16 ڇنڇر , ڊسمبر 2017

چوڌري نثار اسان جي ليڊرشپ خلاف غير پارلياماني ۽ غليظ ٻولي استعمال ڪري رهيو آهي : قائم علي شاهه

phpthumb

لاڙڪاڻو (بيورو): سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه چيو ته آهي امجد صابري جي قتل ڪيس ۾ ڪافي اڳڀرائي ٿي آهي، ٻه
کان ٽي ملوث ماڻهو گرفتار ڪيا  ويا آهن ۽ جنهن گولي هلائي آهي ان کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو، اويس شاهه جي اغوا وارو معاملي اهم ڪيس آهي جنهن ۾ ٽي مختلف ٽيمون جوڙيون ويون آهن، جن ۾ سينيئر پوليس آفيسر ۽ رينجرس به شامل آهي، پر ڪجهه وقت جي ضرورت آهي ۽ تمام جلد اويس شاهه کي بازياب ڪرايو ويندو. ڳڙهي خدابخش ڀٽو ۾ عيد نماز پڙهڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سوئيس ڪيس ۽ پاناما ليڪس معاملي ۾ فرق آهي، اسان چاهيون ٿا ته پاناما ليڪس معاملي جي مڪمل جاچ ٿئي پر افسوس جي ڳالهه آهي ته چوڌري نثار اسان جي ليڊرشپ خلاف ناجائز، غير پارلياماني ۽ غليظ ٻولي استعمال ڪري رهيو آهي ، اسان جي ليڊرشپ مٿان سوئيس ڪيس سميت ڪو به ڪيس ثابت نه ٿيو، چوڌري نثار ڀلجي ويندو آهي ته نواز شريف جي دور ۾ جيتريون تڪليفون ۽ ڪوڙا ڪيس اسان جي ليڊرشپ خلاف داخل ڪيا ويا، جيڪي بعد ۾ ثابت به نه ٿي سگهيا. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم ٿيڻ شرط اسان انتقام نه پر مفاهمت جو هٿ وڌايو جيڪا ڳالهه چوڌري نثار کي ياد نه آهي، چوڌري نثار جنهن عهدي تي ويٺو آهي هو ان ذميواري سان ڳالهه ڪري ته بهتر ٿيندو. سيد قائم علي شاهه چيو ته اسان وفاق جا پارٽنر آهيون، تيل ۽ گيس تي 18 هين ترميم کان بعد صرف 50 سيڪڙو حصو ڏنو ويو،  جيڪو هينئر نه پيو ملي، سنڌ سان زيادتيون بند ڪيون وڃن، اسان وفاق پاران ملندڙ  لولي پاپ مان مطمئن نه آهيون، اسان کي پنهنجو حق گهرجي. هن چيو ته ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته پيپلز پارٽي خلاف ماڻهن کي ورغلايو وڃي پر پاڪستان خاص طور سنڌ جو عوام پيپلز پارٽي سان گڏ رهندو، ڪراچي ۾ ڪجهه ماڻهو عوام کي ڀڙڪائي رهيا آهن. ان موقعي تي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه، سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن سان گڏجي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، شهيد محترمه بينظير ڀٽو سميت ٻين شهيدن جي مزارن تي حاضري ڀري گلن جون چادرون چاڙهي فاتح خواني پڻ ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ماءِ لارڊ ڇا توهان جو بابا واٽس ايپ ڪالز به ڪندو هو؟ مريم نواز جو ثاقب نثار جي تقرير تي طنزيه ٽويٽ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جي ڌيءَ مريم نواز چيف جسٽس آف …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے