24 سومر , سيپٽمبر 2018

عيد الفطر مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي، سڄي ملڪ ۾ عيد جا وڏا اجتماع

Eid-in-Peshwar-Pakistan

ڪراچي (رپورٽر):عيد الفطر سڄي ملڪ ۾ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي. سڄي ملڪ ۾ عيد جا وڏا وڏا اجتماع ٿيا. صدر ممنون حسين فيصل مسجد اسلام آباد ۾ عيد نماز ادا ڪئي. جڏهن ته وزير اعظم نواز شريف لنڊن ۾ عيد گذاري. سنڌ جي گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد خان پولو گرائونڊ ڪراچيءَ ۾ عيد نماز ادا ڪئي.ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر چيو ته مان متحده قومي موومينٽ کان پري نه ٿيو آهيان، پر متحده مون کان پري ٿي آهي. مان متحده کان پري نه ٿيو آهيان. هوڏانهن عيد نماز جي موقعي تي سيڪيورٽيءَ جا سخت انتظام ڪيا ويا هئا. عيد نماز کانپوءِ ماڻهو پنهنجي مٽن مائٽن سان عيد ملي رهيا آهن.جڏهن ته شام ٿيندي ئي ماڻهو گهمڻ ڦرڻ لاءِ تفريحي ماڳن ڏانهن نڪري آيا، جنهن سبب تفريحي جاين تي رونق وڌي وئي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے