19 اربع , سيپٽمبر 2018

تعليم گهٽ هجڻ سبب ادب ذريعي تبديلي نٿي اچي: امير ابڙو

تعليم گهٽ هجڻ سبب ادب ذريعي تبديلي نٿي اچي: امير ابڙو

۽ مرد کي گڏ جدوجهد ڪرڻ کي تحريرن جو مقصد بڻايو

پنهنجي شاعري شاخ ۾ اڇلائي ڇڏي، ڪهاڻين ۽ ڪالمن ۾ پاڻ اظهاريو

سنڌ جو ڪيس اردو زبان ۾ پيش ڪرڻ لاءِ چينل آڻڻ گهرجن،پروگرام ۾ اظهار

ڪراچي (ٽي وي نيوز) ناليواري ڪهاڻيڪار، ناول نگار ۽ ڪالم نگار امير ابڙي چيو آهي ته رومانس ۽ مزاحمت منهنجي ادبي فڪر جا وڏا حوالا رهيا آهن، مون عورت ۽ مرد کي گڏجي جاکوڙڻ واري مقصد تحت گهڻو لکيو آهي، اهڙو اظهار هن عوامي آواز ٽي وي جي مشهور ادبي پروگرام ” تخليق “ ۾ ميزبان زرار پيرزادي سان ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته جيستائين مرد۽ عورتون گڏجي جدوجهد نه ڪندا تيستائين ڪا سماجي ۽ سياسي ترقي نٿي ٿي سگهي، هڪ سوال جي جواب ۾ امير ابڙي چيو ته مون شروع ۾ ٽن ڪتابن جيتري شاعري به ڪئي پر مون ان کي عوام ڏانهن منتقل ڪرڻ جي قابل نه سمجهي تنهن ڪري هڪ شاخ ۾ اڇلائي ضايع ڪري ڇڏيم پوءِ نثر ۾ لکڻ شروع ڪيم ڪهاڻيون لکيون ۽ هڪ ناوليٽ پڻ امير ابڙي چيو ته منهنجي پهرين ڪهاڻي عوامي آواز جي ادبي صفحي ۾ شايع ٿي هئي. ڪالمن بابت ڳالهائيندي امير ابڙي چيو ته مون ٻئي درجي جو ڪالم جي عنوان سان ڪالم لکيا جن ۾ ٻئي درجي جي زندگي گذاريندڙن جا موضوع ۽ ڪردار هوندا هيا، هڪ سوال جي جواب ۾ امير ابڙي چيو ته سنڌ جو ڪيس انگريزي ۾ پيش ڪرڻ لاءِ مون انڊس پبليڪيشن نالي ادارو ٺاهيو جنهن جي پليٽ فارم تان انگريزي رسالو ڪڍيم جيڪو ٽي سال هليو، هن چيو ته منهنجو خيال آهي ته اردو زبان ۾ به سنڌي ماڻهن کي چينل کولڻ گهرجن، جن ۾ سنڌ جو ڪيس اردو زبان ۾ پيش ڪجي، هن چيو ته سنڌي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ترقي جي به ضرورت آهي ۽ ان ۾ سنڌي ادارن يقينن پاڻ ملهايو آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ امير ابڙي چيو ته جيستائين سنڌي سماج مڪمل طور تي تعليم يافته نه ٿيندو، تيستائين ادب سان ڪا وڏي تبديلي نٿي اچي سگهي ڇاڪاڻ ته پڙهندڙ ۽ تعليمي طبقو محدود آهي، پروگرام ۾ امير ابڙي پنهنجي ڪهاڻي ۽ نثر جا چونڊ ٽڪرا پڻ پڙهي ٻڌايا

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | ڪراچي: سنڌ خلاف ٿيندڙ سازش کي گڏيل جدوجهد ذريعي ناڪام ڪبو: رياض چانڊيو

سنڌ درياهه تي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۽ پرڏيهين کي سنڌ جو شھري بڻائڻ واري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے