22 ڇنڇر , سيپٽمبر 2018

ميرپورخاص ۾ سئو فوٽ ڊگهين قبرن وارو قبرستان

ميرپورخاص ۾ هڪ اهڙو قبرستان آهي جنهن ۾ 100 فٽ کان وڌيڪ ڊگهيون قبرون آهن. نوري حضوري قبرستان ميرپورخاص کان 16 ڪلو ميٽرفاصلي تي کاڻ لڳ قائم آهي. درگاه نوري ۽ حضوري جون قبرون تمام قديم آهن پر ٻنهي جي قبرن جي ڊيگه 100 فٽن کان وڌيڪ آهي. هن قبرستان ۾ سون جي تعداد ۾ قبرون آهن لڳ ڀڳ ڪيترائي ماڻهو هن درگاه تي پنهنجي من جون مرادون کڻي ايندا آهن ۽ پَڙ پڻ وجهندا آهن. عوامي آواز ٽي وي جي ٽيم جڏهن درگاه نوري حضوري تي پهتي ته اتي هڪ قديمي وڏو قبرستان نظر آيو هڪ مجاور پڻ آهي جيڪو اڪثر مزدري تي ويندو آهي. هن قديمي قبرستان نوري ۽ حضوري جون قبرون 100 فٽ ڇو آهن ؟ هي ڪير آهن؟ ان تي تحقيق ٿيڻ جي ضرورت آهي.
رپورٽ : هاشم شر

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيوز | چمبڙ: عاشوري جي موقعي تي ماتمي جلوس ڪڍيو ويو

چمبڙ ۾  عاشوري جي موقعي تي مرڪزي ماتمي جلوس ڪڍي ڪربلا جي شهيدن کي ڀيٽا …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے