23 آچر , سيپٽمبر 2018

صدر ۽ وزيراعظم پاران قوم کي دلي عيد واڌايون

NawazSharif-PrimeMinister-defenceday-martyrs-1965_9-6-2015_196518_lاسلام آباد (ع آ نيوز) صدر ممنون حسين چيو آهي ته عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي آئون قوم کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيان ٿو ۽ هن عظيم ڏڻ جي موقعي تي الله تعاليٰ جي بارگاهه ۾ ملڪ، عوام ۽ اسلامي دنيا جي خير ۽ برڪت جي لاءِ دعاگو آهيان. جڏهن ته وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته عيدالفطر جي خوشي جي موقعي تي اسلامي ملت ۽ پاڪستاني قوم خاص طور تي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. الله تعاليٰ جو فضل ۽ ڪرم آهي جو هن اسان کي رمضان المبارڪ جي فيض ۽ برڪتن مان فائدو کڻڻ جو موقعو ڏنو آهي. الله تعاليٰ اسان سڀني جي عبادتن کي قبول ڪري ۽ هن مبارڪ مهيني جي ٽنهي ڏهاڪن کي اسان جي لاءِ رحمت، مغفرت ۽ دوزخ جي باهه کان ڇوٽڪاري جو ضامن بڻائي. عيدالفطر مسلمانن جي لاءِ خوشي ۽ شڪراني جو ڏينهن آهي. الله تعاليٰ جي نعمتن ۽ رحمتن جي گهرج آهي ته اسان ان موقعي تي پنهنجي مائٽن، پاڙيسرين ۽ ضرورتمند ڀينرن ڀائرن سان هر ممڪن تعاون ڪريون ۽ انهن کي به عيد جي خوشين ۾ شامل ڪريون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جنگ مڙهي وئي ته منهن ٽوڙ جواب ڏينداسين: مولا بخش چانڊيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻ مولا بخش چانڊيي چيو آهي ته مودي ۽ ڀارتي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے