21 جمعو , سيپٽمبر 2018

مصالحي وارو گوشت

goshtشيون: ڳائو گوشت: هڪ ڪلو (هڏين وارو )، ڏهي: هڪ پاءُ، ٽماٽا: اڌ ڪلو (سنها ڪٽيل)، نصر: ٻه عدد (ڪٽيل)، ساوا مرچ چار عدد، هيڊ: هڪ چمچو، ڳاڙها مرچ: هڪ چمچو، اردڪ ۽ ٿوم جي رَس: هڪ چمچو، ثابت ڌاڻا: هڪ چمچو، جيرو: هڪ چمچو (ثابت)، گرم مصالي جو پائونڊر: هڪ چمچو، ڪارن مرچن جو پائونڊر: هڪ چمچو، ساوا ڌاڻا: اڌ ويڙهي، ليمي جي رس: ٻه چمچا، تيل: هڪ ڪوپ، لوڻ: ضرورت موجب

طريقو: گوشت کي اُٻاري يخني سان گڏ ڪڍي هڪ پاسي رکي ڇڏيو، پوءِ فراءِ پان ۾ تيل گرم ڪري بصرن کي ڀُڃو. هاڻ ادرڪ ۽ ٿوم جي رس، ثابت ڌاڻا، ڳاڙها مرچ، زيرو، ڌاڻن جو پائونڊر، لوڻ ۽ هيڊ وجهي فراءِ ڪيو، پوءِ اُٻاريل گوشت يخني سان گڏ وجهي پچايو. هاڻ ٽماٽا ۽ ڏهي وجهي گڏائي ڇڏيو ۽ ٽماٽا ڳرڻ تائين پچڻ ڏيو، جيڪڏهن پاڻي خشڪ ٿي وڃي ته ان ۾ ليمي جي رس، ڪارا مرچ، گرم مصالحو، ساوا مرچ ۽ ساوا ڌاڻا وجهي ڇڏيو. پچڻ کانپوءِ مصالحي وارو گوشت تيار آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

”سائي مصالي سان فرائي ٿيل جيرا “

شيون : جيرا هڪ عدد، ساوا مرچ پنج عدد، ساوا بصر  هڪ پاءُ ، ٽمٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے