18 اربع , جنوري 2017

دنيا ۾ آيل دهشت گرديءَ جي نئين لهر

سڄي دنيا جي مسلمانن لاءِ مقدس هنڌ يا ايئن کڻي چئجي ته ڀلي پارَ جي حيثيت رکندڙ سعودي عرب جي شهر مديني ۾ سومر ڏهاڙي سج لڙيءَ جو مسجد نبويءَ ڀرسان ٿيل خودڪش حملي ۾ چار سڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا، جڏهن ته 5 زخمي ٿيا.

سعودي عرب ۾ چوويهن ڪلاڪن اندر هي ٽيون ڌماڪو هو. ان کان اڳ سانجهيءَ نماز کان ٿورو وقت اڳ سعودي ءَ جي اوڀر پاسي واري شهر قطيف ۾ ڌماڪو ٿيو. قطيف سعودي عرب ۾ شيعا برادريءَ جو ڳڙهه آهي. هنن ٻنهي ڌماڪن کان اڳ جدي ۾ به سومر رات هڪ ڌماڪو ٿيو هو، جنهن ۾ خودڪش بمبار آمريڪي قونصل خاني ڀرسان پاڻ کي ڌماڪيدار مادي سان اڏائي ڇڏيو هو. سعودي عرب جي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته جدي ۾ خودڪش حملو ڪندڙ بمبار هو، جيڪو پاڪستاني هو، سندس نالو عبدالله گلزار خان آهي.

سعودي عملدارن مطابق عبدالله گلزار خان 15 سيپٽمبر 1981ع تي ڄائو ۽ هو پنهنجي گهر واري ۽ والدين سميت گذريل 12، 15 سالن کان سعودي عرب ۾ رهندڙ آهي.

دهشت گردي هڪ عالمي لعنت آهي، جيڪا ڪنهن هڪ قوم، مذهب يا ملڪ سان تعلق نه ٿي رکي. دنيا ۾ سرمائيداري ۽ سامراجي سوچ چوٽ چڙهڻ توڙي عوام تي حڪمرانيءَ لاءِ ننڍين ننڍين رياستن ۽ قومن تي قبصي واري پاليسي اختيار ڪرڻ جو نتيجو دهشت گردي ۽ انتهاپسنديءَ جي صورت ۾ نڪتو آهي. هن وقت يورپ هجي يا وچ اوڀر، آمريڪا هجي يا ايشيا ڪابه ڏس دهشت گردي ۽ انتهاپسنديءَ جي لعنت کان آجي ناهي.

گهڻو پري ڇو وڃجي گذريل ڏهن پندرهن ڏينهن دوران پيش آيل واقعن تي نظر ڦيرائجي ته چڱيءَ طرح پتو پئجي ويندو ته دنيا جي مڙني کنڊن ۾ ڪيئي شهرن کي رت ۾ وهنجاري قيمتي انساني زندگين کي موت جي ننڊ سمهاريو ويو. ترڪي لاڳيتو دهشت گردن جي لپيٽ ۾ آهي. 2003ع ۾ بغداد تي آمريڪي حملي کانپوءِ اتي جيڪا بارود جي باهه ٻاري وئي سا وسامڻ جو نالو ئي نه ٿي وٺي، لبيا، مصر، بنگلاديش، افغانستان، مطلب ته ڪابه ڪنڊ خودڪشن کان ۽ سندن سوچ جي لپيٽ ۾ اچڻ کان بچيل ناهي.

سعودي عرب ۾ مسجد نبويءَ ڀرسان جتي ڌماڪو ٿيو آهي. اتي اسلام جو آخري پيغمبر حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه واله وسلم آرامي آهي. ان هنڌ کي سڄي دنيا جا مسلمان انتهائي مقدس جاءِ سمجهن ٿا. سڄي دنيا جا لکين مسلمان هر سال پنهنجي گناهن جي ڪفاري لاءِ سعوديءَ جو رُخ ڪن ٿا، سو جتي اسلامي عقيدي موجب ڇوٽڪارو ملندو هجي، جنهن هنڌ کي مسلمان مقدس هنڌ ۽ ڀلو پارُ سمجهندا هجن، اتي رت جي راند رچائڻ، مذهب جي، اسلام جي ۽ مسلم امت جي ڪهڙي خدمت آهي.

چون ٿا ته بنگلاديش کان ويندي سعودي عرب تائين دهشت گرديءَ جي جيڪا نئين لهر اٿي آهي، تنهنجي پٺيان دوليه اسلاميه المعروف داعش نالي اها تنظيم آهي، جنهن جي سربراهه ابوبڪر البغداديءَ خلافت جو اعلان ڪيو آهي، هيءَ ئي اها تنظيم آهي، جنهن القاعده جي عملي طور اچي جاءِ والاري آهي ۽ بوڪو حرام کان ويندي طالبان تائين دنيا جون اڪثر انتهاپسند، بنياد پرست ۽ دهشت گرد تنظيمون ۽ ٽولا ان جي اطاعت ڪري چڪا آهن.

مديني شريف ۾ جنهن هنڌ ڌماڪو ڪيو ويو آهي، اهو هنڌ اسلام جي ان پيغمبر جي آخري آرامگاهه آهي، جنهن ڏنڊي ۽ بندوق جي زور تي نه پر پنهنجي عملن جي ذريعي اسلام جي پرچار ڪرڻ ۽ پنهنجي مذهب جو جهر جهنگ پيغام پهچائڻ کي اوليت ڏني.

هي خودڪش ڌماڪا ڪندڙ، فرقي جي بنياد تي ماڻهو ماريندڙ، اسلام ۽ ٻين مذهبن وچ ۾ نفرتن جي ديوار کڙي ڪندڙ قطعي طور به حضور پاڪ جن جي راهه جا راهي ٿي نه ٿا سگهن، هنن جي ايجنڊا پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن، بندوق ۽ بارود جي زور تي پنهنجي مذهب ۽ ماڻهن کي دنيا اندر بدنام ۽ رسوا ڪرڻ ئي سمجهه ۾ اچي ٿي.

هي خودڪش حملا جيڪي تيزيءَ سان هاڻي سعوديءَ کي به لپيٽ ۾ آڻي رهيا آهن، سي يقيني طور يمن ۾ مداخلت، شام، عراق ۽ ايران سميت، بيروت سميت وچ اوڀر ۾ سعودي عرب جي شروع ڪيل ۽ سندس سرپرستيءَ ۾ هلندڙ ڳجهين لڙاين جو نتيجو به ٿي سگهن ٿا. ٻين جي گهرن کي باهه ڏئي پاڻ محلن ۾ آرامي ٿي وڃڻ وارو وقت ويو، هاڻي جهڙي ڪرڻي تهڙي ڀرڻيءَ جو دور هلي ٿو، جيڪو پوکبو سو ئي لُڻبو، سو سعودي عرب کي به پنهنجي پاليسين تي نظر ثاني ڪرڻ گهرجي.

گڏوگڏ سعوديءَ ۾ ٿيل ڌماڪا پاڪستان لاءِ به ان ڪري ڳڻتيءَ جو ڪارڻ هئڻ گهرجن جو جدي ۾ ٿيل ڌماڪي ۾ ٻيو ڪير به نه پر سعوديءَ جي گهرو وزارت مطابق پاڪستاني ملوث آهي. جتي به دهشت گردي ٿئي، اتي پاڪستان جو نالو کَڄي سو سٺو سنئوڻ ناهي، پاڪستان کي به هاڻي پاليسين تي نظرثاني ڪندي اهڙيون نرسريون ئي پاڙئون پٽي ڦٽو ڪري ڇڏڻ گهرجن، جيڪي انتهاپسنديءَ کي ۽ دهشت گرديءَ کي هٿي وٺرائڻ توڙي ڏيهان ڏيهه ملڪ جي بدناميءَ جو سبب بڻجي رهيون آهن.

اربع 6 جولاءِ  2016ع، پهرين شوال1437 هه

هي به ڏسي سگهو ٿا

کنڀيل ماڻهن ۽ چچريل لاشن جي رسمن ۽ روايتن واري جمهوريت

پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ماڻهن جي گم ٿيڻ، بنا اطلاع يا سرڪاري وارنٽ جي …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي