26 اربع , سيپٽمبر 2018

سنڌ: هڪ سلطنت کان اُداس واديءَ تائين :سنڌ جي تاريخ ۽ لسانيات جي عالم محترم يوسف شاهين جو انٽرويو :حصو پهريون

سنڌ جي تاريخ ۽ لسانيات جي عالمي سطح جي عالم محترم يوسف شاهين  ”عوامي آواز ٽي وي“ جي پرگرام پئنل انٽرويو ۾ سنڌ جي تاريخ  جي مختلف پاسن تي تفصيلي طور خيالن جو اظهار ڪيو ، جن کي هڪ مضمون جي شڪل ۾ سنڌ جي تاريخي دستاويز طور اوهان آڏو پهچائجي ٿو. تفصيلي انٽرويو awamiawaz.com  تي ڏسي سگهجي ٿو.

دنيا ۾ هن وقت تائين جيڪي به وڏا انقلاب آيا آهن، انهن جي ابتدا سنڌ کان تي. دنيا جو پهريون عظيم ترين انقلاب ”زراعت“ هو. جنهنجا بنياد تاريخي لحاظ کان سنڌ ۾ رکيا ويا، جتي ڪڻڪ، جَوَ، ٻاجهر ۽ ٻيا اناج پوکيا ويا. جيئن ته اهو اناج خراب ٿيڻ کانسواءِ هڪ هنڌ ذخيرو ڪرڻ ممڪن ٿي پيو. ان ڪري  انسان جي خانه بدوش زندگيءَ ۾ تبديلي اچڻ لڳي. هو پيٽ گذر لاءِ جهر جهنگ ڌڪا کائڻ کان بچي ويو. نتيجي طور اڳتي هلي دنيا ۾ پهريان ڳوٺ ۽ شهر ٻڌجڻ لڳا. انسان ذات کي ٿانيڪو ٿي هڪ هنڌ رهڻ واري زندگيءَ جي ابتدا کي دنيا جو ٻيو وڏو انقلاب چئجي ٿو، جنهنجي ابتدا به سنڌ کان ٿي.

دنيا جو ٽيون وڏو انقلاب تڏهن آيو، جڏهن انسان ذات وات مان نڪرندڙ آوازن کي پهرين لهجي ۽ پوءِ ٻوليءَ جو درجو ڏنو. هن وقت ۾ دنيا نَوَ (9) هزار ٻوليون آهن، جڏهن ته لهجن جو ڪو ڪاٿو ئي ناهي. گذريل پنج هزار سالن دوران ڪئين ٻوليون ۽ لهجا ختم ٿي چڪا آهن. پر سنڌ دنيا جو واحد خطو اهي، جتي لڳ ڀڳ ڏھ هزار سال اڳ سنڌي ٻولي ۽ انجي صورتخطي ٺاهي ويئي. ان وقت کان اڄ تائين سنڌي ٻولي دائم ۽ قائم آهي. فقط سنڌيءَ ٻوليءَ جي صوتخطي تبديل ٿيندي رهي آهي. شايد ست ڀيرا تبديل ٿي آهي. سنڌي ٻوليءَ لاءِ جيڪا پهريون صورتخطي ٺاهي ويئي. اها اڄ ڏينهن تائين دنيا جا ٻولين جا ماهر پڙهي نه سگهيا آهن. حيرانگي اها آهي ته سنڌي ٻوليءَ جي اها پهرين صورتخطي آرٽ ۽ جاميٽري جي  فن جو اعليٰ ترين مثال آهي. ان صورتخطيءَ جي ڊزائن اڄوڪي سائنسي ۽ ڪمپيوٽر دؤر ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هتي اهو به ٻڌائڻ ضروري آهي ته سنڌي ٻوليءَ جون قديم همعصر ۽ وڏيون ٻوليون ٻه هزار سالن کان وڌيڪ عرصي تائين جيئرو رهڻ کانپوءِ ختم ٿي ويون. جهڙوڪ سميري، اڪادي، ارامائيڪ ۽ ٻيون ٻوليون.

دنيا ۾ چوٿون وڏو انقلاب تڏهن آيو، جڏهن موهن جي دڙي جي ماڻهن ” هٿيارن کان پاڪ“ معاشرو قائم ڪيو. هنن چيو ته جيئن جيئن هٿيار ٺاهيا ويندا تيئن تيئن انسان قتل ٿيندا رهندا. گذريل پنج هزار سالن ۾ پنج هزارن کان وڌيڪ جنگيون ٿي چڪيون آهن، جنهن ۾ لڳاتار ڪروڙين ماڻهو قتل ٿيندا رهن ٿا. هٿيارن جي ڊوڙ ۾ انسان تير ڪمان کان ايٽم بم، هائڊروجن بم ۽ ٻيا خطرناڪ هٿيار تيار ڪيا آهن. جيستائين هن دنيا کي سنڌ جي نظريي تحت هٿيارن کان پاڪ نه ڪيو ويندو. تيستائين انسان قتل ٿيندا رهندا.

دنيا جون پنجون وڏو انقلاب تڏهن آيو، جڏهن سنڌ ۾ ”صنعت“ جا بنياد رکيا ويا. سنڌين  ڪپهه مان ڌاڳو ۽ ڌاڳي مان ڪپڙو ٺاهڻ جون ڪاٺ واريون مشينون ”ارٽ ۽ آڏاڻا“ ايجاد ڪيا. اڄوڪيون ٽيڪسٽائيل جون مشينون، انهن مشينن جو نقل آهن. سنڌ ۾ دنيا جي پهرين صنعت قائم ٿيڻ سبب سنڌ يا سنڌوءَ کي انڊس چيو ويو. ان نالي جي نسبت سان لفظ ”انڊسٽري“ وجود ۾ آيو.

سنڌ دنيا جو اهو خطو آهي، جتي دنيا کي سڀ کان اول اهو ٻڌايو ويو ته خداوند تعاليٰ واحد لاشريڪ آهي، انجو ڪو ثاني ناهي. جڏهن ته ان وقت سنڌ کانسواءِ سموري دنيا ۾ ٽه مورتي يا لاتعداد خدائن جو تصور موجود هو.

سنڌ جا ماڻهو خدا واحد لاشريڪ کي ”ورڻ يا ورنا“ جي نالي سان ياد ڪندا هئا. ورنا بابت انسائيڪلو پيڊيا برٽينيڪا ۾ تفصيل سان احوال پڙهي سگهجي ٿو. سنڌين، دنيا ۾ پهريون ڀيرو ”تصوف“ جو بنياد رکيو. هنن انسان جو خدا سان سنئون سڌو تعلق هئڻ جي ڳالهه ڪئي. اهڙي طرح سنڌي، دنيا جي پهرين کليل ذهن ۽ ترقي يافته Progressive قوم آهي. جنهن دنيا ۾ پهريان ”ماپ تور“ جا اوزار ايجاد ڪيا اهي اڄوڪي جديد دؤر اوزارن جيان تر جيتري به غلطي ڪرڻ کان پاڪ هئا. انهن اوزارن جو سڄي دنيا ۾ وڪرو ٿيندو هو.

دنيا جو  ڇهون وڏو انقلاب تڏهن آيو جڏهن سنڌين ”ڦيٿو“ ايجاد ڪيو ۽ پهرين بيل گاڏي ٺاهي، اها مواصلات يا ڪميونيڪيشن نظام جي ابتدا هئي. جنهن سان هڪ هنڌ کان ٻي هنڌ وڃڻ ۽ مال پهچائڻ ممڪن ٿي پيو.

موهن جي دڙي جي ماڻهن دنيا ۾ پهريون بندگارهون تعمير ڪيون ۽ پاڻيءَ جا وڏا طاقتور جهاز جوڙيا.ان ڪم لاءِ اعليٰ ترين فني ۽ سائنسي صلاحيتن جي ضرورت هئي،جيڪا سنڌين وٽ موجود هئي. هتي هيءَ ڳالهه سمجهڻ لائق آهي ته موجوده موهن جي دڙي جي فقط ڏھ سيڪڙو کوٽائي ٿي آهي. جڏهن ته ان جي هيٺ سنڌ جي ڏھ هزار سالن جي تاريخ دٻيل آهي. موهن جي دڙي جي تهذيب، پنجاب، بلوچستان، هندستان ۾ گجرات ۽ دهليءَ جي حدن تائين ٻئي طرف وچ ايشيا ۾ ترڪمنستان تائين ساڍا ٻارنهن لک چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل هئي. بلوچستان جي ”مهر ڳڙھ“ ۾ سنڌو تهذيب جي آثارن جي تصديق ٿيل تاريخ 6700 قبل مسيح ڄاڻائي وڃي ٿي، اها ڳالهه ثابت ڪري ٿي ته موهن جي دڙي جا بنياد اٺ نَوَ هزار قبل مسيح ۾ وڌا ويا هوندا. مطلب ته سنڌو تهذيب ۽ سنڌي ٻولي گهٽ ۾ گهٽ ڏھ هزار سال پراڻي آهي. مسئلو اهو آهي ته اسان موهن جي دري جي اهميت نٿا سمجهون. مون اڳ به چيو هو ته موهن جي دڙي ۾ رکيل سرون نه فقط سون برابر آهن، پر ڪوھ نور هيري جيان قيمتي آهن.

هتي اوهان کي ٻڌائيندو هلان ته سنڌي، دنيا جي پهرين قوم آهي جنهن پهريان رنگ ايجاد ڪيا ۽ ان مان ست رنگا ڪپڙا تيار ڪيا؛ جيڪي جهازن جا جهاز ڀرجي سڄي معلوم دنيا ۾ وڪري لاءِ ايڪسپورٽ ڪيا ويندا هئا. اڄ به پاڪستان جي سڀ کان وڌيڪ 64 سيڪڙو ايڪسپورٽ ٽيڪسٽائيل جي آهي. اسين ٽيڪسٽائيل ۽ ايڪسپورٽ جا باني آهيون.

سنڌي دنيا جي پهرين قوم آهي، جنهن سون، چاندي، هيرن جواهرن مان حيران ڪندڙ زيور تيار ڪيا. انهن زيورن جي ڪري دنيا ۾ اهو مشهور ٿي ويو ته سنڌ ۾ سون جون کاڻيون آهن، جڏهن ته سنڌ وارا ڪچو سون ماگان(دبئي يا عمان) ۽ ڊلمن (موجوده قطر ۽ ڪويت) کان گهرائيندا هئا. جڏهن ايران جو شهنشاھ دارا اول 518 قبل مسيح ۽ سنڌ تي ڪاهي آيو ته هن ”ڏن“ طور سنڌ کان سون جي واري طلب ڪئي.

هن سنڌ ۾ ”ارامائيڪ ٻولي“ نافذ ڪئي جيڪا ايراني ايمپائر جي سرڪاري ٻولي هئي.  سنڌي فوج جي بهاري ڏسندي ان کي ايراني فوج  جو حصو ٺاهيو. ان وقت سنڌ دنيا جو پهريون ملڪ هو جتي ”ڪمند“ جي پوک ٿيندي هئي. ان مان ڳڙ ٺاهيو ويندو هو. شهنشاھ وارا وڃڻ وقت سنڌ مان ڪمند جو ٻج  ۽ ڪيترائي سنڌي هاري ايران کڻي ويو جن ايران ۾ پهريون ڀيرو ڪمند جي پوک جي شروعات ڪئي. وارا کان لڳ ڀڳ ٻه سئو پوءِ 330 قبل مسيح ۾ سڪندر اعظم ايران ايمپائر تي قبضو ڪري ورتو. جنهن جي قبضي هيٺ گهٽ ۾ گهٽ ايشيا جا  22 ملڪ هئا. سڪندر اعظم ايران کان ملڪ فتح ڪندو پنجاب پهتو جتي ڏکڻ پنجاب جي مالي قبيلي تيرن جا وسڪارا ڪري سڪندر اعظم کي سخت زخمي ڪري وڌو. هو لڳاتار ٽي  مهينا بستر تي پيو رهيو. ان ئي حالت ۾ سڪندر وڌيڪ فتوحات تان هٿ کنيو. ٻي حالت ۾ هو سڄو هندستان به فتح ڪري سگهيو ٿي. بهرحال، ڏکڻ پنجاب کان سڪندر اعظم سنڌ ۾ داخل ٿيو ته جيئن هو موجود ڪراچيءَ کان ٻيڙين ذريعي ايران وڃي سگهي. ان سفر دوران سڪندراعظم سان سنڌ جي ماڻهن ڪيترن ئي هنڌن تي ويڙھ کاڌي. خاص طور جڏهن هو سيوهڻ پهتو ته اتي سنڌي فوجن سان هن جو وڏو ٽڪراءُ ٿيو. هڪ  تمام وڏي خونريز جنگ لڳي. جنهن ۾ 86000 سنڌي فوجي هن ڌرتي مٿان گهور ٿي ويا، سڪندر اعظم سان اهڙو سخت مقابلو ته ايران جي ڏهه لک فوجن به نه ڪيو. سنڌ مان لنگهڻ وقت سڪندر اعظم کي ڪپهه ڏيکاري ويئي. هن حيران ٿي چيو هيءُ ته ڀاڄين جي اُن  آهي. هو پاڻ سان ڪپهه جو ٻج ۽ ڪيترائي سنڌي هاري کڻي ويو، جن مصر ۾ پهريون ڀيرو ڪپهه جي پوک جي شروعات ڪئي. واضح رهي ته سنڌ دنيا جو پهريون ملڪ آهي، جتي سڀ کان اول ڪپهه جي پوک ڪئي ويئي. هتي ڪپهه مان ڪپڙو ٺاهيو ويو، جنهن سان Textile Industry جو بنياد پيو.

سنڌي کي اهو شرف حاصل آهي ته هنن پنج هزار سال اڳ پڪي سر ٺاهي ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ”شهري منصوبه بنديءَ “جو بنياد وڌو. اهڙي منصوبه بندي پنج هزار سالن کانپوءِ هن وقت يورپ ۽ آمريڪا ۾ عمل هيٺ آهي.

سنڌين کي اهو به شرف حاصل آهي ته هنن پنج هزار سال اڳ سموري سنڌ کي ”تعليم يافته سنڌ“ ۾ تبديل ڪيو. سموري سنڌ ۾ اسڪول قائم ڪيا ويا، جتي خصوصي طور ”فني هنر“ به سيکاريا ويندا هئا. اهو ئي سبب هو جو سنڌي پاڻيءَ جا وڏا جهاز ۽ بندرگاهون قائم ڪري سگهيا؛ جنهن لاءِ انجنيئرنگ ۽ ٽيڪنيڪل علم جي ڄاڻ جو هئڻ ضروري هو.

هي اهو دؤر هو جڏهن سنڌ کانسواءِ  سمير(موجوده عراق) ۽ مصر ۾ به عظيم تهذيبن جنم ورتو هو. مصري تهذيب فرعونيت ۾ ڦاسي پيئي، انهن جيڪي به ايجادون ڪيون، اهي مصري عوام بدران فقط فرعونن جا قبرستان ٺاهڻ تائين محدود رهجي ويو. مصر ۾ عيسائيت ۽ اسلام اچڻ تائين لڳاتار ٽي هزار سال هيءَ قوم فرعونن جي غلام بڻي رهي جيڪي پاڻ کي خدائن جو اولاد ۽ زميني خدا سڏائيندا هئا.

ايڏي ڊگهي عرصي تائين فرعونن جو غلام رهڻ سبب، مصرين ۾ اها عادت پئجي ويئي جو هتي جيڪي به فاتح آيا، انهن کي به خدا جو درجو ڏنائون. ايران جي شنهشاھ سائرس اول جي پٽ ڪمبائيس ۽ سڪندر اعظم کي خدا سمجهي، انهن جي به عبادت ڪرڻ لڳا. ٻئي طرف سمير ۾ آفاقي مذهبن ۽ رب العالمين جي نظريي جو بنياد رکيو ويو. طوفان نوح،  معراج تي وڃڻ ۽ ”ڪُن“ چئي هيءَ دنيا خلقڻ جا ابتدائي حوالا سمير جي مذهبن مان ملن ٿا. هنن سميري ٻوليءَ لاءِ ڪيوني فارم اسڪرپٽ تيار ڪيو، جيڪو اڳتي هلي پنجاھ کان وڌيڪ قومن اختيار ڪيو.

هتي اهو به ٻڌائڻ ضروري آهي ته ڪيترائي تاريخدان اهو خيال ظاهر ڪن ٿا ته سميري تهذيب جا بنياد ڪنهن ڏورانهين علائقي کان آيل ماڻهن رکيا. انهن ماڻهن جا ڪارا وار، وڏا مٿا ۽ چمڪندڙ وڏيون اکيون هيون. تاريخدانن جو خيال آهي ته اهي سنڌي هئا، جيڪي سنڌو ماٿر کان هتي آيا. جڳ مشهور تاريخدان ايڇ آر هال لکي ٿوته

”سنڌو ماٿر جا ماڻهو هجرت ڪري سمير(عراق) ۾ اچي آباد ٿيا. هنن هتي مورتين واري صورتخطي ۽ ڦيٿو متعارف ڪرايو ( ان مورتين واري صورتخطيءَ جي بنياد تي ڪيوني فارم صورتخطي ٺاهي ويئي) هنن کي پاڻيءَ تي ڪنٽرول ڪرڻ جي مهارت حاصل هئي. انهن سمير ۾واھ کوٽيا ۽ کاٽيءَ جو رواج وڌو.“

سمير جي هڪ رياست ”ڪش“ جي هڪ بادشاھ سارگن لڳ ڀڳ چار هزار ٽي سئو پنجهٺ سال اڳ دنيا جي تاريخ ۾ پهرين عظيم ايمپائر قائم ڪئي. هن ذري گهٽ سموري مڊل ايسٽ تي قبضو ڪري ورتو. شهنشاھ سارگن پنهنجي ايمپائر لاءِ هڪ نئون گاديءَ وارو شهر ”اگادي“  اڏڻ لاءِ سنڌ مان هزارين انجنيئر، ڪاريگر ۽ مزدور سڏايا انهن موهن جي دڙي کانپوءِ دنيا جو ٻيو شهر ”اگادي“ شهري منصوبه بنديءَ تحت اڏيو. سنڌين سمير ۾ ڪيترائي واھ کوٽيا، اسڪول اڏي ڏنا ۽ شهنشاھ لاءِ مُهرون ٺاهيون. شهنشاھ سارگن سنڌ بابت ٺڪر جي گلدستن تي سنڌ جي تعريف ۾ گهڻو ڪجهه لکرايو. اهي گلدستا هن وقت لنڊن جي ميوزم ۾ رکيل آهن. اهڙيءَ ريت شهنشاھ سارگن سنڌ جي تاريخ جو پهريون تاريخدان آهي. اگادي شهر اڏڻ وقت، سنڌين اُر شهر ۾ ”خدا جي وحدانيت“ جو مرڪز قائم ڪيو ۽ هتي جي ماڻهن کي ڄاڻ ڏنائون ته  خدا واحد لاشريڪ آهي. جڏهن ته سمير ۾، ان وقت شمس خدا، اين، اينلل ۽ اينڪي خدائن جي عبادت ڪئي ويندي هئي. ان واقعي کان پنج سئو سال پوءِ اُر شهر ۾ حضرت ابراهيم پيدا ٿيو جنهن تصديق ڪئي ته خدا واحد لاشريڪ آهي.

سنڌ جي عظمت ۽ تاريخي واقعن بابت ڪي ٻوڙا ۽ گونگا حوالا ملن ٿا. اندازو آهي ته 3400 قبل مسيح کان 1300 قبل مسيح تائين سنڌ هڪ طاقتور سلطنت رهي آهي. جڏهن سنڌ جي شان ۽ مان، ترقي ۽ خوشحاليءَ جون ڳالهيون دنيا ۾ ٿيڻ لڳيون تڏهن کان روس، وچ ايشيا، ايران، افعانستان کان مهاجرن جا وڏا جٿا سنڌ ۾ آباد ٿيڻ لاءِ هتي ايندا ويا. اهي هجرتون 300 سال 18 صدي قبل مسيح کان 1500 قبل مسيح تائين جاري رهيون. نيٺ، اهي مهاجر اڪثريت ۾ اچڻ کانپوءِ سنڌ تي قابض ٿي ويا. هنن خدا جي وحدانيت جو نظريو ختم ڪري هتي ٽيٽيهه نوان خدا متعارف ڪرايا، جنهن جو اندر خدا ظاهر ڪيو ويو.

آرين هتي سنسڪرت ٻولي تيار ڪئي، جنهن کي خدائن جي ٻولي قرار ڏنو ويو. اها ٻولي سکڻ ۽ سمجهڻ جي عام ماڻهن کي اجازت نه هئي. فقط برهمڻ، حڪمران، فوجي ۽ واپاري طبقو ان ٻوليءَ کي ڳالهائڻ جا حقدار ٿيا، ان کانپوءِ آرين ٻڌايو ته هنن مٿان آسمان کان ”رگ ويد“ ڪتاب سنسڪرت ٻوليءَ ۾ لٿو آهي. جيڪو آرين جو مقدس ترين ڪتاب بڻجي ويو. جيئن ته ان وقت تائين سنسڪرت بوليءَ جي صورتخطي نه ٺهي سگهي هئي، ان ڪري رگ ويد کي زباني حفظ ڪرايو ويو. ان رگ ويد ۾ اندر خدا بابت لکيل آهي ته :”هن هتي جا ڪيترائي ڪوٽ ۽ قلعا ڀڳا“.

رگ ويد ۾ سنڌو دريا جو باربار ذڪرملي ٿو. سنڌونديءَ کي اگني ديوي جو روپ ڏئي انجي پوجا ڪرڻ لاءِ چيو ويو. رگ ويد ۾ سنڌوءَ جي شان ۾ ڪيترائي اشلوڪ لکيل آهن جڏهن ته گنگا جو رگ ويد  ۾ ڪو به  ذڪر ناهي ڇاڪاڻ ته آريا اڃا سنڌ تائين محدود هئا،  هنن گنگا جمنا جا علائقا اڃا فتح نه ڪيا هئا. رگ ويد ۾ سنڌ بابت هن ريت لکيل آهي ” سنڌ گهوڙن سان مالا مال آهي،  سنڌ رٿن سان مالا مال آهي، خوبصورت زيورن سان مالا مال آهي، سنڌ اناج، پشم، شيشم جي وڻن سان ڀريل سدا سبز آهي. شڀ نديءَ جي ڪناري تي ماکي پيدا ڪندڙ گل جرڪن ٿا.“

آريا سنڌ تي پنج سئو سال حڪومت ڪندا رهيا. ايڏي ڊگهي عرصي ۾ هو سنڌي ٿي سگهيا يا نه، اهو تحقيق طلب مسئلو آهي. سنڌ جي آرين بابت ڪيترائي تاريخدان انومان ظاهر ڪن ٿا ته هنن شام، ترڪي ۽ عراق جا علائقا ملائي 1350 قبل مسيح ۾ هڪ عظيم سلطنت ميٽاڻي ايمپائر جو بنياد وڌو. جيڪا 1240 قبل مسيح تائين مڊل ايست جي انتهائي طاقتور سلطنت بڻجي ويئي. ان سلطنت جا حاڪم ڪو به معاهدو ڪرڻ وقت ”ورونا خدا“ جو قسم کڻندا هئا. اهڙا ڪيترائي دستاويز هٿ آيا آهن جيئن ته ورونا جي فقط سنڌ ۾ عبادت ٿيندي هئي، ان ڪري تاريخدان ان خيال تي پهتا آهن ته ميٽاڻي ايمپائر سنڌ جي آرين قائم  ڪئي.

ان واقعي کان اڍائي سئو سال پوءِ، آريا 1000 قبل مسيح ۾ هندستان تي ڪاهي ويا. نيٺ هو سموري برصغير تي قابض ٿي ويا. پوءِ هنن سموري مقبوضه علائقي کي 16 بادشاهتن ۾ ورهايو. جن کي Sola Janapadas چئجي ٿو. انهن سورنهن ئي بادشاهتن جا حاڪم پاڻ کي خدا سڏائڻ لڳا. هنن هتي ”ذات پات“ جو انتهائي خطرناڪ نظام قائم ڪيو، جنهن تحت برصغير هندستان جي سموري شڪست کاڌل عوام کي چئن ذاتين ۾ وراهيو ويو. سڀ کان مٿاهون درجو برهمڻن حاصل ڪيو. ٻئي نمبر تي حڪومت ڪندڙ ۽ فوجي آيا، جن کي کشتري چيو ويو. ٽئي نمبر تي سرنديءَ وارا ماڻهو جيڪي ٽيڪس ڏيڻ جي سگهه رکندا هئا، انهن کي ”ويش“ سڏيائون. باقي سموري عوام کي ”شودر“ انتهائي نيچ قرار ڏنو ويو. انهن  ئي ڏينهن ۾ آريا، ڪورو ۽ پانڊو، جيڪي پاڻ ۾ سئوٽ هئا اهي اقتدار تان پاڻ ۾ وڙهي پيا، نتيجي طور هندستان جي تاريخ جي سڀ کان وڏي خونريز جنگ لڳي، جنهن کي ”مهاڀارت“ چئجي ٿو. ان جنگ ۾ هندستان جي سڀني بادشاهن ۽ آريا مت جي خدائن به حصو ورتو. انهن ۾ ڪرشن ڀڳوان به شامل هو. اها جنگ لڳاتار 18 ڏينهن هلندي رهي. جنهن ۾ هستاپور جي بادشاھ ڌريشٽر جا سئو مان 99 پٽ مارجي ويا. ڪورو هارائي ويا. ان جنگ ۾ سنڌ جو بادشاھ جئي ورٿ به قتل ٿي ويو. هن جي زال ڌريشٽر جي ڌيءَ هئي جنهن جا 99 ڀائر مهاڀارت جنگ ۾ قتل ٿي ويا. ان جنگ کانپوءِ سنڌ تي پانڊون جو قبضو ٿي ويو، جيڪو گهڻو جٽاءُ نه ڪري سگهيو. سنڌ تي ”راءِ خاندان“ جي حڪومت قائم ٿي، جنهن جو  پهريون بادشاھ راءِ دهسلا ٿيو.  هي خاندان پاڻ کي ”اروڙ ونشي“ سڏائڻ لڳو. جنهن سنڌ کي هڪ وڏي ايمپائر ۾ تبديل  ڪري ڇڏيو. افسوس اهو آهي ته اروڙ ونشي يا روڙ خاندان بابت مفصل ڄاڻ نٿي ملي. هن خاندان تي نئين سر تحقيق ٿيڻ گهرجي، امڪان اهو آهي ته اروڙ ونشي يا راءِ خاندان جي سنڌ تي لڳاتار هڪ هزار سالن کان به وڌيڪ عرصي تائين حڪومت جاري رهي.

ڇهين صديءَ قبل مسيح ۾ گوتم ٻڌ سنڌ آيو، تڏهن راءِ خاندان جي هڪ بادشاھ ”رد راين“ ٻڌ مت قبول ڪيو. اهڙي ريت گمان آهي ته سنڌ دنيا جو پهريون يا ٻيو ملڪ آهي، جتي جو عوام ٻڌمت جو پيروڪار ٿيو. بادشاھ رادرين، مگڌ جي بادشاھ بمبسارا جو همعصر هو، جنهن به گوتم ٻڌ سان ملاقات کانپوءِ ٻڌ مت قبول ڪيو هو. ان وقت لاءِ تاريخدان لکن ٿا ته ”اروڙ“ برصغير جو  مگڌ جي پاٽلي پتر شهر کان به طاقتور گاديءَ جو هنڌ هو. بهرحال، اسانکي راءِ خاندان بابت واضح تفصيل تڏهن ملن ٿا، جڏهن سنڌ تي عرب سرزمين کان حملا شروع ٿين ٿا. ان وقت لاءِ واضح لکيل آهي ته سنڌ هڪ عظيم ايمپائر هئي، جنهن جون سرحدون اوڀر ۾ ڪشمير ۽ قنوج، اولهه ۾ مڪران ۽ ڏکڻ ۾ گجرات تائين پکڙيل هيون. انهن سرحدن جي ايراضي 15 لک چوراسي هزار ڪلوميٽر هئي. موجوده پاڪستان کان ٻيڻ تي. پاڪستان جي ايراضي پوڻا اٺ لک ڪلوميٽر آهي. افسوس اهو آهي ته سنڌ جي تاريخ ۾ تسلسل  سان اهم تاريخي واقعا نٿا ملن.

راءِ خاندان بابت تاريخ ۾ اهو لکيو وڃي ٿو ته هنن 489ع ۾ سنڌ تي حڪومت جي شروعات ڪئي. انهن جو به اروڙ ئي تخت گاھ هو ۽ هو ٻڌمت جا پوئلڳ هئا راءِ خاندان سنڌ تي ٻه سئو سال حڪومت ڪئي، راءِ خاندان عربن جا 15 حملا ناڪام ڪيا. هنن جا ڪيترائي عرب ڪمانڊر ۽ فوجي هتي قتل ٿيا ۽ وڏي تعداد ۾ گرفتار ڪري قيدن ۾ وڌا ويا.  سنڌ جي فوجي قوت کي تڏهن نقصان پهتو جڏهن راءِ خاندان جي آخري بادشاھ راءِ سهيس کي سندس هڪ ملازم ”چچ“ قتل ڪري سنڌ تي قبضو ڪري ورتو، جيڪومذهبي لحاظ کان هندو هو، جڏهن ته سنڌ جو عوام اڪثريت جي لحاظ کان ٻڌمت جو پوئلڳ هو. ان صورتحال سنڌ جي فوجي قوت ۾ ڏار وجهي ڇڏيا.

712ع ۾ جڏهن عربن سنڌ تي ارڙهون حملو ڪيو ته سنڌ جو راجا ڏاهر قتل ٿي ويو. ان حملي جي اڳواڻي 17 سالن جو نوجوان محمد بن قاسم ڪري رهيو هو، جنهن عراق جي گورنر حجاج بن يوسف جي حڪم تي، انهن سڀني سنڌين کي مارائي ڇڏيو، جن عرب فوجن سان ويڙھ کاڌي. سنڌ طرفان پنجاھ هزار کان وڌيڪ فوجي ميدان تي لٿا. انهن مان باقي زنده بچيل فوجن مان ڇهه يا سورنهن هزار سنڌي فوجن کي ڦاهي ڏني ويئي. ان ريت سنڌ جي فوجي قوت ختم ٿي ويئي.

عرب سنڌ ۾ اسلام ۽ عربي ٻولي کڻي آيا. عربيءَ کي سنڌ جي سرڪاري ٻولي ٺاهيو ويو. عرب لڳاتار ٽي سئو سال 1024ع تائين سنڌ تي قابض رهيا. ان عرصي دوران هو سنڌ جو الهه تلهه ٻهاري ويا. سنڌ ۾ ڦيرو تڏهن آيو جڏهن 1024ع ۾ محمود غزنويءَ سنڌ تي قبضو ڪري، هتي جي عربي گورنر عزيز الهباري کي قتل ڪري ڇڏيو. ان صورتحال کي درست ڪرڻ لاءِ سومرا خاندان جا چڱا مڙس وچ ۾ پيا. محمود غزنوي سنڌ تان هٿ کڻي ويو. نتيجي طور  عربن پنهنجا گورنر موڪلڻ بدران سومرن کي ”ڏن“ جي عيوض گورنر مقرر ڪيو. جيڪي لڳاتار  ٻه سئو سالن تائين عربن کي ڏن پهچائيندا رهيا. سنڌ جي عربن کان 1358ع ۾ تڏهن جان ڇٽي، جڏهن منگولن، هلاڪو خان جي اڳواڻيءَ ۾ بغداد کي باهيون ڏئي عباسي سلطنت جو خاتمو آڻي ڇڏيو. ان ريت سومرا ڪنهن حد تائين سنڌ  ۾ خود مختيار ٿي ويا.

جڏهن سومرا خاندان جي هڪ حاڪم  ”حفيف“ جو انتقال ٿيو ته هن جا ٻه پٽ چينسر ۽ دودو سنڌ جو تخت حاصل ڪرڻ لاءِ پاڻ ۾ وڙهي پيا. سومرا خاندان  جي برزگن حفيف جي ننڍي پٽ دودي کي تخت لائق سمجهيو ۽ ان کي ئي سنڌ جو بادشاھ ٺاهيو. جنهن تان هن جو وڏو ڀاءُ چنيسر دانهن ڏيڻ ۽ مدد ڪرڻ لاءِ دهليءَ جي ارڏي بادشاھ علاوءُ الدين خلجيءَ وٽ پهچي ويو. نيٺ دودي ۽ چنيسر جي وچ ۾ خونگريز جنگ لڳي. چنيسر جي مدد لاءِ علاوءُالدين خلجيءَ جون فوجون به پهچي ويون. ان جنگ ۾ دودو قتل ٿي ويو ۽ چينسر تخت حاصل ڪيو. پر سنڌ تي اصل قبضو علاوءُ الدين خلجيءَ جو ٿي ويو. جنهن هتي پنهنجا گورنر مقرر ڪيا. پر تمام تڪڙو علاوءُالدين خلجيءَ کي سنسد فوجي ڪمانڊر ملڪ ڪافور زهر ڏئي ماري ڇڏيو. هن علاوءُ الدين جا پٽ  ۽ ٻيا وارث  به قتل ڪيا ۽ دهليءَ جي تخت تي قابض ٿي ويو. ملڪ ڪافور کان تخت ڦرڻ لاءِ علاوءُ الدين خلجيءَ جو هڪ ٻيو ڪمانڊر غياث الدين تغلق فوجون ساڻ ڪري دهليءَ پهچي ويو. هن 1320ع ۾ ملڪ ڪافور کي قتل ڪري هندستان جو تخت حاصل ڪيو. اهڙي نفسانفسيءَ کي ڏسندي سنڌ جو آخري  سومرو بادشاھ همير جان بچائڻ لاءِ گجرات پهچي ويو. اهڙي حالت ڏسندي سما قبيلي جي ”فيروز الدين انڙ“ هڪ هزار اٺ سئو گهوڙيسوارن سان سيوهڻ جي تغلق گورنر ملڪ رتن کي قتل ڪري، هن شهر تي قبضو ڪيو.  تاريخ سنڌ، تاريخ عالم، لسانيات جي عالم، سنڌي ڪلاسيڪل ٻوليءَ جي شاعر جنهنجا 6 انگريزي ۾ لکيل ڪتاب آمريڪا ۾شايع ٿي چڪا آهن.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليلا خالد: تاريخ جو بهادر ڪردار:حميده گهانگهرو

اها چوڻي مشهور آهي ته عورت نفيس، نازڪ، ڪمزور دل ۽ هيڻي هوندي آهي، اهو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے