26 اربع , سيپٽمبر 2018

آيا

Mother_reads_to_son copy     هن کي صاحب جي گهر وڃڻ جو ڏاڍو هوندو هو، روز ماءُ کي چوندو هو، امان مون کي صاحب جي گهر وٺي هل.  هن جي نظر ۾ صاحب جو گهر تمام سٺو هوندو هو، ڇو ته صاحب جي گهران جيڪا ماني هن جي ماءُ کڻي ايندي هئي، سا هي پاڻ کائيندو هو، ۽ ماني هن کي ڏاڍي لذيذ لڳندي هئي! هن جي پيءُ کي مئي ڪافي وقت ٿي چڪو هو، ان ڪري سندن ماءُ ٻارن جي پٽ پالڻ لاءِ هڪڙي صاحب جي گهر ۾ ڪم ڪار ڪندي هئي! جمع جي ڏينهن موڪل هجڻ ڪري هي به ماءُ سان گڏ صاحب جي گهر هلڻ لاءِ تيار ٿيو. ماڻس هن کي صاحب جي گهر وٺي آئي، هن کي صاحب جي گهر ۾ ماڻس رڌڻي ۾ ويهاريو، ۽ پاڻ ويئي گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ. هي اتي ويٺو ماءُ کي ڏسندو رهيو، جيڪا ويچاري گهر جي ڪم ڪار کي لڳي پئي هئي. صاحب جا ٻه ننڍڙا  پٽ هر هر اچيو هن جي ماءُ کي آيا چون ۽ وري ڊڪندا پي ويا ڪيترا ڀيرا هن جي ماءُ جي پوتي کي ڇڪي پي ورتائون اهو ڏسي هن کي ڏاڍو ڏک ٿي ٿيو. پر ماٺ ڪيو ڏسندو رهيو هو.

ٿوري دير کان پوءِ گهر ۾ اندر ننڍن ٻارن سان صاحب به اچي رئڪيٽ راند ڪرڻ لڳو. هن کي ڏاڍو احساس ٿيو ته مون کي به بابا هجي ها ته ائين پيار ڪري ها ۽ راند ڪري ها. هن جي دل ۾ به تمنا ٿي ته راند ڪيان. ان ڪري اتان اٿي اچي ٻارن جي ڀرسان بيٺو. راند لاءِ صاحب جنهن وقت بال کي ڌڪ ٿي ههنيو ته ننڍن ٻن ٻارن ٿي کليو، ۽ هن به پنهنجي ليکي کلڻ شروع ڪيو، هڪ ڀيري صاحب بال کي ڌڪ هنيو، هي ڊوڙيو بال کڻڻ لاءِ ته صاحب جي هڪڙي پٽ هن کي چماٽ هڻي ڪڍي. هن کي ڏاڍو ڏک ٿيو. صاحب صرف مشڪيو ۽ راند ۾ پنهنجن ٻارن کي وندرائڻ لڳو. هي اچي وري رڌڻي ۾ ويهي رهيو. سندس ماءُ گهر جو ڪم ڪار لاهي پوءِ وٺي آئي صاحب جي ٻارن کي ۽ انهن کي وهنجارڻ لڳي، هن کي ڏاڍي ڪاوڙ ٿي آئي.

پنهنجي ماءُ تي پر ماٺ ڪيو ڏسندو رهيو، ماني وغيره تيار ڪري سندس ماءُ گهر هلڻ لاءِ تيار ٿي. هي به پٺيان هلندو رهيو هڪ اکر به ماءُ سان ڪو نه ڳالهايائين – گهر ۾ ڪاوڙجي ويهي رهيو. صاحب جي گهر جي ماني ڪو نه کاڌائين. ماءُ سان ضد ڪري ويهي رهيو ته اڳتي صاحب جي گهر نه ويندي ڪر. هو سٺو نه آهي، ماءُ جي اکين ۾ لڙڪ تري آيا. چيائينس پٽ، پوءِ کائينداسين ڪٿان! اهو سوچي سوچ ۾ پئجي ويو. ۽ ڳپل دير تائين روئيندو رهيو. سوچيائين هي وڏا ماڻهو ڪهڙا آهن. جيڪي پئسن تي اسان جي مائن جو پيار وٺن ٿا! اوچتو ذهن ۾ خيال آيس ماءُ کي ڀاڪي پائيندي چيائين امڙ مان اسڪول کان پوءِ ڇولا وڪڻندس ۽ تون امڙ گهر ۾ رليون ٺاهجان! باقي صاحب جي گهر نه وڃجان، تو آيا نه ٿر پر منهنجي ماءُ ٿي. هن جي امڙ جي کين ۾ وري به لڙڪ تري آيا ۽ هن کي ڀاڪي ۾ ڪندي چيائين ” منهنجا ٻچا! کڏ ۾ پوي اها نوڪري تون خوش ٿي منهنجا ٻچا! اهي لفظ ٻڌي هن جي اکين ۾ جوت اچي ويئي ماءُ کان ٻه رپيا وٺي تڪڙو تڪڙو ويو دڪان تان چڻا وٺڻ لاءِ.

هي به ڏسي سگهو ٿا

۽ چنڊ اجهامي ويو

           ڪافي ٻارن جي چهرن تي معصوم مرڪ هئي، هر ڪنهن پنهنجي دوست سان ڪپڙن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے