18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

نيشنل بليٽن

*نامياري قوال امجد فريد صابريءَ کي پاپوش نگر قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو
*پوليس ۽ رينجرز سميت ڪنهن به اداري کي جاچ ۾ اڳڀرائي نه ملي سگهي.
* امجد فريد صابريءَ جي قتل جو الزام ايم ڪيو ايم تي مڙهڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي: رابطا ڪميٽي
* راحيل شريف جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو هيڊ ڪوارٽر ۾ اعليٰ سطحي اجلاس، سيڪيورٽي معاملن تي ڳالهه ٻولهه
* سمورن ملڪن کي ڀارت جي ناپاڪ ارادن کان آگاهه ڪيو آهي: سرتاج عزيز
*سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس پٽ اويس شاهه جي جاچ ۾اهم اڳڀرائي جي دعويٰ
* هليري ڪلنٽن امريڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي بدعنوان اميدوار آهي : ٽرمپ
* شاهي سيد ۽ فخر عالم جي زندگين کي خطرو، سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ جي اپيل
* ڪوٽڙي ۾ روڊ حادثي ۾ ٽي ڄڻا فوت
*ڪوٽڙي ريلوي جنڪشن اسٽيشن تي مسافرن لاءِ سهولتن جي اڻاٺ
* ضلعي ڪائونسل سکر جي ملازمن جي خورشيد شاهه جي گهر ٻاهران ڌرڻو

نامياري قوال امجد فريد صابريءَ کي پاپوش نگر قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو آهي. سندس جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته ان موقعي تي هر اک آلي نظر اچي رهي هئي. امجد صابري پنهنجي والد غلام فريد صابري جي ڀر ۾ ڪئي وئي آهي. امجد صابريءَ جي مڙهه واري ايمبولينس جي چوڌاري هزارين ماڻهو موجود هئا. سندس مڙهه ڇيپا جي ايمبولنس ۾ گهر طرف نيو پئي ويو ته حسن اسڪوائر لڳ ايم ڪيو ايم جي خدمت خلق فائونڊيشن جي رضاڪارن قافلي کي گهيري ۾ آڻي. لاش ڇيپا جي ايمبولنس مان خدمت خلق فائونڊيشن ۾ منتقل ڪيو ويو. ٻئي پاسي پوليس ۽ رينجرز نامياري قوال امجد علي صابري جي قتل جي مختلف رُخن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. امجد صابريءَ کي لياقت آباد ۾ متحده قومي موومينٽ جي ڳڙهه ۾ ٽارگيٽ ڪيو ويو، جاچ ادارن پابندي مڙهيل تنظيمن ۽ امجد صابري جي ذاتي جهيڙي جي حوالي سان به جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽيءَ مشهور قوال امجد فريد صابري جي قاتلن کي بچائڻ جو الزام هڻندي چيو آهي ته قتل جو الزام ايم ڪيو ايم تي مڙهڻ جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي. متحده جي رابطا ڪميٽي پاران جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته امجد صابري جي قاتلن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هڪ ڀيرو وري ايم ڪيو ايم کي ملوث ڄاڻائڻ واري منصوبي تي عملدرآمد جاري آهي.
2 –
پاڪستان پيپلزپارٽي ٽي او آرز بابت پارلياماني ڪميٽي مان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي ٽي او آرز ڪميٽي مان نڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اسلام آباد ۾ پ پ جي اڳواڻن سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته مخالف ڌُر پاناما ليڪس جي ٽي او آرز ڪميٽي ۾ کليل دل سان شرڪت ڪئي هئي، سندس چوڻ هو ته وزير اعظم نواز شريف پاڻ کي احتساب لاءِ پيش ڪيو، پر وزير ايئن ٿيڻ نه پيا ڏين. هن چيو ته اسان پاناماليڪس تي وزير اعظم جي احتساب جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته وزير اعظم کي احتساب لاءِ پيش ٿيڻ لاءِ موقعو ڏنو. پيپلزپارٽي پارلياماني ڪميٽي مان نڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي پر قطعي فيصلو مخالف ڌر جي پارٽين سان گڏجي ڪنداسين. اسين چاهيون ٿا ته احتساب جي شروعات وزير اعظم کان ٿئي.

3-
چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو ۾ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو. جنهن ۾ مجموعي داخلي ۽ خطي جي سيڪيورٽي صورتحال کان سواءِ ٻين معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزير اعظم نواز شريف جي علاج جي پرڏيهه ۾ هئڻ سبب ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار اجلاس ۾ حڪومت جي نمائندگي ڪئي. جڏهن ته ان سان گڏ، سرتاج عزيز ۽ بچاءُ وارو وفاقي وزير خواجا آصف به گڏ هو. اجلاس ۾ ملڪ پاڪ افغان لاڳاپن ۽ ملا اختر منصور جي مارجڻ کان پوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

3-
پرڏيهي معاملن بابت وزير اعظم جي صلاحڪار سرتاج عزيز سمورن ملڪن کي ڀارت جي ناپاڪ ارادن کان آگاهه ڪيو آهي. ايران، افغانستان سان لاڳاپن جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو آهي ته نيو ڪليئر سپلاءِ گروپ جي 22 جون تي ٿيل اجلاس ۾ اسان ڪامياب ٿياسين. ڀارت پاران ايٽمي تجربن تي ڳڻتي آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع کان غافل نه آهي ۽ ڪنهن به ا ڳڀرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکون ٿا. سرتاج عزيز چيو ته دوستي ۽ امن جي خواهش کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي وطن جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کڻداسين. نيو ڪليئر سپلائيز گروپ ۾ شموليت لاءِ سفارتڪاري ڪيون پيا.
4-

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سيد سجاد علي شاهه جي پٽ اويس شاهه جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي. جاچ ڪميٽي مبينا طور پيڇو ڪندڙن جا ٻه نمبر هٿ ڪري ورتا آهن. جيوفينسنگ ذريعي جاچ ڪميٽي انهن ٻن نمبرن تائين پهتي آهي، جيڪي هاءِ ڪورٽ کان آغاز سپر اسٽور تائين اويس شاهه جو پيڇو ڪري رهيا هئا. جاچ ڪميٽي موجب اهي نمبر اغوا ڪندڙن جا ٿي سگھن ٿا. اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته اويس شاهه کي اغوا کانپوءِ بلوچ ڪالوني پل تائين ڪار ۾ کنيو ويو ، پل ويجھو گاڏي تبديل ڪئي وئي. هوڏانهن اويس شاهه جي گاڏي تان مليل فنگر پرنٽس نادرا کي موڪليا ويا آهن. فنگر پرنٽس جي رپورٽ اچڻ کانپوءِ جاچ ۾ وڌيڪ اڳڀرائي ٿي سگھي ٿي. ٻئي پاسي اويس شاهه جي اغوا خلاف وڪيل احتجاج طور سڄي سنڌ جي عدالتن جو بائيڪاٽ ڪري رهيا آهن. هوڏانهن نامياري سياستدان رسول بخش پليجي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاهه سان سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي.
5-
امريڪي صدارتي عهدي جي ريپبليڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ الزام هنيو آهي ته هليري ڪلنٽن امريڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي بدعنوان اميدوار آهي. ٽرمپ هڪ جلسي دوران چيو ته هوءَ دنيا جي سڀ کان وڏي ڪوڙي عورت آهي ۽ جڏهن هوءَ پرڏيهي وزير هئي ته سندس عهدي جو استعمال هن سياسي فائدي لاءِ ڪيو هو. هن چيو ته هليري امير ٿي رهي آهي ۽ توهان کي غريب بڻائي رهي آهي. هن چيو ته بل ڪلنٽن صدارت تان هٽڻ بعد هڪ خيراتي ادارو قائم ڪيو ۽ ان لاءِ ڪروڙين ڊالر جا عطيا وصول ڪيا. ٽرمو چيو ته بل ڪلنٽن ۽ هليري سڄي دنيا ۾ ان فائونڊيشن جي انتظام هيٺ ليڪچر ڏنا ۽ انهن جي مد ۾ 153 ملين ڊالر ڪمايا ۽ سڄي رقم پنهنجي ذاتي مشهوري ۽ پنهنجي سياسي پارٽي جي پروپيگنڊا لاءِ استعال ڪئي.
6-
عوامي نيشنل پارٽي جي سينيٽر شاهي سيد سينيٽ چيئرمين کي خط لکي چيو آهي ته منهنجي حياتي کي خطرو آهي.پنهنجي خط ۾ شاهي سيد وڌيڪ چيو آهي ته دهشتگرد تنظيمن پاران ڌمڪيون ملي رهيون آهن، ان ڪري حياتيءَ کي خطرو اهي. سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. سينيٽر شاهي سيد کي خطري کي نظر ۾ رکندي سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني گھرو وزارت کي خط لکي شاهي سيد کي سيڪيورٽي ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. سينيٽ چيئرمين گھرو وزارت کي لکيل خط ۾ چيو آهي هت سينيٽر شاهي سيد کي سيڪيورٽي يقيني بڻائي وڃي. هوڏانهن نامياري گلوڪار فخر عالم پڻ چيو آهي ته منهنجي حياتيءَ کي به خطرو آهي. هن چيو ته مون سميت ڪنهن کي به نشانو بڻائي سگھجي ٿو. سيڪيورٽي فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته ڪراچي جي ناليوارين شخصيتن کي سخت خطرا آهن. اسان سياستدانن کان وڌيڪ مشهور آهيون. فخر عالم موجب سيڪيورٽي خطرن کي نظر ۾ رکندي اسان کي به سياستدانن جيتري سيڪيورٽي ڏني وڃي.
7-
ڪوٽڙي ۾ روڊ حادثي ۾ ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا آهن. ڪوٽڙي سائيٽ جي علائقي گتا چاڙهي لڳ تيز رفتار ٽرڪ ۽ موٽر سائيڪل ۾ آمهون سامهون ٽڪر ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾لکو ، ڌاڻو ڀيل ۽ هڪ نامعلوم ماڻهون موت جو شڪار ٿي ويا واقعي بعد ٽرڪ ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو جڏهن ته فوتين جي لاشن کي تعلقا اسپتال ڪوٽڙي پهچايو ويو آهي.
8-
ڪوٽڙي ريلوي جنڪشن اسٽيشن تي مسافرن لاءِ سهولتن جي اڻاٺ آهي، جنهن ڪري ريلن تي سفر ڪندڙ مسافر پريشاني جو شڪار بڻيل آهي مسافرن کي ٿڌو پاڻي به نصيب نٿو ٿي، ٽوٽيون بڳل هجڻ جي ڪري مسافر ٿڌي پاڻي پيئڻ لاء به ترسي رهيا آهن،اسٽيشن تي بجلي وڃڻ کان پوء جنريٽر جو انتظام نه هئڻ ڪري سڄو پليٽ فارم اونداهو ٿي وڃي ٿوپاڪستان جي وڏن جنڪشن اسٽيشنن ۾ ڪوٽڙي به شامل آهي. جتي ڪا به سهولت مهيسر نه آهي.
9-
ضلعي ڪائونسل سکر جي ملازمن هڪ ڀيرو ٻيهر قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه جي گهر ٻاهران ڌرڻو هنيو. 19 مهينن کان پگهارون نه ملڻ خلاف ملازمن اسڪوٽرن ۽ سوزوڪين تي ا ريلي ڪڍي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هنيو .ان موقعي تي ضلع ڪائونسل ايمپلائيز ليبر يونين سنڌ جي صدر عبدالمجيد جسڪاڻي، طارق حسين، جميل احمد دايو، شاهد حسين، صداقت حسين ۽ ٻين چيو ته اسان کي گذريل 19 مهينن جون پگهارون ناهن مليون جنهن ڪري هو عيد ويجهو هجڻ ڪري سخت پريشان ٿي ويا آهن ۽ سندن ٻچڙا عيدلاءِ نون ڪپڙن کان محروم ٿي ويا آهن. جڏهن ته ڪرپٽ چيف آفيسر ۽ اڪائونٽنٽ پگهارن لاءِ آيل هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ رقم ملازمن کي ڏيڻ بدرانِ رقم هڙپ ڪرڻ جي چڪر ۾ آهن

هي به ڏسي سگهو ٿا

BhiryaRoad

نيوز | ڀريا روڊ: شهزادي قاسم گهوٽ جي مهندي جي سلسلي ۾ عزادارن پاران جلوس ڪڍيو ويو

ڀرياروڊ ۾ محرالحرام جي سلسلي ۾ شهزادي قاسم گهوٽ جي مهندي جي سلسلي ۾ هزارين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے