21 جمعو , سيپٽمبر 2018

پاڪستان ايئر ويز خودمختيار يا پي آءِ اي سان لاڳاپيل ادارو؟ فيصلو وزير اعظم ڪندو

news-1458742935-6445_largeاسلام آباد(ع آ نيوز) وزير اعظم ميان محمد نواز شريف کي سڀاڻي پاڪستان ايئر ويز قائم ڪرڻ بابت فريفنگ ڏني ويندي جنهن کان پوءِ پاڪستان ايئر ويز کي خودمختيار يا پي آءِ اي جو لاڳاپيل ادارو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويندو. نجي ٽي وي چينل اي آءِ واءِ نيوز موجب سڀاڻي پي آءِ اي چيف آپريٽنگ آفيسر وزير اعظم کي پاڪستان ايئرويز جوڙڻ بابت بريفنگ ڏيندو جنهن ۾ ان جي بزنس پلان ۽ نين طيارن جي خريداري سميت مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. ان موقعي تي پاڪستان ايئر ويز جوڙڻ لاءِ وڌيڪ رقم جاري ڪرڻ وارو فيصلو به متوقع آهي جڏهن ته ان جي سيٽ اپ لاءِ هڪ ارب رپيا پهرين ئي جاري ڪيا ويا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

چڪوال ۾ تخريبڪاري جو منصوبو ناڪام،2 مبينا دهشتگرد گرفتار

چڪوال ( ويب ڊيسڪ ) چڪوال ۾ پوليس ڪارروائي ڪندي شهر ۾ دهشتگرديءَ جي وڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے