27 سومر , مارچ 2017

خاڪ کي سون بڻائڻ وارو اديب- موتي پرڪاش

ڊاڪٽر موتي پرڪاش جو شمار سنڌي ٻوليءَ جي انهن اديبن ۾ ٿئي ٿو، جن ورهاڱي کانپوءِ هندستان ۾ سنڌي ٻولي ۽ ادب کي ترقي وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس اصل نالو موتي ۽ والد جو نالو سکرامداس شرما هو۔ موتي پرڪاش 15 مئي 1931ع تي ٺٽي ضلعي دڙي شهر ۾ پيدا ٿيو۔ هن شروعاتي تعليم پنهنجي ڳوٺ مان ئي حاصل ڪئي ۽ انگريزي تعليم لاءِ کيس سندس ناناڻي گهر ڳوٺ جاتيءَ موڪليو ويو۔ جتي پنڊت ڪندن آسورام شرما جي مٿس مهرباني ٿي، جنهن کيس سنگيت ۽ هارمونيم سيکاري. پنڊت کي سنڌي ناٽڪ سان ڏاڍو چاهه هو، هن جاتيءَ ۾ سنڌي ناٽڪ کي اوج تي رسايو هو.“موتي” هن جي لکيل ۽ هدايتڪاري هيٺ پيش ڪيل ڊرامي ۾ پارٽ ڪندو هو. هو پنهنجي حياتيءَ جي آخري گهڙيءَ تائين ڊرامي سان لاڳاپيل رهيو.

بمبئيءَ  ۾ ٿائنيڪو ٿيڻ کانپوءِ هو اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا سان واڳجي ويو. اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهت سڀا سنڌي ٻوليءَ جي تسليمي تحريڪ هلائي ته موتي پرڪاش به ان تحريڪ ۾ سرگرم حصو ورتو. هو انهن اديبن ۾ شامل هو، جن سنڌي ٻوليءَ کي تسليم ڪرائڻ کانپوءِ سنڌي ٻوليءَ لاءِ ديو ناگريءَ بدران عربي لپي تسليم ڪرائڻ جي لاءِ هلچل هلائي.

ورهاڱي کان پوءِ موتي پرڪاش به ڀارت هليو ويو، جتي بي.اي (آنرس) ۽ بي.ايڊ تائين تعليم حاصل ڪري 1951ع ۾ ماستري جو پيشو اختيار ڪيائين ۽ 2002 ۾ رٽائرمينٽ تائين ان پيشي سان واڳيل رهيو. ان دوران هو شاعري ۽ سنڌي ادب سان به واڳيل رهيو ۽ ان سان گڏ دهليءَ ۽ آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي نيوز سروس ۾ پارٽ ٽائيم ڪم ڪندو هو. هو 1956 کان 1977 تائين آل انڊيا ريڊيو جي سنڌي سروس سان لاڳاپيل رهيو۔

ڊاڪٽر موتي پرڪاش کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن سنڌين جو قومي ترانو “آنڌيءَ ۾ جوت جاڳائڻ وارا سنڌي، خاڪ کي سون بنائڻ وارا سنڌي” لکيو. جيڪو  نه رڳو هندستان پر سڄي دنيا ۾ وسندڙ سنڌين جو قومي ترانو ليکيو وڃي ٿو.

موتي پرڪاش کي ڊرامن لکڻ ۽ هدايتڪاريءَ جو  شوق ننڍپڻ کان هو، هن 1960ع ۾ هن ڪن ساٿين سان گڏجي بمبئي ۾ سنڌو ڪلامندر جو بنياد وڌو ۽ ان سنسٿا طرفان ورهاڱي بعد پهريون ئي سنڌي اصلوڪو ناٽڪ پيش ٿيو.

موتي ترقي پسند اديب هو، هن ڀارت ۾ ترقي پسند تحريڪ ۾ سرگرمي سان حصو ورتو ، هو بنيادي طرح ناٽڪ ۽ نثر نويس آهي، پر هن شاعري ۾ به چنگ چوريو آهي. موتي پرڪاش نه رڳو سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻ لاءِ ماڻهن کي اتساهيو پر هو سنڌي ٻولي گهرن ۾ ٻارن سان ڳالهائڻ لاءِ تحريڪن هلائڻ وارن ۾ شامل هو. سنڌي ٻولي گهر ۾ ڳالهائڻ لاءِ هن عملي ڪم ڪيو. سندس وني ڪلا پرڪاش جو شمار به هند جي وڏين ليکڪائن ۾ ٿئي ٿو، جڏهن ته سندس پٽ شريڪانت صدف پنهنجي ٽهيءَ جو نمائندو شاعر آهي.

سندس ادبي ميراث ۾

  • آءُ ته چوريون چنگ (شعرن جو مجموعو)
  • انڌيرو اجالو (ناول)
  • ادبي گل ((مضمون)
  • رات هڪ طوفان جي (ٽه فصلو ناٽڪ )
  • دل جون ڳالهيون (يادگيريون)
  • ڏٺي ڏينهن ٿيام (يادگيريون)
  • سي سڀ سانڍيم ساهه سين (سفر نامو)
  • سنڌي شعر ۾ استريءَ جو چٽ (پي . ايڇ ڊي . مقالو )
  • چڻنگ وچ چولي (شعرن جو مجموعو)
  • جيءَ اندر جهاتيون (مزاحيه ڪالمي ڪهاڻيون)
  • تنهنجيءَ ڳليءَ ڳالهڙيون (شعرن جو مجموعو)
  • پرهه کان پهرئين- (چونڊ شاعري)

جڏهن ته هن مختلف صنفن جا ڪيترائي ڪتاب ترجمو به ڪيا آهن. هن هندستان ۾ سنڌي فلمن کي زور وٺرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. سندس هڪ ناٽڪ تان سنڌي فلم، رات هڪ طوفان جي، ٺاهي وئي، جنهن ۾ ڪجهه گيت، مڪالما ۽ اسڪرين پلي موتي پرڪاش جا هئا. جڏهن ته سندس ٻين فلمن ۾

نقلي شان (سنڌي فلم – مڪالما)

اڃا ته مان ننڍڙي آهيان (سنڌي فلم- ڪجهه گيت ۽ مڪالما)

تعليم جي شعبي ۾ هن جو نمايان خدمتون هيون، پاڻ 1967ع ۾ استادي پيشي ۾ داخل ٿيو، ۽ ڪي جي، کلناڻي هاءِ اسڪول ، دادر، ممبئي ۾ 1977ع تائين پرنسپال رهيو. جنهن کانپوءِم هو 1977ع کان 2002ع تائين دبئي ۾ اندين هاءِ اسڪول جي پهرئين پرنسيپال ۽ سربراهه جي حيثيت ۾ خدمتون ڏيندو رهيو.

 هن پنهنجي حياتيءَ جا آخري سال به سنڌي ٻولي ۽ ادب جي ترقيءَ لاءِ اندين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي، آديپور ۾  2۰۰2-2۰۰۴ ڊائريڪٽر  جي حيثيت سان سر انجام ڏنيون، جنهن کانپوءِ  ساڌو هيرانند نولراءِ اڪيڊمي، آديپور  جو بنا معاوضي ڊائريڪٽر  رهيو. سنڌي ٻوليءَ جي هن گهڻ پاسائين اديب ۴ آگسٽ 2۰۱۵ع ممبئيءَ ۾ چالاڻو ڪيو.

اسڪرپٽ: ڊاڪٽر قاسم راڄپر

هي به ڏسي سگهو ٿا

vlcsnap-2017-03-26-21h12m31s659

عوامي آواز|نيوز بليٽن

*رستن تي نڪتاسين ته لاهور بند ٿيندو، پتو پوندو ته اليڪشن ڪيئن ٿيندي آهي: آصف …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي