23 سومر , آڪٽوبر 2017

تاريخي واڌو واهه پنهنجي سونهن وڃائڻ لڳو

حيدرآباد(رپورٽ: يوسف ميربحر) ميرن جي حڪمرانيءَ واري دور ۾ ٺاهيل واڌو واهه حيدرآباد جي ضلعي انتظاميا توڙي سنڌ حڪومت جي بي ڌيانيءَ سبب گندي نالي ۾ تبديل ٿي ويو، جڏهن ته ضلعي انتظاميا جي نااهليءَ سبب واڌو واهه مختلف حصن ۾ ورهائجي ويو آهي، واڌو واهه کي سيفٽي وال نه هئڻ ڪري روڊ جي ٻنهي پاسن کان ايندڙ ويندڙ گاڏيون اڪثر واهه ۾ ڪِرڻ معمول بڻيل، برساتن جي مُد دوران واڌو واهه جي کاٽي نه ٿيڻ ڪري سوين گهر ٻڏڻ جو خطرو. واڌو واهه ميرن جي حڪمرانيءَ واري دور ۾ سنڌو درياهه مان نڪرندڙ ڦليلي ڪئنال مان ڪڍيو ويو هو، هِن 6 ميل ڊگهي واهه جو پاڻي حيدرآباد ۾ رهندڙ انساني آباديءَ ۽ جانورن جي پيئڻ توڙي ضروري استعمال سميت زرعي پوکي لاءِ استعمال ۾ آندو ويندو هو، واڌو واهه لطيف آباد، قاسم آباد، ٽنڊي ماهي ماهڻ، پڪي قلعي سميت حسين آباد جي مختلف علائقن ۾ پاڻي مهيا ڪندو هو، پر اڄ ساڳيو ئي واهه مختلف حصن ۾ ورهائجي گندي نالي ۾ تبديل ٿي ويو آهي، جڏهن ته حيدرآباد ضلعي انتظاميا واڌو واهه کي مڪمل نظرانداز ڪندي واڌو واهه جي بحاليءَ لاءِ ڪوبه ڪم نه ڪيو آهي ۽ هر سال برساتن جي موسم دوران قاسم آباد جا مختلف علائقا گلشن سجاد، پرنس ٽائون، علمدار چوڪ، فراز ويلاز، ڀٽائي ٽائون ۽ ڀٽائي نگر سميت ٻيا علائقا پاڻي هيٺ اچي وڃن ٿا، جنهن سبب رهواسي سخت پريشانين کي منهن ڏين ٿا، پر ڪيترائي ڀيرا شڪايتون ڪرڻ باوجود ضلعي انتظاميا توڙي قاسم آباد جي انتظاميا واڌو واهه جي کوٽائي لاءِ ڪوبه نوٽيس نٿي وٺي. واڌو واهه قاسم آباد جي ڊرينيج واري نظام کي هلائڻ وارو مُک ذريعو آهي، اُن کانسواءِ قاسم آباد مان گندي پاڻي جي نيڪالي جي حوالي سان ڪوبه منصوبو جڙيل ناهي، جنهن ڪري واڌو واهه تي ئي تمام گهڻو ڀاڙيو وڃي ٿو، جڏهن ته واڌو واهه ۾ سڄو سال گندو پاڻي بيهڻ ڪري ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سِم ۽ ڪلر وڌي ويو آهي، پلازن ۽ گهرن کي سِم ۽ ڪلر وڌي وڃڻ ڪري تمام گهڻو نقصان پهچي ٿو.05

حيدرآباد: سياسي، سماجي اڳواڻن توڙي ليکڪن چيو آهي ته واڌو واهه پنهنجي پراڻي حيثيت ۾ بحال ٿي وڃي ته قاسم آباد سميت سڄي حيدرآباد جي شهرين لاءِ هڪ تفريح جو هنڌ قائم ٿيڻ سان گڏ حيدرآباد کي هڪ سٺي آبهوا پڻ ملي سگهي ٿي. ان سلسلي ۾ زرعي ماهر پروفيسر اسماعيل ڪنڀر چيو ته پاڪستان توڙي سنڌ جي معيشيت جو اهم ذريعو زراعت تي مشتمل آهي ۽ واڌو واهه کي به هڪ ايڊيشنل واهه طور زرعي مقصد لاءِ ڪڍيو هو ته جيئن حيدرآباد جي انساني آبادي پنهنجي جياپي لاءِ فصل پوکي سگهي. هن چيو ته ماضيءَ ۾ واڌو واهه ذريعي قاسم آباد، لطيف آباد سميت ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ فصل پوکي اُن مان لاڀ حاصل ڪيو ويو، پر اڄ جيڪڏهن واڌو واهه جي پسمنظر کي ڏسجي ته واڌو واهه کي هڪ گندي نالي ۾ تبديل ڪيو ويو آهي، جنهن جي پويان بلڊر مافيا جا هٿ آهن، جن بنا ڪنهن پلاننگ جي فليٽ سسٽم قائم ڪري ڇڏيا ۽ پوءِ گندي پاڻيءَ جي لاءِ نيڪالي سسٽم نه هئڻ ڪري هنن واڌو واهه کي گندي نالي طور استعمال ڪيو، جنهن جو ناڪاري اثر اڄ حيدرآباد جي آبهوا تي پئجي رهيو آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته جيڪڏهن واڌو واهه جي بهتري لاءِ ڪو پليٽفارم جڙي ٿو يا لاڳاپيل اختيارين پاران ڪانفرنس سڏائي وڃي ٿي ته هو سنڌ زرعي يونيورسٽي جو حصو هئڻ جي ناطي واڌو واهه جي بهتري لاءِ تجويزون پيش ڪندو ۽ اُن فورم تي ڀرپور ڪردار ادا ڪندو. سنڌ هاري پورهيت ڪائونسل جي اڳواڻ پنهل ساريو چيو ته جيڪڏهن واڌو واهه جي تاريخ جي پسمنظر کي ڏسجي ته حيدرآباد ۾ سنڌي ۽ مهاجر جهيڙي کانپوءِ لطيف آباد ۽ حيدرآباد ۾ رهندڙ سنڌي آباديءَ قاسم آباد ۾ آباد ٿي ۽ اوچتو ئي اوچتو ڏسندي تمام ٿوري عرصي ۾ قاسم آباد هڪ وڏي آباديءَ ۾ تبديل ٿي ويو ۽ ان سڄي آباديءَ جي وچ مان واڌو واهه گذري ٿو، جيڪو سنڌو درياهه مان نڪرندڙ ڦليلي ڪئنال مان شروع ٿئي ٿو ۽ لطيف آباد تعلقي ۾ ختم ٿئي ٿو. قومپرست اڳواڻ آڪاش ملاح چيو ته دنيا جا ماڻهو پنهنجن درياهن سان ۽ مٺي پاڻيءَ سان محبت ڪن ٿا، جنهن جو اندازو اُن دور مان لڳائي سگهجي ٿو ته جڏهن سڪندر اعظم سنڌ جو دورو ڪيو ۽ سنڌو درياهه کي ڏسي چوڻ لڳو ته هي مٺي پاڻيءَ جو درياهه نه پر مٺي پاڻيءَ جو سمنڊ آهي. هن چيو ته ماضيءَ ۾ قاسم آباد اندر واڌو واهه جي صورت ۾ هڪ خوبصورت منظر هوندو هيو، پر اڄ اُن منظر کي بلڊر مافيا مڪمل طور تي تباهه ڪري هڪ گندي نالي ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، پر افسوس جو ضلعي انتظاميا توڙي سنڌ حڪومت بلڊر مافيا جي اهڙي عمل تي ڪوبه نوٽيس ناهي ورتو. ماحوليات بابت جاکوڙيندڙ سماجي اڳواڻ جاويد سوزهالائي چيو ته جيئن ئي شهري علائقن ۾ واڌارو آيو ته واڌو جي ڀرپاسي جيڪي به زرعي زمينون هيون اُهو زمينون انساني آباديءَ ۾ تبديل ٿي ويون ۽ نيڪال جو نظام نه هئڻ ڪري واڌو واهه تباهه ٿي ويو ۽ اُن جي تباهيءَ ڪري هتان جي موسمي صورتحال تي پڻ تمام خراب اثر پيو ۽ هاڻ واڌو واهه صرف گندي پاڻيءَ جي نيڪاليءَ وارو نظام هلائڻ لاءِ استعمال ٿي رهيو آهي. نامياري ليکڪ، اديب ۽ شاعر نصير مرزا چيو ته واڌو واهه ۾ جيڪو گندو پاڻي نظر اچي ٿو، اُهو واڌو واهه جو پنهنجو پاڻي نه پر اُن جا پنهنجا ڳوڙها آهن، جيڪي واڌو واهه جي پراڻين موجين کي ياد پيا ڪن ته جڏهن واڌو واهه واقعي واڌو واهه هوندو هيو.05

حيدرآباد: حيدرآباد جي ڪمشنر قاضي شاهد پرويز هڪ بيان ۾ چيو آهي ته هو واڌو واهه ۾ صاف پاڻي ڇوڙ ڪرڻ جا خواهشمند آهن، پر شهرين واڌو واهه اندر گندو پاڻي ڇوڙ ڪري واڌو واهه کي بند ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته حيدرآباد ترقياتي پئڪيج ۾ عملدار چوڪ، ڀٽائي نگر کان اسريٰ تائين گٽر لائين جو منصوبو شروع ڪيو ويندو، جنهن بعد واڌو واهه ۾ گٽرن جو پاڻي داخل نه ٿي سگهندو ۽ واهه صاف بڻجي ويندو.05

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز: رات نائين وڳي وارو خاص نيوز بليٽن / 2017-10-22

*اطلاعات کاتي جي صوبائي وزير ناصر شاهه چيو  آهي ته عمران خان کي گيمبلر، خربرد …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي