21 جمعو , سيپٽمبر 2018

لکي غلام شاهه ڀرسان تازو ئي تيار ٿيل پل ناقص مٽيريل سبب ڪري پئي، 15 ڳوٺن جو رستو ڪاٽا

03لکي غلام شاهه(ن ع آ) چڪ لڳ چار مهينا اڳ جڙي تيار ٿيل روڊ جي هڪ پل ڪري پيئي 15 ڳوٺن جو رستو ڪٽجي ويو .ڳوٺاڻن جو نيب کان جاچ ڪرائڻ جو مطالبو.تفصيل موجب چڪ ڀرسان کاهي کان ڳوٺ عبدالغفور چاچڙ، قائم الدين شيخ، کوساڳوٺ،ڳوٺ گلشير جاگيراڻي .قلندربخش ڪرسي ،حاڪم ڪرسي ۽ ٻين ڳوٺن کي کاهي سکر شڪارپور۽ ٻين شھرن سان ڳنڍيندڙ روڊ رجب واھ جي کاٻي ڪپ سان چار مهينا اڳ جوڙيو ويو هو جنهن جي کاهي ڳوٺ سامهون جوڙيل هڪ پل ڊھي پٽ ٿيڻ ڪري ڳوٺاڻن جي آمد درفت جو رستو ختم ٿي ويو آھي ڳوٺاڻن خادم هڪڙو علي گوهر کوسو پنڃيل جاگيراڻي اڪبرشيخ  ۽ٻين دانهون ڪيون آھن تہ روڊ جو ڪم ناڪس مٽرل سان ٿيل هو جنهن ڪري پل ٽٽي پئي آھي ٺيڪيدار شاهنواز منگي ڏاڍ مڙسي ڪري واھ جي ڪپر تي جوڙيل روڊ تي رورل هلائڻ بدران جڳاڙي ڪم ڪري روڊس کاتي لکي سان ملي ڀڳت ۾ هڪ ڪروڙ 88 لک روپين جو ڪم تسلي بخش ڄاڻائي رقم  ڪڍرائي هڙپ ڪري ويو آهي .هنن اعلىٰ اختيارين کان گهر ڪئي آھي تہ نيب کان جاچ ڪرائي روڊس کاتي جي علمدارن ۽ ٺيڪيدار خلاف قدم کنيو وڃي .هنن خدشو ظاهر ڪيو آھي تہ رجب واھ ۾ پاڻي جي چاڙھ ڪري روڊ جو باقي بچيل حصو بہ لڙھي ويندو ۽ سارين جي فصل ۾ پاڻي وڃڻ ڪري وڏي تباهي اچي سگهي ٿي .

هي به ڏسي سگهو ٿا

Muharram-ul-Haram Jalos, mobile services closed in different cities

محرم الحرام جا جلوس، مختلف شهرن ۾ موبائل سروس بند

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾  8 محرم الحرام جا جلوس، مختلف شهرن ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے