25 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ايم ڪيو ايم وٽ پنهنجا ماڻهو پاڻ مارڻ جي تاريخ آهي: مصطفيٰ ڪمال

download (7)

ڪراچي(ع آنيوز) پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته اسان تي امجد صابري جي قتل جو الزام هنيو پيو وڃي، پر پنهنجا ماڻهو مارڻ ايم ڪيو ايم جي تاريخ رهي آهي. نجي ٽي وي چينل تي ڳالهائيندي پي ايس پي سربراهه مصطفيٰ ڪمال چيو ته پاڪستان ۾ مڪمل جمهوريت نه آئي آهي، ايم ڪيو ايم امجد صابري جو قتل پي ايس پي تي هنيو، پر ان جي پنهنجي تاريخ سڀ ڄاڻين ٿا. هن چيو ته ڊاڪٽر عمران فاروق جي قتل تي واڳون جا ڳوڙها ڳاڙيا ويا، جاچ ٿي ته ايم ڪيو ايم جا پنهنجا ئي ماڻهو پڪڙيا ويا. برطانيا جي پوليس زوري ڏوهه قبول ناهي ڪرائيندي. هن چيو ته هاڻوڪي صورتحال ۾ ڪراچي جي مينڊيٽ جو فيصلو عوام کي ڪرڻو آهي. با اختيار هجڻ ۽ ڪم ڪرڻ ڌار ڌار ڳالهيون آهن. ڪراچي جا مسئلا رات جي پيٽ ۾ خراب ناهن ٿيا. ايم ڪيو ايم تي ”را“ لاءِ ڪم ڪرڻ واري ڳالهه الزام نه پر حقيقت آهي، ان جا ثبوت ڏنا ويا آهن. هن چيو ته ڪراچي کي لا وارث نه سمجھيو وڃي. جن وٽ مينڊيٽ آهي اهي ڏوهن ۾ حصيدار آهن ان جو اهو مطلب ناهي ته جيڪو ٿي رهيو آهي اهو ٿيندو رهي. اسين عيد کانپوءِ پنهنجو لائحه عمل جاري ڪنداسين. هن چيو ته جيڪي ماڻهو ڏوهه ڪندا رهيا آهن اهي ئي هاڻي حڪومت ۾ شامل آهن. انيس قائمخاني بابت جي آءِ ٽيز جي سوال جي جواب ۾ مصطفيٰ ڪمال چيو ته آئون پاڪستان جي جي آءِ ٽيز کي نٿو مڃان. سڀني کي خبر آهي ته پاڪستان ۾ جي آءِ ٽي ڪيئن ٺهندي آهيي. جنهن کي اسان کان پڇڻو آهي اچي اسان کان پڇي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي ڪري ڇڏي، 25 ڄڻا فوت

نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت جي اتر رياستن ۾ تيز مينهن تباهي مچائي ڇڏي جنهن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے