17 بدھ , جنوری 2018

پرويز مشرف کي پرڏيهه موڪلڻ ڪرپشن آهي: سراج الحق

news-1458748665-5178_largeلاهور(ع آ نيوز) جماعت اسلامي امير سينيٽر سراج الحق چيو آهي ته ٻه ڀيرا آئين کي ٽوڙيندڙ فوجي ڊڪٽيٽر کي ٻاهر موڪلي ڪرپشن ڪئي وئي آهي، اهڙو ٻٽو معيار نه هلندو. سراج الحق ايوان اقبال لاهور ۾ ڪرپشن فري پاڪستاني سيمينار کي خطاب ڪندي چوڻ هو ته نئون پاڪستان اهو ٺاهڻ چاهيون ٿا جيڪو نئون قرآن، نئون اسلام چاهي ٿو، جيڪو ڪم جنگن ۾ نه ٿيو اهو ڪم هي ماڻهو نظرياتي ڏڦيڙ ڦهلائي ڪري رهيا آهن. ٻه ڀيرا آئين ٽوڙيندڙ اڳوڻي جرنيل چيلهه جي سور جو بهانو ڪري پرڏيهه ڀڄي ويو آهي. حالانڪ چيلهه واري تڪليف ته هر 10هين 11هين ماڻهو کي ٿيندي آهي. ان جو چوڻ هو ته هي ڪهڙو سور آهي جيڪو راتين ۾ دبئي پهچي ٺيڪ ٿي ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ساليانو 250 ارب رپيا رشوت جائز ڪمن لاءِ عوام کي ڏيڻي پوندي آهي، 162 ارب رپين سان اورنج لائين پراجيڪٽ ٺاهيو پيو وڃي، اهڙن پراجيڪٽن سبب ملڪ جو هر فرد 1600 رپين جو قرضي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماڊل ٽائون سانحي پويان شريف ڀائرن جو هٿ آهي، راڻا ثناءُ الله ته صورت مان ئي قاتل لڳندو آهي: عمران خان

لاهور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته قصور ۾ ڪجهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے