23 اڱارو , مئي 2017

هري دلگير جو جنم ڏينهن

هري درياڻي دلگير جو جنم 15 جون 1916ع ۾ لاڙڪاڻي شهر جي هڪ عامل خاندان ۾ ٿيو، هن ابتدائي تعليم سرڪاري اسڪوله لاڙڪاڻي مان حاصل ڪئي. بي ايس سي، ڊي جي سنڌ ڪاليج، ڪراچيءَ مان پاس ڪيائين. پوءِ اين اي ڊي انجنيئرنگ ڪاليج ڪراچيءَ ۾ داخلا وٺي، بمبئي يونيورسٽيءَ مان بي اِي BE سول ڊگري حاصل ڪري سرڪاري نوڪريءَ ۾ گهڙيو. هري دلگير سن 1958ع ۾، ورهاڱي کان پوءِ سڄا سارا يارهن سال پاڪستان ۾ رهڻ بعد سنڌ کي هميشه لاءِ الوداع ڪري، ڀارت آيو، هوائي جهاز مان لهندي، پهرين بمبئيءَ پوءِ پونا پهتو ۽ پوءِ آديپور اچي وسائي . سن 1959ع کان تولاڻي انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پرنسپال جي عهدي تي رهي سن 1979ع ۾ رٽائر ڪيو.

عروضي علم جي ڄاڻ لاءِ هري دلگير اُستاد شاعر نواز علي جعفري نياز جي شاگردي قبول ڪئي، جنهن کيس شاعريءَ جا نفيس نُڪتا ۽ زبان جي اهميت کان روشناس ڪرايو.

هن جي ڪوتا جي ٻولي سرس، سليس ۽ روانيءَ سان پُرِ آهي. هن جا مکيه شعري مجموعا آهن، ڪوڏ (1942)، ماڪ ڦڙا- نارائڻ شيام سان گڏ (1953)، موج ڪئي مهراڻ (1966)، پل پل جو پرلاءُ (1977)، رولو آواز (1984) جهنگلي گل (1988)، لهرن لک لباس(1993)، اڪيلو چنڊ (1998)، جيءُ جيءُ ڙي جيءُ (2001)، گاه کليا گس گس (2002) وغيره، ” پل پل جو پرلاءُ“ شعري مجموعي تي هري دلگير کي 1979ع ۾ مرڪزي ساهتيه اڪاڊميءَ جو ايوارڊ به عطا ٿيل آهي.

هري دلگير جي ابتدائي دور ۾ ئي اعليٰ شاعرن سان صحبت ۽ محبت رهي. هري دلگير جي غزلن تي فارسيءَ جو اثر نه برابر آهي. شروعاتي دور ۾ سنڌي غزل کي فارسي يا اردو ماحول مان ٻاهر ڪڍڻ ۾ هري دلگير نمايان رول ادا ڪيو آهي. هري دلگير جا گهڻا غزل مسلسل آهن، جن کي پنهنجي نزاڪت آهي، هو خيال کي دهرائڻ کانسواءِ، غزل ۾ مرڪزي خيال جو سلسلو برقرار رکندو اچي ٿو. هو غزل جي راويتن جو به برابر خيال رکي ٿو.

هند ۾ اچڻ سان، هري دلگير هيءُ غزل لکيو
ڪنهن به هاڃي تي ڪڏهن هياءُ نه هاري ويٺس
هاءِ هن ويل مگر پاڻ وساري ويٺس

هري دلگير سنڌيءَ جو پهريون جديد شاعر آهي، جنهن سنڌيءَ ۾ ڪيترائي سهڻا، سٺا گيت تخليق ڪيا آهن، ۽ موسيقي، ميٺاج، سلاست ۽ رواني، هري دلگير جي گيتن جي خاص وصف آهي. گيتن ۾ مصراعن جو جوڙ ۽ قافين جي بناوت به عمدي اٿس:

او مٺڙي او پياري جيجل،
او ٻهڳڻ ٻاجهاري

تنهنجي ڇلندڙ ڇاتيءَ تي مون

پنهنجي ٻيڙي تاري سنڌو،

”ترائيل” جي صنف کي سنڌي زبان ۾ متعارف ڪرائڻ جو شرف هري دلگير کي آهي. چئن چئن سٽن جي ٻن بندن واري هن صنف ۾ ڪُلُ اٺ سٽون هونديون آهن. هن ۾ پهرين، ٽئين ۽ پنجين سٽ هم قافيه هونديون آهن، ٻين ۽ ڇهين سٽ وري پاڻ ۾ هم قافيه ٿينديون آهن. پهرين سٽ ۽ چوٿين سٽ ساڳيون هونديون آهن ۽ وري پڇاڙيءَ ۾ پهرين ۽ ٻئي سٽ، ستين ۽ اٺين سٽ ورجايون وينديون آهن، ان دهراءَ مان مضمون کي هٿي به ملندي آهي ته ان ۾ خوبصورتي به ايندي آهي. هري دلگير جو هيٺيون ترائيل ڪافي مشهور آهي.

لطف خود لئه نه، ٻين لاءِ جيئڻ ۾ آهي
چنڊ اوندھ ۾ رهي، جڳ کي ڏئي ٿو چانڊاڻ

جو پيارڻ، ۾ مزو، سونه پيئڻ ۾ آهي
لطف خود لاءِ نه، ٻين لاءِ جيئڻ ۾ آهي،

دل ٽٽڻ سان به گل ڪيئن نه ڏئي ٿو سرهاڻ
سو مزو ناهه وٺڻ ۾ جو ڏيڻ ۾ آهي

لطف خود لئه نه، ٻين لاءِ جيئڻ ۾ آهي
چنڊ اوندهه ۾ رهي، جڳ کي ڏئي ٿو چانڊاڻ

88 سالن جي عمر ۾ قلمڪار هري دلگير جو قلم اوچتو يارهين اپريل 2004ع تي ماٺ ٿي ويو. انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي جي اڱڻ ۾ نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگويج طرفان منعقد هڪ پروگرام ۾ پنهنجي زندگيءَ جي آخري ڏينهن صدارتي تقرير ۾ چيو هئائين.

“ سنڌي ٻولي فونڪس پکيءَ جيان آهي جيڪو آڪاش جي اوچاين ۾ سج جي تپش ۾ جلي، ڀسم ٿي زمين تي ڪري پوندو آهي پر وري پنهنجي ئي رک مان نئون جنم وٺي. اڏامڻ لڳندو آهي، سنڌي ٻولي به هميشه زنده رهندي”.

شمار ٿئي ٿو چڱن شاعرن ۾ اڄ دلگير
ڪمال آهي سو ”بيوس“ ۽ نياز پارن جو

اسڪرپٽ: جڳديش لڇاڻي

هي به ڏسي سگهو ٿا

vlcsnap-2017-05-23-13h48m53s169

عوامي آواز |نيوز بليٽن

پاناما ڪيس:جَي آءِ ٽي وزيراعظم لاءِ سوالنامو تيار ڪري ورتو   دهشتگرديءَ خلاف مسلم ملڪن …

تبصرو ڪيو

توهان جي اي ميل ايڊريس ظاهر نه ڪئي ويندي