26 اربع , سيپٽمبر 2018

آرمي چيف جا بينر: وزيراعظم جو شهباز شريف کان پڇاڻو

Nwaz & Shahbaazلاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم نواز شريف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ آرمي چيف جنرل راحيل شريف بابت بينر لڳڻ تي پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کان وضاحت طلب ڪري ورتي آهي. وزيراعظم هائوس جي ذريعن موجب وزيراعظم پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف کان آرمي چيف جي بينر لڳرائڻ بابت پڇاڻو ڪيو ته پنجاب هارٽي ڪلچر اٿارٽي کي شهر ۾ بينر هڻڻ جي ڪنهن اجازت ڏني، جنهن تي شهباز شريف ڪجھه دير جي لاءِ خاموش ٿي ويو. بعد ۾ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي شهباز شريف چيو ته هو پاڻ شهر ۾ بينر لڳڻ تي ڳڻتيءَ ۾ ورتل آهي ۽ هو پاڻ ان بابت ڊي ايڇ اي کان ڄاڻ وٺي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڊي ايڇ اي انهن بينرن جي لڳڻ بابت اڻڄاڻ هئي، عام طور ٽيڪس ادا ڪرڻ کان پوءِ جڏهن بينر لڳايا ويندا آهن ته هي بينر عام روٽين جيان لڳايا ويندا آهن. شهباز شريف وزيراعظم کي آرمي چيف بابت تڪراري بينرن جي جاچ ۽ ذميوار ماڻهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو يقين ڏياريو. ٻئي طرف شهباز شريف جي سياسي ترجمان ۽ پبلڪ ريليشن آفيسر ان خبر جي ترديد ڪئي آهي. واضح رهي ته پنجاب جي غير مشهور تنظيم ”موو آن پاڪستان“ هڪ ڀيرو ٻيهر آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي تصويرن وارا بينر ملڪ جي 13 شهرن جي مشهور ورڊن تي لڳرايا آهن، جن ۾ آرمي چيف کان مارشل لا لڳائڻ ۽ ملڪ ۾ ٽيڪنو ڪريٽن جي حڪومت جوڙڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ به هلندڙ سال جنوريءَ ۾ به ڄاڻايل تنظيم طرفان سڄي ملڪ جي وڏن شهرن جي مشهور روڊن تي آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي تصويرن وارا بينر لڳرايا ويا هئا. جن تي لکيو ويو هو ته ”جانے کی باتیں جانے دو“ ٻئي طرف فون پاران به آرمي چيف جي تصويرن وارن بينرن بابت لاتعلقيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

معاشي حالتن جو ڏوهاري اسحاق ڊار آهي، ميثاق جمهوريت هئڻ گهرجي: فواد چوڌري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے