايس، شهر ۾ جاچ ڪري گهر  ڏانهن راهي ٿيو، واٽ تي ڪجهه ڳوٺ هئا اتان به جاچ ڪندو اچي گهر پهتو، پري کان زا ل پڇيس. ”منهنجو ٻچو ڪٿي هو“ پر نهه ڪر تي سنهين رڙين جو  آواز گهر ۾ گونجڻ لڳو.

ٽرڪ روڊ تي ڊوڙيندي رهي ۽ رجب بيهوش پيو رهيو. ٽرڪ مسلسل هلندي رهي پوءِ هڪ ڪچي رستي تان هلي هڪ ڪئمپ وٽ اچي بيٺي، جنهن تي رجب کڻي آيا ٺيڪيدار وٽ . جنهن کان پنج سئو روپيا وٺي  هليا ويا، ڪافي دير کان پوءِ رجب کي هوش آيو. اکيون کولي ڏٺائين ته چئو طرف جهنگ ئي جهنگ هو ۽ اتي بيٺل گڏهن جو لشڪر هو ۽ ڪافي ٻار نظر آيس. هن هٿ کي سيريو ته پاڻ کي ٻڌل محسوس ڪيو ۽ اچانڪ روئڻ شروع ڪيائين. هڪ ٿلهو شخص اندر آيو ۽ اچڻ شرط رجب کي چماٽ هڻي ڪڍيائين، رجب کي چيائين ”اسان توکي خريد ڪيو آهي ۽ هاڻ توکي گڏهن تي مٽي کڻڻي اهي، جي ٿوري به حرڪت ڪندين ته توکي ماري ڇڏينداسين.“ رجب ماٺ ٿي ويو، هن سمجهيو ته پڪ ئي پڪ اهي خرڪار آهن، جن جي لاءِ هن ماءُ کان ٻڌو هو  ته ”پٽ اهي خرڪار ماريا اهڙا حرا مي آهن، جو ننڍن  ٻارن کي کڻي ويندا آهن.“ رجب اهو سوچي ماٺ ڪري ويٺو. هن کي مرچن سان گڏ هڪ ماني ڏنائون جا هن اڌ کاڌي اڌ ڪا نه کاڌائين. انهيءَ وچ ۾ رات اچي ٿي، خزڪارن سڀني ڇوڪرن کي آڻي هڪ هنڌ ڪيو ۽ پوءِ هڪ ڄڻو بندوق کڻي انهن تي پهرو ڏيڻ  لڳو.

اتي ڪنهن به ڇوڪري کي بي سان ڳالهائڻ جي اجازت ڪانه هئي. رجب سوچيو ته ڦاٿو ته مصيبت ۾ آهيان پر هتان ضرور ڀڄي نڪريو. سڄي رات سوچيندو رهيو ته ”امڙ روئيندي هوندي، بابا پريشان هوندو.“ ائين سوچيندي اچي ڏينهن ٿيو ۽ ٻين ٻارن  سان گڏ رجب کي به اٿاري گڏهه ڏنائون ته مٽي کڻي بند تي وجهي.“

هوڏانهن رجب جي ماءُ روئي روئي اچي کٽ ڀيڙي ٿي هئي، ڪيترائي پير، فقير ڀيٽيائين. سندس پيءُ سڄي تعلقي ۾ پٽ کي ڳوليو پر ڪٿي به پتو ڪو نه پيس، انهيءَ وچ تي گهڻائي ماڻهو ڪوڙ هڻي ٻڌائيندا هئس ته فلاڻي هنڌ چون ٿا ته ڇوڪرو آهي، ته اتي رجب جو پيءُ ويندو هو. پٽ جي ڳولا ۾ ڍڳن جو جوڙو به کپائي ڇڏيو هئائين. رجب پورا ٻه مهينا خرڪارن جي ڪئمپ ۾ ڪم ڪندو رهيو. انهيءَ وچ ۾ ڪافي ڀيرا هن ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪامياب نه ويو. انهيءَ تان هن کي مار به ڏاڍي ملندي هئي، انهيءَ ڪئمپ ۾ روزانو ڪيترائي معصوم ٻار ايندا هئا ۽ ڪيترن ئي معصوم  ٻارن کي روزانو مارون ملنديون هيون.

هڪ  ڏينهن رجب هڪ ڪنڊ ۾ روئي رهيو هو ته هڪ ڇوڪري هن کي ڏسي ورتو، هو هن وٽ آيو ۽ اچي هن کي چيائين، ته ٻڌ، ”وڏو سيٺ آيو آهي ۽ سڀ جمادار (خرڪار) ان وٽ ويٺا آهن، تون ڀڄين ته ڀڄين سگهين ٿو. رجب ڇوڪري کان واعدو ورتو ته ٻڌائيندي ته ڪونه. ٻنهي هڪ ٻئي سان واعدو ڪيو. رجب سر سهائي وٺي ڀڳو، هن رستو اصل ڪونه ورتو، جهنگ منهن ڏيئي ڀڄڻ لڳو ۽ لاڳيتو پڇندو رهيو، گهڻي دير کان پوءِ رجب جي ڀڄڻ جي خبر ڪارن کي پئجي ويئي. جن ان ڇوڪري کي ڏاڍي مار ڏني ۽ ڪافي خرڪارن جا ماڻهو رجب جي پٺيان ڊوڙايائون، رجب ڀڄندو ڀڄندو هڪ ڳوٺ ۾ آيو ۽ هڪ گهر اڳيان پريشان ٿي اچي بيهي رهيو، مڄاڻ اهو گهر، ان ڳوٺ جي رٽائرڊ هيڊ ماستر جو هو ۽ ان مهل اوطاق کان ٿي گهر پي آيو، رجب کي ڏٺائين. اڃا رجب کان پڇيائين ڪونه ته رجب روئي ڏنو.

هن کي رحم اچي ويو ۽ رجب کي دلاسا ڏيئي گهر وٺي آيو ۽ پوءِ مٺيون ڳالهيون ڪري رجب کان سارو احوال ورتائين، رجب جو حال ٻڌي هيڊ ماستر جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا ۽ سڄي گهر ۾ ڪافي پاڙي جا ٻار اچي ڪٺي ٿيا. جيئن ته رٽائرڊ هيڊ ماستر ڏاڍو نيڪ دل هو، ان ڪري ننڍڙي کي شهر جي پوليس اسٽيشن تي وٺي آيو، جتان پوليس چاڙهي ڪئمپ تي پهتو، خرڪارن ڪافي ڇوڪرا لڪائي ڇڏيا هئا. سندن وڏو سردار به لڪي  ويو هو پر رجب جي سڄاڻپ ٿي ڪافي جاين تي  ڳولا ڪري ڇوڪرا هٿ ڪيا ويا، ۽ ڪيترن خرڪارن کي  گرفتار ڪري پوليس لاڪپ ۾ وڌو يو.

هيڊ ماستر رجب کي پوليس کان وٺي گهر  وٺي آيو ۽ پوءِ تيار ٿيو رجب کي ڳوٺ ڇڏڻ  لاءِ. رجب جي دل ۾ اڃا تائين به ڊپ هو. نيٺ جڏهن دادو ۾ اچي پهتا ۽ جوهيءَ واري بس ۾ چڙهيا، تڏهن رجب جي دل ۾ ساهه پيو، ڪافي ماڻهو رجب کي سڄاتو ۽ پڇڻ لڳس، رجب سڀني کي پنهنجي کڻي وڃڻ جي ڳالهه ٻڌائڻ لڳو، ائين ڳالهين ۾ سندس ڳوٺ جو بس اسٽاپ اچي ويو، اتي رجب هيڊ ماستر سان گڏ لٿو، سنڏ پنڌ ڪري اچي گهر ڀيڙو ٿيو. پري کان امڙ جي روئڻ جو آواز ٻڌائين. هن کان به روئڻ نڪري ويو ۽ اتان وٺي ڊوڙ پاتائين، هيڊ ماستر هن جي پٺيان هلندو آيو. هن در ٽپي وٺي رڙ ڪئي، ”امان امان“ مائي کان به رڙ نڪري ويئي. ”منهنجا ٻچڙا تون ڪٿي هئين“! پوءِ ته رجب کي اچي چنڀڙي پئي، ڪافي وقت تائين پٽ کي ڀاڪر پائي روئيندي رهي، سندس پيءُ ٻئي ڳوٺ ويل هو،  ٿوري دير کان پوءِ اتا موٽيو، ٻاهر در تي هيڊ ماستر سان اچي مليو ۽ ان کي وٺي اچي گهر ۾ وهاريائين، پوءِ اچي رجب کي چنبڙي پيو. سڄي رات ٽيئي ڄڻا هر هر هڪ ٻئي کي ملي روئيندا رهيا. رجب سڄي ڳالهه ماءُ پيءُ  کي ٻڌائي، جن هيڊ ماستر جو ڏاڍو ٿورو مڃي ۽ هن پيرن ۾ چنبڙي پيا ته تو اسان تي احسان ڪيو آهي- صبح جو ڪافي ڳوٺن کان ماڻهو ۽ هڪ جيڏا ٻار رجب کي ڏسڻ آيا ۽ سڄي شهر ۾ ڳالهه پهچي ويئي ته رجب خرڪارن جي ڪئمپ مان ڀڄي آيو آهي، اها ڳالهه ڳوٺ جي ڪن ڇوڪرن اسڪول ۾ به ڪئي، ان ڪري اسڪول جا سڀئي استاد رجب جي ڳوٺ آيا ۽ رٽائرڊ هيڊ ماستر سان به مليا ۽ رجب کي به پيار ڪرڻ لڳا، رجب جي مائٽن ٽي- چار ڏينهن هيڊ ماستر کي رهائي ڇڏيو، رجب جي پيءُ پٽ جي خوشيءَ ۾ خيرات ڪئي، خيرات جي ماني کائي، ٻئي ڏينهن تي هيڊ ماستر موڪلائي ڳوٺ لاءِ تيار  ٿيو، ۽ هنن هيڊ ماستر کي سوکڙيون ڏيئي اچي بس اسٽينڊ تي بس ۾ ويهاريائون.

ٻئي ڏينهن تي رجب اسڪول لاءِ تيار ٿيو، ماڻس چنبڙي پيس، ابا نه وڃ . پر رجب سمجهايس ته امڙ سدائين ايئن ڪونه ٿيندو، رجب کي پيءُ اچي بس ۾ وهاريو، رجب جيئن ئي اسڪول پهتو ته ڪافي هڪ جيڏا مڙي ويس. رجب سڀني کي پنهنجي ڳالهه ٻڌائڻ لڳو.

اسڪول جي هيڊ ماستر به اسيمبليءَ ۾ رجب جي ڀڄي اچڻ واري بهادريءَ کي ساراهيو ته هڪ ننڍڙو معصوم ٻار ڪيئن نه بهادري ڪري خرڪارن جي ڪئمپ مان ڀڄي نڪتو ۽ پوءِ هڪ رٽائرڊ استاد وٽ پهتو، جنهن ڪهل ڪري پوليس کي ٻڌايو ۽ پوليس ڪئمپ تي ڇاپو هنيو ۽ رجب اچي گهر پهتو. رجب اسڪول مان پڙهي بس ۾ اچي گهر واري اسٽينڊ تي لٿو ته پڻس اڳ ۾ انتظار ۾ بيٺو هو، گهر آيو ته ماڻس جون اکيون در ۾ هيون. اڄ ان ساڳي گهر ۾ وري ساڳيون خوشيون موٽي آيون ۽ اجڙيل گهر ۾ سکن جي بهار اچي ويئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

۽ چنڊ اجهامي ويو

           ڪافي ٻارن جي چهرن تي معصوم مرڪ هئي، هر ڪنهن پنهنجي دوست سان ڪپڙن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے