24 آچر , جون 2018

ايوان صدر ۾ ايوارڊ تقريب، شهيد فوجين ۽ اعليٰ آفيسرن کي ايوارڊ ڏنا ويا

awan sadarاسلام آباد(ع آ نيوز) ايوان صدر ۾ سول ۽ عسڪري اعزاز ڏيڻ جي تقريب ۾ بي مثال ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندڙ فوجي آفيسرن ۽ شهيدن جي وارثن کي ايوارڊ ڏنا ويا. ايوان صدر ۾ ٿيل تقريب دوران صدر ممنون حسين مختلف شخصيتن کي ايوارڊ ڏنا ويا. ان موقعي تي وفاقي وزير، پرڌيهي سفير ۽ ٻيون اهم شخصيتون به شريڪ رهيون. تقريب دوران اسٽيٽ بينڪ جي اڳوڻي گورنر ڊاڪٽر عشرت کي نشان امتياز سان نوازيو ويو. اي ايس ايف جي شهيد محمد جمن، اي ايس آءِ محمد اقبال، اسد شاهه نواز کي تمغه شجاعت ڏنو ويو. شهيد سارجنٽ عبدلاملڪ، سارجنٽ منتظر شاهه لاءِ به تمغه شجاعت ڏنو ويو. ڪارپورل غلام مرتضيٰ، محمد اعظم ۽ محمد حيات کي به تمغه شجاعت جو ايوارڊ ڏنو ويو. چيف سيڪروٽي آفيسر ڪراچي ايئرپورٽ غازي ميجر رٽارئڊ اسلم پرويز لاءِ به ستاره شجاعت جو اعزاز ڏنو ويو. اي ايس ايف جي شهيد سب انسپيڪٽرن محمد سرور، طارق محمود، حفيظ الرحمان لاءِ تمغه شجاعت ڏنو ويو. غازي سارجنٽ عطاءُ الرحمان، اختر حسين، نصير احمد لاءِ تمغه شجاعت جو اعزا ڏنو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

تڪراري اينڪر عامر لياقت پاران ٻي شادي ڪرڻ جو انڪشاف

 ڪراچي( ويب ڊيسڪ) پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا  جي تاريخ ۾ تڪراري رهندڙ   ٽي وي اينڪر  ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے