23 آچر , سيپٽمبر 2018

سنڌ بليٽن

*نامياري قوال امجد فريد صابريءَ کي پاپوش نگر قبرستان دفنايو ويو.
نامياري قوال امجد فريد صابريءَ کي پاپوش نگر قبرستان دفنايو ويو آهي. سندس جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي. امجد صابريءَ کي پنهنجي والد غلام فريد صابري جي ڀر ۾دفنايو ويو.

* سنڌ جي سينيئر سياستدان رسول بخش پليجي جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي سان سندس چيمبر ۾ ملاقات.
قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ رسول بخش پليجي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سجاد علي شاھ سان سندس چيمبر ۾ ملاقات ڪئي. رسول بخش پليجي، ايڊوڪيٽ اويس علي شاھ جي اغوا جي واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيف جسٽس کان اجازت گھُري ته کيس اويس شاهه جي آزاديءَ لاءِ احتجاج يا هڙتال اجازت ڏني وڃي. جنهن تي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ سجاد علي شاھ کيس جواب ڏنو ته هڙتال يا احتجاج بدران منهنجي پٽ جي بازيابي لاءِ دعا ڪئي وڃي.
رپورٽ: ماريه اسماعيل

* سکر ميونسپل ڪارپوريشن نئين تعلقي کي ايڊمنسٽريٽر بدران اسٽور آفيسر هلائڻ لڳو.
سکر ميونسپل ڪارپوريشن نئين تعلقي کي ايڊمنسٽريٽر بدران اسٽور آفيسر هلائڻ لڳو، سياسي اثر رسوخ رکندڙ اسٽور آفيسر جي حڪم کان علاوه ڪوبه ڪم نه ٿيندو آهي، ميونسپل نئين تعلقي جي سينئر ملازمن کي نظرانداز ڪندي 3 سال اڳ ڀرتي ڪيل سفارشي جونيئر ملازمن کي ترقيون ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. جڏهن ته المهراڻ مزدور يونين جي عهديدارن ميونسپل انتظاميا خلاف احتجاج پڻ ڪيو، ان موقعي تي، مير حسن، نور نبي، شاهد حيدري ۽ ٻين چيو ته گذريل ٻن مهينن دوران نئين تعلقي سکر ۾سينئر ملازمن کي نظرانداز ڪندي غيرقانوني طور پهرين گريڊ جي ملازم بابر کي پنجون گريڊ، ساڳئي گريڊ جي انور ،عبدالرحمٰن ۽ جبار سميت 70 کان وڌيڪ مسلمان ڀرتي ٿيل آهن. سينيٽري ورڪرن کي پهرين گريڊ کان ترقي ڏئي پنجون گريڊ ڏنو ويو آهي. هنن چيو ته ترقيون ماڻيندڙ ڪيترن ئي ملازمن وٽ تعليمي ۽ هنري سرٽيفڪيٽ نه هجڻ باوجود کين سفارش تحت نوازيو ويو آهي.2012 ع ۾ عدالتي حڪم باوجود ڀرتي ٿيل ملازم ترقيون حاصل ڪري ويا آهن. پر ڪيترن ئي سالن کان ڀرتي ٿيل سينئر ملازم قربان جوڳي، حيدري، نور نبي، بندا علي ۽ مير حسن سميت 175 کان وڌيڪ ملازمن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. هنن چيو ته جيڪڏهن سفارشي ملازمن جون ترقيون رد نه ڪيون ويون ته ٻي صورت ۾ عدالت ۾ وڃڻ سميت احتجاجي دائرو وڌايو ويندو.
رپورٽ: ڪاشف ڦلپوٽو

* ميرپورخاص ۾ مبينا خانگي جيلن مان ھاري بازياب ٿيڻ جو سلسلو جاري
ميرپورخاص ۾ مبينا خانگي جيلن مان ھاري بازياب ٿيڻ جو سلسلو جاري آھي.ڦلھڏيون پوليس عدالتي حڪم تي ڦلھڏيون لڳ ٻن زميندارن امجد گل ۽ رمضان نھڙي جي مبينا نجي جيلن مان 17 ٻارڙن سميت 29ھارين کي آزاد ڪرائي ورتو آهي..آزاد ٿيل هارين کي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ميرپورخاص پھچايو ويو جتي عدالت سڳوري ھارين کي آزاد شھري قرار ڏيندي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
رپورٽ: هاشم شر

* واھي پانڌيءَ سميت ڪاڇي جي مختلف علائقن ۾پوليس جي پهري هيٺ وڻن جي واڍي جاري
واھي پانڌي سميت ڪاڇي جي مختلف علائقن م بي دردي سان وڻن جي واڍي جاري آهي. واھي پانڌي پوليس وڻن جي واڍي ڪري سنڌ جي وڏن شھرن ڏانھن منتقل ڪندڙ ٽريڪٽر ٽرالي وارن کان 500 رپيا منٿلي وٺڻ عيوض ڪاروائي ڪرڻ کان قاصر آھي جڏھن ته روزانو 20 کان 30 ٽراليون ڪاٺ سان ڀرجي وڃن ٿيون پر پوليس وڻن جي واڍي تي پابندي باوجود ڪاروائي نٿي ڪاڇي م ڪنڊي ۽ ڄار جي وڻن جي واڍي گذريل ھڪ ڏھاڪي کان جاري ھجڻ سبب ڪاڇي م وڻن جي نسل ڪشي ٿي رھي آھي سڃاڻ ڌرين ڊي سي دادو ۽ ايس ايس پي دادو کان گھر ڪئي آھي ته ڪاڇي م وڻن جي واڍي ڪندڙن خلاف ڪارووائي ڪري ناياب نسل جي وڻن کي بچايو وڃي.
رپورٽ: عنايت رستماڻي

* واھي پانڌي ۾ سيپڪو عملدارن 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ وڌائي ڇڏي، روزيدار پريشان.
واھي پانڌي م سيپڪو عملدارن 18 ڪلاڪن تائين لوڊشيڊنگ وڌائي ڇڏي آھي جنھن سبب روزيدار شديد گرمي م افطاري ۽ سحري ڪرڻ تي مجبو آھن. جڏهن ته ڪاروبار پڻ سخت متاثر بڻيل آھي عيد ويجھي ايندي ئي گرڊ اسٽيشن واھي پانڌي جي عملي رشوت طلب ڪرڻ لاء بجلي جي لوڊشيڊنگ م اضافو ڪري ڇڏيو آھي جنھن ڪري درزي عيد جا ڪپڙا سبڻ لاء پڻ سخت مونجھاري جو شڪار آھن ٻي طرف بجلي بند هئڻ سبب ر ٽيوب ويل نه هلڻ ڪري مرچن جو ٻيجارو سڙي رهيو آهي.
رپورٽ: عنايت رستماڻي

* لاڙڪاڻي ۾ پير ترڪڻ سبب ٻه معصوم ڀينرون رائيس ڪينال ۾ ٻڏي ويون.
لاڙڪاڻو ۾ رائيس ڪينال مان گذرڻ دوران پير ترڪڻ سبب ٻه معصوم ڀينرون روزينه ۽ شيرين پاڻي ۾ لڙھي ويون شھرين سخت ڪوششن بعد نينگرين کي پاڻي مان بيهوشي واري حالت ۾ ڪڍي چانڊڪا اسپتال آندو ويو .
رپورٽ: خالق مغيري

* جوابدان جي گرفتاريءَ لاءِ لاڙڪاڻي ۾ احتجاجي مظاهرو.
لاڙڪاڻو جي ڳوٺ واڌل خان ککراڻي ۾ پندرنهن ڏينهن اڳ هٿياربندن هٿان قتل ٿي ويل ڳوٺ جو چڱو مڙس واڌل خان ککراڻي ڪيس جي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ اڪبر ککراڻي، عباس، عامر علي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ايس پي چوڪ تي ٽائر ساڙي روڊ بلاڪ ڪرڻ بعد احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جتي مظاهرو ڪندڙن جو چوڻ هو ته واڌل خان ککراڻي جي قتل جو ڪيس ڪيٽي ممتاز ٿاڻي تي داخل ڪرايو ويو پر پوليس اڃا تائين جوابدارن کي گرفتار نه ڪري سگهي آھي هنن گهر ڪئي آھي ته ڳوٺ جي مڙس جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي.
رپورٽ: خالق مغيري

* برائيٽ فيوچر سوسائٽي جي پاران حڪومت کان گرجا گهرن جي سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو مطالبو.
حيدرآباد پريس ڪلب ۾برائيٽ فيوچر سوسائٽي جي اڳواڻن سيموسيل پيارا، نذير مسيحي ۽ بوٽا امتياز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي حڪومت کان چرچن جي سيڪيورٽي سخت ڪري، نادرا مان مسيحي برادري کي نڪاح نامه رجسٽرڊ ڪرائي ڏيڻ، سرڪاري ادارن ۾ مسيحي برادري لاءِ 5 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪرڻ سميت پشاور چرچ جي زخمين لاءِ 20 ڪروڙ روپيا امداد ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. هنن چيو ته وفاقي حڪومت هن وقت چرچن جي سيڪيورٽيءَ لاءِ ڪي به جوڳا انتظام ناهن ڪياکين خدشو آهي ته پشاور چرچ جيان ٻيهر دهشتگرد چرچن کي نشانو بڻائي سگهن ٿا.
رپورٽ: يوسف مير بحر

* حسين آباد ي رهواسي رشيد ملاح جي حڪومت ۽ وس وارن کي علاج جي اپيل.
حسين آباد جو رهواسي رشيد ملاح حيدرآباد پريس ڪلب پهچي وس وارن کي اپيل ڪئي آهي ته سندس علاج ۾ مدد ڪري سندس زندگي بچائي وڃي. هن ٻڌايو ته هو هڪ غريب ۽ مسڪين گهراڻي سان تعلق رکي ٿو، کيس گذريل 2 سال اڳ وات اندر گدود ٿي ويو آهي، جنهن جي علاج ۾ لکين روپيا خرچ اچن ٿا جيڪي هو ڀرڻ جي سگهه نٿو رکي.
رپورٽ: يوسف مير بحر

* لاڙڪاڻي ۾ غريبن ۾ عيد سوکڙيون ورهائڻ لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي.
ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي آف پاڪستان جي ميڊيا ڪوآرڊينيٽر فرزانه عباسي پاران بيواھ عورتن ۽ يتيمن ۾ عيد جون سوکڙيون ورهائڻ واري تقريب ٿي. شاهنواز ڀٽو لائبريري ۾ ٿيل تقريب ۾ پنجاھ بيواھ عورتن ۽ يتيم نياڻين کي راشن، ڪپڙا ۽ ھڪ هزار روپيا عيدي ڏني وئي ان موقعي تي مهمان خاص صحافي ايس اقبال بابو تقريب کي خطاب ڪندي چيو غريب بيواھ عورتن ۽ يتيم نياڻين لاءِ عيد پيڪيج ڏيڻ هڪ سٺو قدم آھي جيڪي مستحڪم عورتون غربت سبب عيد نه پيون ڪري سگهن انهن جي سار لهي ڪري ان جي ڏک ۽ درد ۾ شامل ٿيڻ سان انسانيت جو درس ملي ٿو ان موقعي تي تقريب جي آرگنائيزر فرزانه عباسي آيل مهمانن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته بي سهارا عورتن جو سهارو بڻجڻ تي خوشي محسوس ٿي آھي ۽ اڳتي به اهڙيون تقريبون ڪوٺائي غريب ۽ بي پهچ عورتن جي مدد ڪئي ويندي.
رپورٽ: خالق مغيري

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | موري  ڀرسان لنجار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا قتل، 2 زخمي

موري  ڀرسان لنجار برادري جي ٻن ڌرين ۾ پاڻي جي واري تان جهيڙي جي نتيجي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے