24 سومر , سيپٽمبر 2018

پاناما ليڪس تي ان حد تائين نه وينداسين جو ٽين قوت کي موقعو ملي: خورشيد شاهه

Khurshid-Shah2اسلام آباد(ع آنيوز) مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته پي ٽِي آءِ ۽ پي اي ٽي جا اڳي وارا ڌرڻا اسڪرپٽڊ هئا، پاناما ليڪس تي ان حد تائين نه وينداسين جو ٽين قوت کي موقعو ملي. نجي ٽي وي چينل جيو نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته عمران خان ۽ طاهر القادري جا ڌرڻا اسڪرپٽڊ هئا. انهن ڌرڻن تي گھڻا ماڻهو ڪاوڙيل هئا. هن چيو ته ڌرڻن سان جمهوريت ۽ ملڪ کي نقصان پهتو. هڪ سوال جي جواب ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته پاناما ليڪس تي ان حد تائين نه وينداسين جو ٽين قوت کي موقعو ملي،  جيئن 88ع 90 ۽ 93ع ۾ ڏٺوسين. پاناما ليڪس تي ٽين قوت کي نه گھرائينداسين. 37

هي به ڏسي سگهو ٿا

سرڪاري آفيسرن جي ٻٽي شهريت بابت درخواست جو فيصلو محفوظ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ سرڪاري آفيسرن جي ٻٽي شهريت بابت پاڻمرادو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے