23 آچر , سيپٽمبر 2018

عرس مست حيدر آباد ۾

mqdefault         اسان جي پاڙي ۾ عرس مست ڏاڍو کل مک ماڻهو آهي. هر هڪ سان کل ڀوڳ ڪري پيو دل وندرائيندو آهي. اسڪولي ٻارن سان خاص پوندي اٿس. منجهند جي وقت جڏهن پاڻي ڀري ٿڪجي پوند آ تڏهن پاڻي جو آخري دس اسان جي گهر کڻي ايندو آهي. ۽ رهندو به اسان وٽ آهي. مان جڏهن ننڍڙو هوس، تڏهن هيءُ مون کان اسڪول جي ڪتابن ۾ لکيل سبق ٻڌي، ٿڌو ساهه ڀري چوندو هو، ” عرس پڙهين ها ته-مسٽر عرس هجين ها، نه ڪي عرس مست“ ماڻهو کير جهڙو صاف آهي. هاڻ ته ڪافي ٻڍڙو ٿي چڪو آ. پر پوءِ به ڪنهن جي آڏو هٿ نه ٽنگيو اٿس. پاڻي ڀري گذارو ڪندو آهي. هڪ ڀيري مون کي چيائين، ننڍڙا حيدرآباد ٻڌندو اچان، جيئرو ساهه آهي. مون پنجاهه رپيا پاڻي مان گڏ ڪيا آهن، سو گهمائي اچ. مان عرس مست کي تيار ڪري حيدرآباد وٺي آيس. بس ۾ ئي همراهه جا وائيسر ڍرا ٿي پيا. سڄي واٽ الٽيون ڪري بس ڪن ڪري ڇڏيائين. الله الله ڪري اچي حيدرآباد پهتاسين، اچڻ شرط جاءِ تي سهمي رهيو. ڪجهه ٽڪيون وغيره کارايون مانس. همراهه سامت ۾ آيو. شام ئي جاءِ تان وٺي گاڏي کاتي ۾ آندو مانس. رڪشا ڏسي چيائين: ابا اهي ڇا آهن ٻڌايو مانس ته عرس مست اهي رڪشا اٿئي. همراهه کان رڪشا وسري ويو ياد ڪيائين ڪرشا. ٻه ٽي مختلف جايون گهمايون مانس. همراهه تنگ ٿي پيو. چئين: بس گهڻو ٿيو. ٻهراڙي سٺي آ هت ته دونهين ۾ اکيون سڄي پيون آهن. همراهه جي زور ڀرڻ تي، ڳوٺ واپس وٺي ويو مانس. واپسي ۾ ريل گاڏي ۾ وٺي ويو مانس. ان ڪري ڪجهه سامت ۾ رهيو. عرس مست جيئن ڳوٺ پهتو ته ٻار وڏا سڀ چنبڙي ويس، عرس مست حيدرآباد ۾ ڇا ڏٺوئي. سڀني کي چيائين رات جو احوال ڪبا.

رات ٿي اسان جي گهر ۾ اوڙي پاڙي جا ٻار اچي عرس مست کي چنبڙيا. عرس احوال ڏيڻ لڳو. يا ٻڌو ته گهڻو هوم. پر پنهنجي شهر سان اصل نه لڳي. وڏن شهرن ۾ رڳو گوڙ گهمسان. دونهون ايترو جو ساهه پيو وڇي. ماڻهو بکيا اهڙا جو لسي به پيا وڪڻن. ابا ڪرشا تي چڙهين. (رڪشا) پر ڪرشا کان ٿورو وڏي فرسٽ سيٽر(فور سيٽر) پاڻ کان وڌيڪ ماڻهو پئي کني. ٻيو ته خدا جي قدرت ماڙيون ته ڏٺيونسين پر ابا بس به ٻه ماڙ ڏٺم. بس ابا خدا جي قدرت جي ڪرامت آ. سڀ ٻار ۽ وڏا کلڻ لڳا.

عرس مست وري پيٽ تي هٿ رکي چيو. ابا کاڌو ڏاڍو خراب. سوڍو هليو وڃي نوڪري تي. هڪ ٻه هوٽل ڏيکاري چيائين. سو ابا هڪ ڀيري منجهند جو هوٽل تي ويس. ابا لسي جهڙي کٽي شئي ۽ ٿورڙي پليٽ ۾ کڻي ايو هوٽل وارو ۽ ٻيو رنگين ڀاڄي. پڇيو مانس انهن جو گهڻو. ڪاوڙ مان نهاري چيائين اهي مفت باقي ڀاڄي ماني جا پئسا لڳندا. ابا مون چيو ته مفت واري ڀاڄي سٺي آ. سو ماني گهرائي کاڌم. جاءِ تي اچي ويٺس جيڪو ڏڪار ڏيان رڳو نجو بصر وات مان نڪريو اچي. پوءِ سوڍل ٻڌايو ته اهو رنگ ڏنل بصر هو. ابا هڪ ڀيري هڪ گوشت ديڳ ۾ ڏٺم. گهريو ما نه کاڌم. گوشت واري لذت ڪا نه. چيو مان هيءُ ڇا آهي چيائيون نهالي (نهاري) ابا اها ته ٺهيو پر اڃا به وڌيڪ جٺ ٿي. ” ابا گاڏي تي هڪڙي شئي رکيو ويٺا هئا پڇڻ تي چيائون ته اهي ڊينبڙا (دهي بڙي) آهن، مون چيو ته وٽ ڪري ڏسان. ابا وات ۾ وجهڻ ۽ دل جو ڪچو ٿيڻ. بس پٽ پوءِ ته اچي جاءِ تي پهتس. دوڍل به آفيس مان موٽي آيو. تنهن کي چيم. بس گهڻو ٿوي مان ڳوٺ ويندس نه ته مان هت ئي مري ويندس. پر سوڍل مون کي شام جو ڏاڍو گهمايو. ابا ريل ريل آ. هڪڙي مشين ڏهه ڏهه گاڏا پٺيان ليکي ئي ڪا نه. لوڏو به ڪا نه ڏيئي. باقي بس، رڪشا، توبهن مصيبت شل نه دشمن به ايڏانهن وڃي. اڙي بابا پر چوندا آهن جهڙو ديس تهڙو ويس. سو اتان جا ماڻهو به ٺهيا پيا آهن. ٻار به ڏاڍا سڀاڳا آهن صبح جو سوير اسڪول وڃن. اسان جي ٻارن وانگيان کيٽو ڪو نه ڪن! الائي ڪندا به هجن پر مون ڪو نه ڏٺو. بس ابا سوڍل سان هڪ شڪايت آهي، قرب ڏاڍو ڏنائين. رات جو ٻه ٽي دوست آيس. ماڻهو کل مک هئا، پر انهن سان منهن جي گلا ڪندي چيائين ته يار عرس مست زندگي ۾ ڪڏهن بوٽ ڪو نه پاتو آهي. هت به زوري مسي چپل پارايو اٿمانس. هڪ ڀيري رات جو کوهه تان پاڻي ڀرڻ ويو. واٽ تي ڪا بلا ويٺي هئي جو بلا اتي ڦاسي پئي هئي، تنهن هن کي چڪ هنيو. پر هن جي پرن ۾ ايتري مٽي ڄمي ڇوڏا ٿي ويئي هئي جو بلا اتي ڦاسي پئي ۽ گهر تائين هن کي خبر ڪا نه پئي. گهر ۾ بتي تي جڏهن ٻارن نظر بلا تي پيئي ته سڀني ٻارن چيو عرس مست بلا تنهنجي پير جي کڙي ۾! ڇنڊڪو ڏنائين پر ڪا نه ڪري پوءِ ڇڪي لاٿائون پر هن کي ڪجهه ڪو نه ٿيو بلا مري چڪي هئي. ابا اهي لفظ جو همراهه ٻڌا ته وٽي ٽهڪ ڏنائون مان ڏاڍو لڄارو ٿيس. ڀلا گهر جي ڳالهه ڪبي آ. سو اهي اٿو عرس مست جا احوال. ٻيلي اڻپڙهيل آهيون ان ڪري سمجهون ڪو نه ٿا. ٻيلي پڙهو چار اکر ڪم ايندو. نه ته وتندو عرس مست وانگيان پاڻي ڀريندا.

هونئن ته چوندا آهن ته پڙهڻ ترڻ، تير هڻڻ، چوٿين سواري جي ڪو ننڍي هوندي ڪو نه سکيو ته وڏي هوندي خواري. سو ابا اسان جا حال به اهي آهن. مستن تي ميار نه آهي. من تون پڙهي سڌري پو. ائين عرس مست اٿيو ۽ سڄي ڪچهري اٿي ويئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

۽ چنڊ اجهامي ويو

           ڪافي ٻارن جي چهرن تي معصوم مرڪ هئي، هر ڪنهن پنهنجي دوست سان ڪپڙن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے