19 اربع , سيپٽمبر 2018

اداڪارا ريما عمرو ادا ڪرڻ بعد فيمليءَ سميت ڏيهه پهچي وئي

02لاهور (شوبز نيوز) اداڪارا ۽ هدايتڪارا ريما پنهنجي مڙس ڊاڪٽر طارق شهاب ۽ پٽ محمد ارضلان سان عمرو ادا ڪرڻ کان پوءِ فيمليءَ سميت خانگي دوري تي پاڪستان پهچي وئي آهي. اداڪارا ريما جي پاڪستان پهچڻ کان پوءِ سندس مٽن مائٽن پاران سندس گھر پهچڻ جو سلسلو به شروع ٿي ويو هو ۽ مختلف ماڻهن کان کيس دعوتن تي به سڏيو پي ويو. ذريعن کان معلوم ٿيو آهي ريما پاڪستان ۾ رهڻ دوران جتي پنهنجي ويجھن مائٽن سان ملاقات ڪندي اتي هڪ فلم ٺاهڻ بابت به ڪجھه ماڻهن سان ملاقاتون ڪندي. ٻئي طرف چند ڏينهن کان پوءِ ريما ٻڌايو ته واشنگٽن کان پاڪستان واپسي کان اڳ عمرو ادا ڪرڻ جي لاءِ سعودي عرب ويا هئاسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شاهه عبداللطيف ڀٽائي

ڀَلائي آهِينِ، پِرِين ڀَلائيءَ پانهنجي، سَٻاجها سِرِ چَڙهيو، ڏوراپو نه ڏِينِ، مان ڏي مَديُون ٿِينِ، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے